مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

باهه جي متاثرين جا ڪجهه واقعا:

باهه جي متاثرين جا ڪجهه واقعا:
منيٰ جي انهي باهه جي واقعي بابت حج ڪرڻ دوران، يا حج ادا ڪرڻ بعد مڪي ۾ دوستن وٽان جيڪي اکئين ڏٺا احوال ٻڌڻ ۾ آيا، سي هتي ئي نوٽ ڪري ٿو ڇڏيان.
1. جڏهن مزدلفي واري پاسي موجود جبلن تي باهه کان جان بچائڻ لاءِ ماڻهو چڙهي رهيا هئا ته، ڪيترا اهڙا به هئا جيڪي جبل تي چڙهندي ٿڙهي ويا ٿي ۽ پوءِ ٿڙهڻ سان ئي بولاٽيون، قلابازيون کائيندا هيٺ ڪرندا ويڙهبا اچي ٻرندڙ تنبن ۾ڪريا ٿي ۽ سڙي شهيد ٿي ويا ٿي.
2. اسان جي دوست حافظ محمد خان سومري صاحب ٻڌايو ته، لطيف آباد حيدر آباد جا چار ماڻهو پيء پٽ ۽ ٻه سندن گهر واريون به حج تي آيل هيون جڏهن منيٰ واري باهه لڳي ته، مردن يعني پيء ۽ پٽ پنهنجي پنهنجي گهر واري ٻانهن کان وٺي ڀڄي نڪرڻ جي ڪئي. پر جيئن ته عورتن تي باهه جو خوف طاري ٿي ويو هو، سي ته گهلڻ جي باوجود به هلي نه پيون سگهن، هوڏانهن وري مردن جو پويان ڏٺو ته، باهه طوفان وانگر ڪاهيندي پئي اچي ته هيڪاري عورتن کي ڇڪيائون پر اهي ويچاريون ڊپ جي ڪري وک ورائڻ جي به سگهه وڃائي ويٺيون هيون. نيٺ انهن ٻنهي پيء ۽ پٽ پنهنجي گهر وارين مان هٿ ڪڍي پنهنجو سر بچائي وٺي ڀڳا. اڃا ٿورو ئي ڀڄي اڳتي ٿيا ته پويان عورتن جون رڙيون ٿيون. پوئتي لوڻو هڻي ڏٺائون ته، باهه انهن عورتن کي وڪوڙي وئي هئي ۽ چند منٽن جي رڙين کانپوءِ اهي ٻئي عورتون سڙي رک ٿي ويون.
3. هڪ دوست ٻڌايو ته، اسان ڀڄڻ وقت هڪ اهڙو مئل ٻار به ڏٺو هو جنهن کي ماڻهن لتاڙي ۽چپي ماري ڇڏيو هو جنهن جا آنڊا ٻاهر نڪتا پيا هئا.
4. هڪ عورت کي باهه جڏهن ويجهو اچي پهتي ته، اها ماءُ پنهنجي ڪڇ تي کنيل ٻار اڇلي (باهه جي بلي ڪري) ڀڄڻ لڳي هئي.
5. سائين حافظ محمد خان ٻڌايو ته، مون سڙيل لاشن جا ڍير ڏٺا هئا جن جي حالت اهڙي هئي جو ڄڻ سڙيل ڪاٺين جو ڍير، نه ڪا سڃاڻپ نه ڪا نشاني. ٿلهي، اڀري حَسين ڪوجهي، بيمار ۽ چڱي ڀلي جو ڪوبه فرق ڪونه هو، ڪوبه عضوو سلامت ڪونه هو.
6. حافظ صاحب ٻڌايو ته، باهه کان ڀڄڻ وقت هڪ هنڌ آئون به ٿڙهي ڪري پيو هئس ۽ ڪي منٽ ته پٽ تي بي پهچن وانگر پيو رهيس. پنهنجو موت يقيني سمجهي انهي حال ۾ ڪلما پئي پڙهيم ته اوچتو قدرت پاران توفيق ملي ۽ ٽپ ڏيئي وٺي ڀڳس. جڏهن آئون اها جاءِ ڇڏي ڀڄي ويس ته ٿورن ئي منٽن ۾ باهه انهي جاءِ تي اچي پهتي جتي آئون ڊٺو پيو هئس، پر جيئن ته قدرت کي بچائڻو هو انهي ڪري آئون خير سلامتي سان بچي ويس.
