مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

آغاز فريضه حج:

آغاز فريضه حج:
سعوديه ۾ هجري ڪيلينڊر مطابق ذوالحج مهيني جو ٻيو اڱارو هو، يعني ته 8 تاريخ هئي. جڏهن ته ساڳي ڏينهن تي پاڪستان ۾ 6 تاريخ هئي. ڇو ته، پاڪستان ۾ سعوديه کان هڪ ٻه ڏينهن پوءِ چنڊ ڏسبو آهي. پڙهندڙ واقف هوندا ته، 8 ذوالحج تي فريضه حج جا ارڪان شروع ٿي وڃن ٿا ته، اسان به اڱاري جي رات ايندي ئي حج جي ادائگي دوران گهربل ضروري سامان سهيڙڻ شروع ڪيو.
اٺين تاريخ جي رات گذرڻ ۽ پرهه ڦٽڻ جو اهڙي ته بيچيني سان انتظار ڪرڻ لڳاسون جيئن عيد جي چنڊ جو هر خاص و عام کي انتظار هوندو آهي. جيئن جيئن انتظار جون گهڙيون ختم ٿينديون پئي نظر آيون، تيئن وري منهنجي طبيعت هڪ ٻن ڏينهن کان لڳاتار بخار جي رفتار ۾ اوچتو تيزي ۽ شدت سبب ڪمزور ٿيندي پئي وئي. مون سوچيو ته، جنهن فريضه جي ادائگي لاءِ سالن کان سڪ سانڍي هئم، سو خبر ناهي ته، ادا به ڪري سگهندس يا نه! پر جنهن ڪارساز ڪريم جي سهاري تي هلندي سندس عظمت ڀري بارگاهه ۾ پهتو هئس تنهن جي ڪرمنوازي ۽ دستگيري سان ڪمزوري ۽ بخار جي باوجود پرهه ڦٽندي ئي فجر نماز کانپوءِ وهنجي اڳ ۾ پاتل سبيل ڪپڙن بدران احرام واريون چادرون پاتم ۽ نفل ادا ڪري حج جي نيت ڪندي لبيڪ اللهم لبيڪ پڪارڻ شروع ڪيم. اسان سڀئي ساٿي پنهنجو پنهنجو سامان کڻي معلم واري آفيس مڪتب نمبر 17 ڏي وڃڻ کان پهرين حرم شريف ڏانهن روانا ٿيا سون. واٽ تي سوين بسون روڊن تي هلندي نظر آيون، جن جي سامهون واري شيشي تي ٿلهن اکرن ۾ معلم جي مڪتب (آفيس) جو نمبر لکيل هو ته، جيئن انهي مڪتب وارا حاجي سڳورا بس سڃاڻي سوار ٿين. اسان حرم شريف پهچڻ کانپوءِ دربار خدا وندي جي حاضري ڀري، پوءِ حرم شريف جي اڀريندي پاسي حضور سائين جي پيدائش واري جاءِ (مولد النبي الشريف) جي ويجهو وڃي ويٺاسون ۽ پنهنجي هڪ ساٿي جاويد هزاروي کي مڪتب 17 جي آفيس ڏي موڪليو سون ته جيئن اتان معلوم ڪري اچي ته، اسان کي مڪتب جون بسون ڪهڙي روڊ تان کڻنديون؟ انهي اڱاري جي ڏينهن اپريل جي 15 تاريخ هئي. جيئن ته اهو ڏينهن يعني 8 ذوالحج فريضه حج جي ادائگي جو پهريون ڏينهن هو جنهن ۾ حاجي کي مڪي کان حج جو احرام پائي فجر نماز کانپوءِ مِنيٰ ڏي روانو ٿيڻو آهي ته جيئن اتي رهي اڳين، وچين، سانجهي ۽ سمهڻي نمازون پڙهي، ذڪر تسبيح تلاوت ڪري، دعائون گهري ۽ رات به مِنيٰ ۾ گذاري. مِنيٰ ۾ عبادت ڪندي 8 ذوالحج جو ڏينهن ۽ 9 تاريخ جي رات به رهڻ حج جي احڪامن ۾ “سنت” شمار ٿئي ٿو. مولد النبي جي ڀر واري روڊ تان ڪيتريون ئي بسون حاجي سڳورا کڻي مِنيٰ ڏي وڃي رهيون هيون.
اسان جي مڪتب 17 وارو نمبر ڪنهن به بس تي نظر نه ٿي آيو. اسان سان گڏ ٻيا به ڪيترائي حاجي سڳورا سوارين جي انتظار ۾ هئا، جن مان هڪ پنجاب جو پوڙهو به هو. جنهن ويچاري هر ايندي ويندي بس ڏي واجهايو ٿي. هر هر واجهائڻ ڪري کيس پنهنجي گوڏ واري چادر جي کلي وڃڻ ۽ اوگهڙ ظاهر ٿيڻ جو به پتو ڪونه پيو. اسان جي هڪ ساٿي کيس هڪل ڪري چيو ته، حاجي صاحب! بس ته ملي ويندي پر پهرين پنهنجي اوگهڙ ته ڍڪ. ميان هينئر حج جو احرام ٻڌو اٿئي ۽ حج اسلام جي فرضن مان هڪ اهم فرضي عبادت آهي، جيئن ٻين عبادتن لاءِ پاڪائي ۽ اوگهڙ ڍڪڻ فرض آهي تيئن حج لاءِ به فرض آهي. انهي خبردار ڪرڻ تي پوڙهي ويچاري استغفرالله پڙهي اوگهڙ ڍڪي اڃا پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهايوسون پئي ته اسان جو ساٿي جاويد هزاروي پهچي ويو.
جنهن اچي ٻڌايو ته، مڪتب وارا چون ٿا ته، توهان هتي آفيس ۾ پهچو. اهو ٻڌندي اسان پنهنجو سامان کڻي وڃي شعب عامر محله ۾ واقع مڪتب نمبر 17 ۾ پهتاسون. آفيس وارن چيو ته، اسان فون ڪيو آهي ۽ انشاءَ الله بس اجهو ٿي پهچي ۽ توهان کي خير خوبي سان مِنيٰ پهچائبو. ڪجهه انتظار ڪرڻ تي هڪ وڏي ايئر ڪنڊيشن بس آئي ۽ اسان کي انهي ۾ ويهاريو ويو. بس سڄي خالي پئي هئي ڇو ته مڪتب 17 جا فقط اسان ئي رهيل ماڻهو هئاسون جڏهن ته ٻيا اسان کان اڳ ۾ ئي روانا ڪيا ويا هئا. هن آيل بس ۾ اسان کانسواءِ ٻيا آفيس وارن جا چند ماڻهو به احرام ٻڌي بس ۾ چڙهيا ۽ بس رواني ٿي. روڊن تي ٽريفڪ جام هئي، انهي ڪري بس ڌيمي رفتار سان هلڻ لڳي. منهنجي طبيعت بخار سبب بنهه ڪمزور هئي ۽ وري آرامده ايئر ڪنڊيشن بس ۾ سندس نرم رفتاري ڏسي بس جي سيٽ تي آرام ڪرڻ خاطر ليٽي پيس. وچولي ڊگري واري ننڊ يعني اوجهراڻي ۽ نيم خوابي ۾ اهو سفر طئي ٿيو. مڪي کان مِنيٰ جو پنڌ 5 ميل/ 8 ڪلو ميٽر آهي.