جميعت علماءِ هند جي اجلاس جي رپورٽ:
حرم شريف سان لاڳاپيل مواد بابت ڪتابن جي تلاش دوران منهنجي هڪ اهڙي ڪتاب تي نظر پئي جنهن ۾ فقط اهو مواد جمع ڪري ترتيب ڏنو ويو هو جيڪو حرمين شريفين جي تقدس بابت سڏايل اجلاسن ۽ احتجاجن متعلق هو. اٺاويهه هزار ست سو ستانوي نمبر وارو اهو ڪتاب کڻي کوليم ته، ان ۾ حرم بابت مڪي شريف، نئين دهلي، لنڊن، قاهره ۽ دنيا جي ٻين ڪيترن مشهور شهرن ۾ ٿيل اجلاسن ۽ احتجاجن جون ڪارروايون ذڪر ٿيل هيون. جن به پارٽين ۽ تنظيمن طرفان اجلاس يا احتجاج ڪيا ويا هئا، تن جي ليٽر پيڊ جون فوٽو اسٽيٽ ڪاپيون به ڪتاب ۾ شامل هيون. ڪتاب جا ڪجهه ورق ورائي ڏٺم ته، جميعت علماءِ هند طرفان نئين دهلي ۾ بتاريخ 8 نومبر 1987ع احتجاجي اجتماع جو تذڪرو سامهون آيون. جيئن ته منهنجي استادن حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري (جيڪو جميعت علماءِ هند صوبه سنڌ جي ورڪنگ ڪميٽي جو ميمبر هو) ۽ مولانا عبد الڪريم لغاري (فاضل ديوبند) جو تعلق جميعت علماءِ هند سان هيو، انهي نسبت جيڪري مون جميعت علماءِ هند جي انهي احتجاجي اجتماع جي فوٽو اسٽيٽ ڪاپي پڙهڻ شروع ڪئي. سڄي ڪارروائي جو خلاصو عنوان مان ظاهر آهي. “جميعت علماءِ هند جو احتجاجي اجتماع ايراني شرارت جي خلاف، جيڪا ايران جي تربيت يافته فوجين طرفان مڪي شريف ۾ ڪعبت الله شريف اندر 1986ع جي حج دوران مار ڌاڙ، هل هنگامي، قتل و قتال جي صورت ۾ڪئي وئي.” چئن صفحن تي لکيل احتجاجي اجلاس جي ڪارروائي ۽ قرار دادون شامل هيون. (حواله لاءِ ڏسو: ڪتاب الندوات التي عقدت حول قدسيت الحرمين الشريفين، رقم التسلسل 28797 مڪتبت الحرم المڪي الشريف.)
اهو ڪتاب ڏسڻ بعد مون کي اتي ياد آيو ته، اسان جي سنڌ جي مجاهد عالمن جهڙوڪ: حضرت مولانا محمد صادق ميمڻ کڏو ڪراچي، مولانا حاجي احمد ملاح بدين، مولانا عبد الحق نصرپور، مولانا محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي، ٻين ناميارن عالمن، بدين جي ويجهو لنواري جي پيرن پاران قائم ڪيل جڙتو حج خلاف وڏو جهاد ڪيو هو. نه رڳو جلوس، جلسا، احتجاج ۽ مظاهرا ڪيائون پر جڙتو حج جي “پانڌيئڙن” کي روڪڻ لاءِ ميدان ۾ لهي مقابلي لاءِ ڪفن ٻڌي سر تري تي رکي تيار ٿي بيٺا هئا. ان سان گڏ عالمن انهي جڙتو حج خلاف ڪتاب، رسالا، پمفليٽ ۽ تحقيقي مقالا به لکي شايع ڪرايا هئا. اهو لنواري ڳوٺ وارو ڪوڙو حج ائين هو جيئن ڪعبي شريف جي مقابلي ۾ يمن جي عيسائي بادشاهه ابرهه شيدي پنهنجو ڪعبو ٺاهيو هو. ۽ خدا جي هن پاڪ گهر ڪعبت الله شريف کي ڊاهڻ لاءِ وڏو لشڪر ۽ هاٿي وٺي مڪي تي ڪاهي آيو هو. پر انهي بادشاهه ۽ سندس لشڪر تي، خدائي لشڪر “ابابيل” پکين جي صورت ۾ ڪڙڪيو. انهن پکين جي چهنبن ۽ چنبن ۾ ڪڪريون هيون، جيڪي ابرهه شيدي جي لشڪر ۽ سندس هاٿين مٿان ميزائلين وانگر وسائڻ شروع ڪيون.
