روانگي لاءِ اجتماعي دعا ۽ استاد صاحب طرفان الوداع:
30 مارچ 1997ع جي وچين نماز مهل، جماعتين کي مخاطب ٿيندي مدرسه مسڻ وڏي جي استاد مولوي محمد حسن لغاري چيو ته، “سڀاڻي 9 وڳي صبح جو مولوي محمد يامين شورو صاحب مسڻ وڏي کان سفر حج تي روانو ٿي رهيو آهي. کيس رخصت ڪرڻ لاءِ سڀئي ماڻهو جامع مسجد مسڻ وڏي ۾ پهچن ته جيئن مولوي صاحب کي اجتماعي دعا سان رخصت ڪريون.”
بابا سائين به نماز تي آيل هو تنهن انهي اعلان کانپوءِ کلي چيو ته، “اها وري ڪهڙي بدعت شروع ڪئي اٿو. ميان! وڃو ٿا حج تي ته پوءِ اعلانن اجتماعن جي ڪهڙي ضرورت. بس چپ چاپ هليا وڃو.”
سمهڻي نماز لاءِ جامع مسجد پهتس ته، هڪ ڇوڪر اچي چيو ته، توهان کي سائين مولانا عبدالڪريم صاحب جن سڏين ٿا ته سندن خدمت ۾حاضر ٿيس. فرمايائون ته “ابا! اسان تنهنجي فجر نماز کانپوءِ چانهه پارٽي ڪئي آهي سو اچي شريڪ ٿجو.”
مون سائين جن جي اها دعوت پاڻ لاءِ هڪ وڏو اعزاز سمجهو. ڇوته سفر حج جو آغاز هڪ عالم باعمل ۽ ولي ڪامل جي صحبت ۽ دعا سان ٿئي ته، يقيناً اهو سفر ابتدا کان آخر تائين بنا ڪنهن تڪليف جي خير خوبي سان پورو ٿيندو.
گهر اچي بابا سائين کي ٻڌايم ته، سڀاڻي فجر نماز کانپوءِ سائين عبدالڪريم صاحب الوداعي چانهه پارٽي ڪئي آهي ۽ ان کانپوءِ جماعت طرفان جامع مسجد ۾ 9 وڳي ڌاري الوداعي پارٽي آهي. توهان ته ضرور شريڪ ٿجو. بابا سائين وراڻيو ته، “آئون جماعت پاران ڏنل پارٽيء ۾ انشا الله شريڪ ٿيندس. البت فجر وقت مسجد ۾ پهچي نه سگهندس، انهي ڪري سائين مولوي صاحب پاران ڏنل چانهه پارٽي ۾شايد شريڪ نه ٿي سگهان.”
1- اپريل97ع جي فجر نماز کان فارغ ٿيس ته سج اڀرئي مهل مشفق ۽ مربي استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري صاحب طرفان مدرسه جي استادن شاگردن ۽ دوستن کي گهرايو ويو سڀئي سائين جن جي ڪمري ۾ اچي ويٺا مون کي به جلد پهچڻ جو اطلاع ڪيو ويو. سائين جن جي خدمت ۾ وڃي حاضر ٿيس. دسترخوان تي مختلف قسمن جا بسڪٽ ۽ مٺائي رکيل هئي. اها الوداعي تقريب مختصر، ساده مگر پر وقار هئي. هن تقريب ۾ شامل ٿيندڙن مان بعض جا نالا قابل ذڪر آهن. مولوي مير محمد لغاري، حافظ عبدالحق، مولوي امان الله ڪنڀار، محمد عمر سميجو، طالب سمون، محمد ايوب عادل خاصخيلي، زاهد ڪنڀار ۽ ٻيا. کائڻ پيئڻ کان واندا ٿياسين ته سائين جن مون کي مخاطب ٿي فرمايو ته، “منهنجي ڪابه فرمائش ناهي، فقط هڪ ڳالهه چوندس ته، جڏهن بيت الله شريف سامهون حاضر ٿيڻ جو موقعو ملي ته، ڪعبت الله شريف تي هڪ نظر وجهي رب العالمين کي عرض ڪجانء ته، اي الله! مسڻ وڏي جي مدرسه کي آباد رک. بس اها ئي ڳالهه چوڻي اٿم.” انهي کانپوءِ سائين جن سڀني دوستن کي مخاطب ٿي فرمايو ته،“اسان جو دوست ڀلي پار وڃي ٿو سڀئي گڏجي دعا گهرو ته، هن جو سفر خير عافيت سان مڪمل ٿئي”. سائين جن حافظ عبدالحق لغاري کي چيو ته، “حافظ صاحب! دعا ڪرايو! پوءِ حاضرين جا هٿ دعا لاءِ کڄي ويا. حضرت جن جي دعا گهرڻ وقت مون گنهه گار جي اکين مان ڳوڙها وسڻ شروع ٿي ويا. شايد اهو سندن دعا جو خصوصي اثر هو جيڪو آئون محسوس ڪري رهيو هئس. حضرت جن جي دعائيه جملن تي حاضرين گڏجي آمين آمين چوندا رهيا ۽ دعا ختم ٿي ته، پاڻ مون سان ڀاڪر پائي هٿ ملائي رخصت ڪيائون.
