مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مڪي شريف پهتاسون:

مڪي شريف پهتاسون:
پوڻين ٻارهين وڳي ڌاري اسان کي پهرئين معلم محمد احمد صباغ مڪتب 21 بدران، ڪمال احمد دانش مڪتب 17 جي آفيس اڳيان آڻي لاٿو ويو. اسان کي معلم طرفان ٻانهن ۾ سڃاڻپ خاطر چوڙي جهڙا ريگزين جا هيڊي رنگ وارا پٽا ٻڌا ويا جن تي مارڪر سان نان گروپ جي اشاري طور N.G (اين جي) لکيل هو. انهن پٽن تي عربي ٻوليء ۾ معلم جو پتو، آفيس جو فون نمبر وغيره ڇپيل هو. اهو هن مقصد لاءِ ته، جيڪڏهن ڪو حاجي سڳورو ڪٿي گم ٿي وڃي ته ڪنهن به سعودي سپاهي يا سعوديه جي مقامي ماڻهو کي انهي ڀليل حاجيء کي سندس معلم واري آفيس تائين پهچائڻ ۾ آساني ٿئي. ڇو ته عام طرح اسان جي ملڪ جا حاجي سڳورا، مڪه ۽ مدينه کان اڻ واقف هئڻ ڪري روڊ رستي ۽ شهر بازار ۾گهمندي ڦرندي ڀلجي ويندا آهن، اهڙيء صورت ۾ کين ڪو اردو ٻوليء وارو نه ملندو آهي ته پوءِ عربي نه ڄاڻڻ جيڪري ڏس پتو پڇڻ ۾ سخت ڏکيائي ٿئي ٿي.
معلم طرفان ٻانهن جي پٽي کانسواءِ هڪ ننڍڙو سڃاڻپ ڪارڊ ريگزين جي ڌاڳي ۾ ٻڌل ڏيئي چيو ويو ته، اهو پنهنجي ڪنڌ ۾ هار وانگر پائي ڇڏيو. معلم جي ايجنٽن جو چوڻ هو ته، سعوديه حڪومت ٻاهرين ماڻهن تي ڪڙي نظر رکندي هر گهڙي سخت چيڪنگ ڪري ٿي غير قانوني رهندڙ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي هڪ ڏينهن ته ڇا پر هڪ ڪلاڪ لاءِ به برداشت نه ٿي ڪري. بهرحال اسان ڪمال دانش واري آفيس جي فوٽ پاٿ تي سامان سوڌو بس مان لٿاسين ته معلم جي آفيس وارن فوٽ پاٿ تي گلم وڇائي ڇڏيا هئا، جن تي سامان رکي ويهي رهياسون. اڃا مس ويٺاسين ته، برسات جي هلڪي ڦڙ ڦڙ شروع ٿي. مون دل ۾ سوچيو ته، برڪت واري شهر ۾پهچندي رحمت واري ڦڙ ڦڙ جو پوڻ، قدرت واري طرفان اسان لاءِ پنهنجي بي حساب نوازشن ڪرڻ جو هڪ سنگل آهي.
بيشڪ اهي ڪرم ته هن مالڪ جا آهن، جنهن اسان جي ڪمزورين ڪوتاهين کي در گذر ڪري باوجود هن جي جو اسان سندس پاڪ گهر جي ديدار جا لائق به نه هئاسون پر پوءِ به ايڏي عطا! ايڏي سخا!! حالانڪه اسان جا افعال ته اهڙا آهن جو اسان ته زنده رهڻ جا به حقدار ڪونه هئاسون. غالب سچ چيو هو ته،
کعبہ کو کس منہ سے جائو گے غالب شرم تم کو مگر نہیں آتی
غالب کي آفرين هجي، جنهن پنهنجن ڪڌن ڪرتوتن جو اعتراف ڪري پنهنجي پاڻ کي حق ۽ سچ چئي ڏنو ته، غالب! تون اهڙن افعالن سان ٿو حج تي وڃڻ ۽ ڪعبه جي ديدار ڪرڻ جا ارادا ڪرين، توکي ته شرم ئي نه ٿو اچي. جمع واري سڄي ڏينهن ۽ ڇنڇر رات جي آڌيء تائين جي سفر صفا ٿڪائي ڇڏيو هو. اڃا ٽنگون سڌيون ڪري سامان تي ٽيڪ لڳايو ويٺا هئاسون ته ٿوري دير ۾ معلم جي آفيس وارا رات جي ماني پلاسٽڪ جي