نتيجي ۾هاٿين جي ڀاڄ ۽ لتاڙ سبب لشڪر ائين چپجي لتاڙجي ويو هو، جيئن ڪو گاهه جانور کائي لتاڙي اولڙ ڪري ڇڏيندا آهن. اهڙي طرح ڪعبي جي مقابلي ۾ڪعبو ٺاهڻ وارو ۽ هن سچي ڪعبي کي ڊاهڻ وارو ابرهه شيدي ذليل ۽ بڇڙو ٿي هميشه لاءِ دوزخ جو ٻارڻ بڻيو. سنڌ جي مجاهد عالمن ابابيل وانگر پنهنجي همت ۽ جرئت سان ڪوڙي حج کي ٻنجو ڏيئي ڇڏيو. اڃا تائين انهي ايريا تي ڪورٽ پاران ڪُلف چڙهيل آهن. انهن اڳين عالمن کانپوءِ وارن لوئر سنڌ جي عالمن خاص ڪري سجاول، بدين، ٺٽو، حيدر آباد ۽ڪراچي جي عالمن ۽ ديني مدرسن جي شاگردن به انهي ڪوڙي حج جي ٻيهر شروع ڪرڻ خلاف جدوجهد ڪئي.
سنڌ جي عالمن لنواري جي ڪوڙي حج خلاف هڪ مستقل ديني جماعت “مجلس تحفظ حرمت حج” جو بنياد وجهي انهي سلسلي ۾ لڳاتار ڪوششون ۽ سرگرميون جاري رکيون، جيڪي اڄ تائين قائم آهن.
ڪاش! انهن بزرگن جي شعائر اسلام خاص ڪري حج جي تقدس جي سلسلي ۾ ڪيل ڪوششن بابت لٽريچر، مڪي شريف جي هن الحرم لائبريري ۾ موجود هجي ها ته، عرب دنيا جا اهل علم، سنڌ جي مجاهد عالمن پاران شعائر اسلام جي تحفظ ۾ ڪيل سرگرمين کان واقف ٿي سگهن ها! جيڪڏهن اڃا به اهڙي ڪوشش ڪري اهو مواد هن لائبريري ۾ جمع ڪرايو وڃي ته اهو اهم دستاويزي مواد هميشه لاءِ محفوظ ٿي ويندو. البت ايترو ضرور ڪرڻو پوندو جو انهي مواد جو عربي ۾ ترجمو ڪري اماڻيو ويندو، جيئن جميعت علماءِ هند وارن پنهنجي احتجاجي اجتماع جي ڪارروائي ۽ قرار دادن جو عربي ترجمو ڪري هن لائبريري ڏي موڪليو هو.
سنڌ ۾ عربي ٻولي تي عبور رکندڙ اهڙا ماهر عالم اديب هنڌين ماڳين موجود آهن جيڪي اها خدمت سر انجام ڏيئي سگهن ٿا. مثال طور مولانا حافظ غلام مصطفيٰ راڄپر عربڪ ليڪچرار گورنمينٽ ڊگري ڪاليج ڪنڊيارو، جناب مولانا ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو (فرزند ارجمند حضرت مولانا محمد قاسم سومرو مالڪ قاسميه لائبريري) ڪنڊيارو ۽ مولانا عبد الله کوسو(ڳوٺ دوست محمد کوسو گپچاڻي) ليڪچرار گورنمينٽ ڊگري ڪاليج شهداد پور ضلع سانگهڙ.
روزانو معمول مطابق حرم شريف جي باب فهد ٻاهران سامهون سرڪاري بسن جي اسٽاپ تان ٽڪيٽ گهر مان 2 ريال ٽڪيٽ وٺي بس ۾ ويهندو هوس ۽ اڌ ڪلاڪ کن ۾ لائبيري تائين پهچي ويندو هوس. لائبريري ۾ ملازمن کانسواءِ ڪو ورلي ماڻهو مطالعه ڪرڻ لاءِ ايندو هو. لائبريري جو ٽائيم صبح 8 وڳي کان 2 وڳي تائين هوندو هو، وچ ۾ اڳين نماز لاءِ وقفو ٿيندو هو ته، سڀئي ملازم ۽ آفيسر گڏجي لائبريري واري مين گيٽ کان اندر هال ۾ گلم وڇائي نماز باجماعت پڙهندا هئا. جڏهن نماز جي ادائگي ۾ فقط پنج منٽ باقي هوندا هئا ته هڪ ملازم منهنجي ويجهو اچي ”الصلواه! الصواه! ! (نماز! نماز! !) چئي هليو ويندو هو ۽ آئون لکڻ ڇڏي وڃي وضو ڪندو هئس ۽ نماز باجماعت ۾شامل ٿيندو هئس. اهڙي طرح لائبريري ٽائيم ختم ٿيڻ کان پنج منٽ اڳ ۾ هڪ ملازم اچي آگاهه ڪندو هو ته “لائبريري جو وقت ختم ٿي ويو آهي” پوءِ آئون پنهنجا ڪاغذ قلم سميٽي ٻاهر نڪري هليو ايندو هئس، جيڪڏهن ڪا بس ملندي هئي ته ٺيڪ نه ته، پيدل اچي حرم شريف ۾ دم پٽيندو هوس.