7. تنبن جي هر حلقه (بلاڪ) ۾ حاجين جي سهولت لاءِ وهنجڻ، وضو ڪرڻ، ڪپڙن ڌوئڻ، پيشاب ۽ ڪاڪوس لاءِ پڪا مضبوط ڪمرا ٺهيل آهن، جن جي مٿان پاڻي جي وڏي ٽانڪي به آهي. جيڪي ماڻهو انهن جاين ۾وڃي لڪا هئاسي خدا جي مهرباني سان زنده سلامت محفوظ رهيا حالانڪه باهه انهن جاين جي چوڌاري پکڙيل تنبن ۾ چوٽ تي ٻري رهي هئي.
8. مڪتب 16 جو هڪ حاجي باهه لڳڻ وقت پنهنجي تنبو ۾ سجدي جي حالت ۾ تسبيح، دعا ۽ استغفار ڪري رهيو هو. جڏهن باهه لڳي ته سندس ساٿين چيس ته، سجدو ختم ڪر، اٿي ڀڄ! ٻاهر نڪر، باهه لڳي وئي آهي متان سڙي مري نه وڃين!! پر هن ڪنهن جي به ڪجهه ڪونه ٻڌي بلڪه بي ڊپو ٿي پوري اطمينان سان سجدي ۾ استغفار ۽ تسبيحون پڙهندو رهيو، تان جو انهي تنبو کي باهه اچي وڪوڙيو ۽ اهو سجدي جي حالت ۾ پيل حاجي سڙي رک ٿي ويو. جڏهن باهه وساڻي ته، انهي حاجي جي سڙيل لاش کي ڏٺو ويو ته، سندس سڙيل هڏا به ائين ئي سجدي واري حالت ۾ هئا. يعني ته باهه لڳڻ وقت اهو حاجي سڳورو نه چُريو نه ڪي ڦٿڪيو هو بلڪه نهايت سڪون سان خدا جي راهه ۾ شهيد ٿي ويو.
مون کي اهو واقعو ٻڌي ياد آيو ته، شهيدن کي شهيد ٿيڻ وقت ايترو ايذاءُ ايندو آهي جيترو ماڪوڙي جو ڪنهن کي چڪ لڳي. جيتوڻيڪ ڏسڻ وارو ماڻهو شهيد کي وڍبو ٽڪر ٿيندو، مرندو ۽ ڪسندو پيو ڏسي، ۽ شهيد جون ٻانهون ٽنگون ڪافر دشمن هٿان هڪ ٻئي کان ڌار ٿينديون پيو ڏسي، پر خود جنهن جا عضوا خدا جي راهه ۾ وڍجي رهيا آهن ۽ اهو مري جان ڏيئي رهيو آهي تنهن کي ايترو ايذاءُ اچي ٿو جيترو ماڪوڙي جي چڪ جو سور ٿئي ٿو. بس انهي کان وڌيڪ شهيد في سبيل الله کي تڪليف محسوس ئي نه ٿي ٿئي. اها ڳالهه ته سورهن آنا سچ آهي پر سائين ايتري ايماني قوت به جنهن ۾ هجي!، سڀ ته اهڙا صابرين ۽ ثابت قدم ناهن!!
اسان ته ڪُٽي وارا مجنان آهيون، رت وارا مجنان ڪونه آهيون!!! الله تعاليٰ شل اسان جي ايماني قوت مضبوط فرمائي ۽ سندس آزمائش ۽ امتحان کان بچائي ڇو ته اسان ۾ ڪوبه جهلو ڪونهي. جيڪڏهن الله تعاليٰ کي اسان جي آزمائش منظور هجي ته کانئس سوال آهي ته، صبر ۽ استقامت جي توفيق به ڏئي.
اللهم وفق لنا لما تحب و ترضيٰ، و ثبت اقدامنا علي الايمان مادُ منا حيا. آمين.
مذڪوره حاجي صاحب جيڪو سجدي ۾ سڙي ويو هو تنهن جو تعلق ميرپور خاص سنڌ سان هو.
9. هڪ دوست چيو ته، مون سڙيل لاشن جا ڍير ائين ڏٺم، جيئن ڪنهن ڊهي ڍير ٿيل بلڊنگ جي سڙيل سامان جو چڱو خاصو دڙو هجي، پوءِ لاشن جي انهي ڍير کي بلڊوزرن ذريعي کڻي گاڏا ڀري روانو پئي ڪيو ويو.
10. هڪ شخص چيو ته، مون ڪيترا ٻار ۽ عورتون مئل ڏٺيون جن کي ماڻهن چپي ماريو هو ۽ سندن آنڊا، اوجهريون ٻاهر نڪري پيون هيون.