ٿيلهيء ۾کڻي آيا. پٺاڻن وارا نان، قيمو، مٽرن جو ٻوڙ جيڪو پلاسٽڪ جي پيالي ۾ پيڪ ٿيل هو سو سامهون رکي چئني ساٿين گڏجي کاڌو. اسان سان گڏ ساڳي مڪتب 17 جا ٻيا به ڪيترائي حاجي سڳورا بس مان لٿا هئا. ماني کائي واندا ٿي ڪجهه گهڙي ساهي پٽي پوءِ سومهڻي نماز لاءِ معلم واري آفيس ۾ وڃي وضو ڪري نماز پڙهي سون. جيئن ته اسان ريگيولر اسڪيم تحت حج فارم نه ڀريو هو بلڪه اسپانسر اسڪيم وارا هئڻ ڪري معلمن جي اصطلاح مطابق نان گروپ وارا هئاسون. انهي ڪري اسان جي رهائش جو ذمو يا جاءِ هٿ ڪري ڏيڻ جي جوابداري معلم تي نه هئي انهي ڪري هڪ وڳي ڌاري اتان کان 10 ريالن ۾ ٽيڪسي ڪري سامان رکي سوار ٿي حرم شريف جي باب عبدالعزيز جي ڀر ۾ محله مسفله ۾ قصر نسيم لاجنگ هوٽل تي آياسون. مذڪوره قصر نسيم جي مالڪ حافظ حفيظ الرحمان وٽ اسان جي مسواڙي جاءِ جو انتظام هو. ڇو ته حاجي عبدالخالق سومري صاحب اسان جي پهچڻ کان اڳ ان کي اسان جي چڱي طرح پارت ڪري ڇڏي هئي. حاجي عبدالخالق سومري جا حافظ حفيظ الرحمان سان سٺا تعلقات آهن.
قصر نسيم ۾ داخل ٿياسون ته، اندر ويٺل هڪ رياستي اسان کان حال احوال ورتو. اسان چيو ته، اسان حاجي عبدالخالق سومري جي علائقي جا آهيون، حاجي صاحب طرفان اسان کي چيل آهي ته، توهان قصر نسيم وڃي حافظ حفيظ الرحمان وٽ رهجو، انهي ڪري هتي آيا آهيون. اها ڳالهه ٻڌي هن فون کڻي حافظ حفيظ الرحمان سان ڳالهايو ته، جن ماڻهن بابت توهان کي حاجي عبدالخالق سومري سفارش ڪئي هئي سي همراهه پهچي ويا آهن. ٿوريء دير ۾ حافظ صاحب آيو ۽ اسان سان وڏي محبت ۽ خنده پيشاني سان مليو.
خبرون چارون پڇي چيائين ته، مانيء جي ضرورت هجي ته، گهرائي وٺون. پر اسان کيس سختيء سان منع ڪئي ته وري انهي نوڪر کي چيائين ته، جلدي چانهه تيار ڪر پر کير ڪجهه وڌيڪ هجي ته جيئن همراهه تازا ٿين. واقعي مون کي ان وقت چانهه پيئڻ جي ڏاڍي ٻاڙ لڳي هئي، حافظ صاحب جهڙوڪر منهنجي دل جي ترجماني ڪئي هجي. چانهه پيئڻ کانپوءِ اسان حافظ حفيظ الرحمان کي چيوسون ته، هينئر هي سامان ۽ پيسا ڏوڪڙ توهان وٽ رکي اسان وڃي ٿا عمرو ادا ڪريون، پوءِ صبح جون ڳالهيون صبح سان. حافظ صاحب اسان جي اها ڳالهه پسند ڪئي ۽ سامان ڏوڪڙ وغيره کيس حوالي ڪياسون.
اسان جو اهو پهريون ميزبان حافظ صاحب اصل پاڪستان جي سرائيڪي واري علائقي جو آهي. سندس ٻولي به رياستي سرائيڪي آهي. هتي مڪه شريف ۾ کيس ڊگهو عرصو رهڻ ڪري رهائش مليل آهي. جنهن ڪري هو ٻارن ٻچن سميت رهي ٿو. حافظ صاحب نهايت با اخلاق سنجيده ماڻهو آهي سنڌي ٻولي به سمجهي ٿو پر ڳالهائي نه ٿو سگهي. سندس همدردانه جذبه ۽ سنجيده طبيعت مون کي ڏاڍو متاثر ڪيو، سندس ڄمار ڪرڙوڍ آهي.