غار حرا جي سامهون:
ڪلاڪ ڏيڍ جي سخت مشقت آميز جدوجهد کانپوءِ وحي جي پهرين منزل (غار حرا) جي در تي اچي پهتو هئس، فلله الحمد. زيارت دوران معلوم ٿيو ته، غار حرا جي ڊيگهه اندازا ً چار گز ۽ ويڪر پوڻا ٻه گز کن هوندي. (والله اعلم) زائرين حاجي سڳورا غار حرا تي نفل جي ادائگي لاءِ پنهنجي نمبر جي انتظار ۾ هئا، پر اتي بيٺي بيٺي منهنجو ذهن غار حرا جي شاندار ماضي ڏي ذري گهٽ چوڏهن سو سال (يعني 1387ورهيه) پوئتي هليو ويو. اهو ڇهين صدي عيسوي جو زمانو آهي، جڏهن نه رڳو غار حرا وارو علائقو (مڪو شريف) عربستان سميت گمراهي جي گهور انڌيري ۾ گهيريل هو بلڪ پوري دنيا جهالت جي اونداهي ۾ ڀٽڪي، ٿڙي ٿاٻڙي رهي هئي.
هي غار هڪ عظيم يادگار آهي، جيڪو اسان کي اهو دور ياد ڏياري ٿو جڏهن دنيا ۾ جهالت جو راڄ هو. وهم وسوسن، بي جان پٿرن، وڻن ٽڻن، سج چنڊ تارن، ٽيڙن ڪتين، جنن ڀوتن، ملائڪن ۽شيطانن جي پوڄا واري وبا هر هنڌ عروج تي هئي. ڪائنات جي حقيقي خالق ۽ مالڪ ڏي ڪنهن جو به ڌيان ڪونه هو. ماڻهو ظاهر پرستي ۾ اچي پنهنجو عقل ۽شعور وڃائي چڪا هئا. زميني نظام جو هلائيندڙ پٿر جي خدائن (بتن) کي سمجهيو ٿي ويو ته، آسماني نظام جي واڳ ستارن جي هٿن ۾ هجڻ جو هر هنڌ اقرار ڪيو ٿي ويو. مطلب ته غار حرا اهو دور ياد ڏياري ٿو، جڏهن دنيا هڪ وڏي اوڙاهه ۾ ڪرڻ واري هئي پورو انساني نسل تيزي سان خود ڪشي ۽ خود سوزي ڏانهن وڌي رهيو هو.