11. هڪ همراهه چيو ته، هڪ هنڌ ويهارو کن لاش هڪ ٻئي مٿان پيا هئا، جيڪي سڀ سڙي چڪا هئا. سمجهه ۾ هيئن ٿي آيو ته، اهي ماڻهو بجلي جي عارضي ڪنڪشن مان شاڪ لڳڻ ڪري هڪ ٻئي ۾ قابو ٿي ويا هئا. شايد هن طرح جو اتي موجود ڪنڪشن جي تارن ۾ ڪو لنگهندڙ حاجي وچڙي ويو هوندو ته اهو بجلي جي ڪرنٽ ۾ قابو ٿي ويو هوندو، وري ٻيا ڀڄندڙ ماڻهو انهي قابو ٿيل تي چڙهي پير رکي لنگهيا هوندا يا انهي ڪرنٽ ۾ جهليل همراهه کي ڪنهن نمونه هٿ وڌو هوندائون تان جو اهي سڀ قابو ٿي بجلي ۽ باهه جي لپيٽ ۾ اچي مري ۽ سڙي ويا هوندا.
12. هڪ همراهه ٻڌايو ته، ڪيترا ماڻهو باهه جي ڄڀي ۽ دونهين وگهي به مئا هئا.
13. هڪ دوست ٻڌايو ته، اسان ان وقت موجود هئاسون جڏهن اهي لاش ڍوئيا پئي ويا. وڏن ٽريڪٽرن ۽ ڪرينن ذريعي سڙيل لاش ائين پئي ڍوئيائون جيئن عام طرح ٽريڪٽر ڪيڻ ذريعي مٽي ڍوئي ويندي آهي. انهن لاشن سان گڏ سڙيل تنبو، پائپ، ڪن ڪچرو ۽ بجلي جو سڙيل سامان وائرون وغيره به گڏ گهلجي ڍوئجي رهيون هيون. جيڪو ميڙي وڏن ٽرالرن ۾ وڌو پئي ويو.
ممڪن آهي ته، واقعي واري هنڌان انهي طرح صفائي ڪئي وئي هجي ۽ پوءِ سڙيل ڪاٻاڙي جي ڪن ڪچري مان انساني لاشن کي الڳ ڪري غسل، ڪفن ۽ جنازه نماز جهڙا ضروري احڪام ادا ڪري پوءِ انهن لاشن کي دفنايو ويو هجي. وڌيڪ خدا ڄاڻي ته لاشن جي تدفين ڪيئن ٿي اسان پنهنجي اکئين ته انهن کي دفن ڪندي ڪونه ڏٺو هو البت خبرون ته ڪئين ٻڌڻ ۾ پئي آيون.
14. حافظ محمد خان سومري صاحب ٻڌايو ته، اسان ڏٺو هو ته، عرفات ۾ مزدورن کوٽائي پئي ڪئي. جڏهن کانئن پڇيو سون ته اتي کوٽائي ڇو ٿا ڪريو؟ ته وراڻيائون ته، “منيٰ ۾ سڙي مري ويل ماڻهن جا لاش هتي دفنائينداسون.” اسان جو انهي ڳالهه مان هي اندازو آهي ته، عرفات ۽ مزدلفه جي ميداني علائقن طرف، منيٰ ۾ سڙي شهيد ٿي ويلن کي اجتماعي قبرن ۾ دفنايو ويو هو.
15. حاجي گل محمد لغاري مسڻ وڏي واري ٻڌايو ته، اسان جو مڪتب نمبر 15 هو. جيتوڻيڪ اسان جو مڪتب باهه جي لپيٽ کان بچي ويو پر هڪ عجب جهڙي ڳالهه هي ته، اسان جي مڪتب وارن تنبن ۾ عمر ڪوٽ جي پاسي جو هڪ پوڙهو شخص اکين کان نابين، ذات جو مهر به هو. تنهن پنهنجو احوال ٻڌايو ته، جڏهن باهه لڳي ۽ ماڻهو تنبن مان پنهنجو سر بچائي ڀڄڻ لڳا ته آئون اڪيلو رهجي ويس. اوچتو ڪي ماڻهو آيا، جن مون کي اتان کنڀي کڻي کنيو ۽ تنبن مان ٻاهر ڪڍي ويا، پوءِ جڏهن باهه وسامي وئي ته وري اچي انهي تنبو ۾ ڇڏي ويا. مون کي خبر ناهي ته، اهي ڪير هئا ۽ ڪيڏانهن ويا. مون سان گڏ مٽن مائٽن مان ڪوبه ڪونه آيو هو، آئون ته حج تي اڪيلو آيو هئس.
مطلب ته ڪيترائي عجيب ۽ لڱ ڪانڊاريندڙ واقعا ٻڌڻ ۾ آيا جن مان ڪجهه مٿي لکيا اٿئون.