ٻاهر نڪري حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري جي فرزندن ميان خليل الرحمان لغاري (ايڊووڪيٽ)، ظهير الدين بابر، رياض احمد لغاري ۽ ظهير ڪنڀر سان جدا جدا ملاقاتون ٿيون.
گهر اچي ڀائرن، ڀيڻن کان موڪلايم ۽ کين چيم ته بابا جن کي چئجو ته، آئون جامع مسجد ۾ هوندس توهان به اتي اچجو، سموري جماعت اتي گڏ ٿيندي ۽ دعا گهرڻ بعد اتان کان روانگي ٿيندي، ائين چئي سفر حج جو سامان وغيره کڻي پنهنجي مدرسه واري ڪمري ۾ آڻي رکيم.
9 وڳي ڌاري جماعت ۽ ڳوٺ جا ماڻهو جامع مسجد ۾گڏ ٿيڻ لڳا. جن ۾ رئيس محمد خان لغاري، عبدالڪريم لغاري، بهادر لغاري، الهڏنو ڪنڀار، ڪاڪا محمد لغاري، محمد بچل ملاح، مولوي امان الله ڪنڀار، اقبال شيخ، عبدالخالق شيخ، حاجي محمد اسحاق لغاري، تاج محمد ڪنڀار، سليم ڪنڀار، حافظ عبدالحق لغاري، مولوي محمد حسن لغاري، عبد الحميد ڪنڀار، مولوي مير محمد لغاري، ڊاڪٽر عبد الرحمان ولد حاجي عبد الله لغاري ۽ ٻيا ڪيترائي شامل هئا.
مولوي محمد حسن لغاري پهرين ته حج جي فضيلت ۽ اهميت تي روشني وڌي ۽ آخر ۾ اجتماعي دعا ڪرائي. دعا وقت حاضرين جو تعداد ڪافي هو. دعا جي اختتام تي رئيس محمد خان لغاري سڀني جماعتين کي چيو ته، منهنجي طرفان سڀني کي سائين يامين جي مان ۾ الوداعي چانهه پارٽي جي دعوت آهي انهيء ڪري سڀئي دوست سائين يامين واري ڪمري (مدرسه جي دفتر) ۾ هلي ويهن. جيئن ئي سڀ دوست اچي ڪمري ۾ ويٺا ته چانهه سان گڏ مٺائي جو وڏو ٿالهه به آڻي رکيو ويو. مون چيو ته رئيس محمد خان! توهان ته چانهه جي دعوت ڏني هئي هتي ته چانهه سان گڏ مٺائي به اچي حاضر ٿي آهي! تنهن تي رئيس وراڻيو ته، سائين! پهرين مٺو وات ڪريو ته پوءِ چانهه پيئون. ڀر ۾ ويٺل ڪنهن دوست چيو ته سائين! هيء مٺائي اڄوڪي الوداعي تقريب جو الائونس آهي تنهن تي ڪافي دوست کليا. ويٺل سڀني دوستن ۾ مٺائي ورهائي وئي ته، مون بابا سائين کي ويٺل نه ڏسي الهڏني ڪنڀار کي چيو ته، بابا لاءِ مٺائي الڳ ڪري رکو، هو اجهو ٿو اچي. اڃا مٺائي الڳ ڪري رکي سون ته مٿان باباسائين به پهچي ويو. سڀئي دوست مٺائي ۽ چانهه کان واندا ٿياسون ته اسان اٿڻ لڳاسون ته بابا سائين فرمايو ته، آئون اجتماعي دعا ۾ پهچي نه سگهيو هئس انهيء ڪري سڀ ويهو ۽ دعا گهرو. دعا کانپوءِ بابا سائين کان موڪلايم ته پاڻ وڏي آواز ۾ فرمايائين ته، سفر خير سان پورو ٿيندو چڱو في امان الله.
مون موڪلائڻ لاءِ ڪيترن دوستن سان گلي ملڻ جي شروعات ڪئي پر انهن سڀني چيو ته، اسان اسٽينڊ تائين توهان سان گڏ هلندا سون.