مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

عربن سان پهرين ڪچهري:

عربن سان پهرين ڪچهري:
اوچتو ٻه ٿلها متارا قداور عرب اچي منهنجي ڀر ۾ ويٺا ۽ سامهون ويٺل هڪ پوڙهي عرب سان رهاڻ ڪرڻ لڳا. انهي پوڙهي عرب جا پٺا اگهاڙا هئا ۽ گوڏ ٻڌل هئس شايد احرام ۾ هو پر پٺن واري چادر اوڍيل نه هئس. انهن عربن کان آئون پٺيرو ڪعبه شريف کي سامهون ويٺل هئس تنهن تي هڪ عرب مون کي ڪلهي تي زور ڏيئي اشارو ڪيوته، اسان ڏانهن منهن ڪري ويهه. آئون انهي جي اشاري تي انهن عربن ڏانهن منهن ڪري ويٺس ته انهن ويٺل عربن هڪ گول نمونه جو حلقو ٺاهي چيو ته، سڀئي سورت ياسين پڙهو. اسان جي سامهون قرآن شريف رکيا هئا سو اسان سڀ سورت ياسين پڙهڻ لڳاسون. جڏهن سورت ختم ٿي ته، ويٺل عربن انهي پٺن اگهاڙي پوڙهي عرب کي چيو ته، تون دعا گهراءِ. اهو پوڙهو دعا گهرندو رهيو ۽ اسان سڀ آمين چوندا وياسون. گڏو گڏ آئون سنڌي ۾ به دعائون گهرندو رهيس. دعا ختم ٿيڻ کان پوءِ ويٺل عربن انهي پوڙهي عرب کي چيو ته، اسان کي حرم شريف جي تاريخ بابت ڪجهه ٻڌاءِ.
تنهن تي اهو پوڙهو چوڻ لڳو ته، مون ڪل 51 حج ڪيا آهن منهنجي ڄمار هينئر 85 سال آهي. هيل ٻاونجاهين حج تي آيو آهيان. منهنجو ملڪ يمن آهي. مون اهو دور ڏٺو هو جڏهن مسجد الحرام جي موجوده بلند بالا ۽ ڪشادي تعميرات جو نالو نشان به ڪونه هو. ڪعبت الله جي چوڌاري فقط پٿريلو ميدان هو. زمزم واري کوهه تي ڪابه اڏاوت ڪونه هئي. سامهون اهو بيت الله هو ته، پريان صفا پهاڙي هئي ته ان جي پريان وري مروه پهاڙي هئي. جڏهن صفا ۽ مروه وچ ۾ ڊوڙبو هو ته وڏي لاهي ۽ پهاڙين جي چڙهائي تمام ڏکي هوندي هئي. حقيقت ۾ سعي (صفا ۽ مروه وچ ۾ ڊوڙ) ته انهي دور واري هئي. باقي اڄڪلهه ته فقط هڪ رسم آهي. اسان ان وقت حج ڪياسون جڏهن يمن کان مڪي تائين ڪوبه روڊ رستو ڪونه هو.
جابلو علائقي سبب حاجين جي قافلن تي بدوين جا حملا ٿيندا هئا. اسان قافلن جي صورت ۾ گهوڙن، گڏهن يا اٺن تي مڪي شريف حج ڪرڻ ايندا هئاسون. باقي مڪو شريف اڄ ته يورپ لڳو پيو آهي. هر سهولت موجود آهي. انهي وچ ۾ پوڙهي ڪجهه ساهي کنئي ته مون کانئس نالو پڇيو ته چيائين ته، منهنجو نالو احمد آهي. تنهن تي ڀر ۾ ويٺل عرب مون کي چيو ته، هي ماڻهو شيخ احمد يمني جي نالي سان مشهور آهي. هتي هن کي هر ڪو ڄاڻي سڃاڻي ٿو. شيخ احمد يمني وري پنهنجي ڳالهه جاري رکندي چيو ته، جنهن جاءِ تي هن وقت مقام ابراهيم آهي اتي شايد حضرت ابراهيم جي قبر هئي. پوءِ ان کي ڊاٺو ويو ۽ فقط ان جو نشان باقي رکيو ويو جيڪو هينئر مَقام ابراهيم جي نالي سان اوهان جي اڳيان آهي. تنهن تي مون انهي شيخ احمد يمني جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ته، توهان اها ڳالهه ڪيئن ٿا ڪريو؟ جڏهن ته اها بي بنياد ڳالهه نه ڪنهن حديث مان ثابت آهي نه ڪي قرآن شريف مان، نه وري ڪنهن تفسير به ائين لکيو آهي!! آئون دعوا سان چوان ٿو ته، اها ڳالهه بلڪل غلط ۽ باطل آهي. تنهن تي اهو پوڙهو عرب هٻڪي بنهه خاموش ٿي ويو. منهنجي انهي اعتراض تي ڀر ۾ ويٺل ٻن عربن چيو ته، ڀلا تون کڻي ٻڌاءِ ته مقام ابراهيم ڇا آهي؟ مون چيو ته، مقام ابراهيم جيڪو اسان ۽ توهان جي سامهون آهي اتي هڪ پٿر رکيل آهي. اهو اُهو پٿر آهي جنهن تي بيهي حضرت ابراهيم ڪعبه جي تعمير ڪئي هئي. روايت مطابق ته جڏهن ڪعبي جون ديوارون مٿي ٿي ويون ۽ حضرت ابراهيم جا هٿ ديوار جي مٿئين ڇيڙي تي نه پهچڻ ڪري اوساري نه پئي ٿي سگهي، ڇو ته ديوار حضرت ابراهيم جي قد کان مٿي ٿي وئي هئي ته، حضرت ابراهيم رب پاڪ کي عرض ڪيو ته، مولا سائين هاڻي مدد فرماءِ! ته جيئن ڪعبه جي ديوار مقرر حد تائين مڪمل ڪري سگهان. رب سائين وحي ڪيس ته، تنهنجي ويجهو فلاڻو پٿر کڻ. انهي تي چڙهي اوساري ڪر. اهو پٿر تنهنجي حڪم جي تعميل ڪندو. جيڪڏهن توکي گهڻو مٿي ٿي بيهڻ جي ضرورت پوي ته، پٿر کي چئو ته، مٿي ٿي ته اهو پٿر فوراً ڦوڪجي مٿي ٿي ويندو. جي اڳتي وڌڻ جي ضرورت ٿئي ته، پٿر تان هيٺ نه لهه. ان کي حڪم ڪر ته اڳتي رڙهه، هو پاڻيهي اڳتي رڙهي ويندو پوءِ جڏهن انهي پٿر تان هيٺ لهڻو هجئي ته، ان کي حڪم ڪر ته، هيٺ ٿي ته وري ساڳي اصلي شڪل ۾ ننڍو پٿر ٿي ويندو ۽ پوءِ آرام سان هيٺ لهي وڃ. انهي پٿر تي معجزانه طور حضرت ابراهيم جي پيرن جا نشان ٿي ويا هئا جيڪي صدين تائين موجود هئا پر پوئين دور ۾ ماڻهن جي هٿ لائڻ سان اهي پيرن جا نشان ميٽجي ويا آهن. هينئر اهو پاڪ پٿر ڪعبه جي سامهون رکيل آهي جنهن تي اهو ٽامي جو گنبذ بنايو ويو آهي. انهي پٿر کي موجوده جاءِ تي هن ڪري رکيو ويو جو حضرت اسماعيل ۽ حضرت ابراهيم عليهما السلام ڪعبه جي تعمير کان فارغ ٿي طواف ڪرڻ بعد انهي جاءِ تي بيهي نفل ادا ڪيا ۽ دعائون گهريون هيون. شيخ احمد يمني کي مخاطب ٿي چيم ته، في المثل جيڪڏهن توهان جي چوڻ مطابق ته، مقام ابراهيم واري جاءِ تي حضرت ابراهيم جي قبر هئي ته، ان کي مقبره جي نالي سان سڏيو وڃي ها، حالانڪه ان کي ته مقام ابراهيم سڏيو وڃي ٿو. مَقام جي معنيٰ آهي بيهڻ جي جاءِ. مقبره جي معنيٰ آهي قبر جي جاءِ. جيڪڏهن اتي قبر هجي ها ته انهي کي سامهون ٿي نماز پڙهڻ، سجده ڪرڻ جو حڪم ڪيئن ڏنو وڃي ها ۽ اهو شرڪ جو ڪم به وري بيت الله شريف جي سامهون!! پاڪ پيغمبر ۽ سندس جمله اصحابن حجة الوداع جي وقت انهي مقام ابراهيم کي سامهون ٿي نفل اداڪيا ۽ نمازون پڙهيون. حضور سائين جي لاڏاڻي بعد هزارين اصحابن، تابعين، تبع تابعين ۽لکين اوليا ڪرام انهي جاءِ تي بيهي نمازون پڙهيون آهن. ڇا اهي سڀئي مقدس هستيون ڪنهن قبر کي سامهون ٿي سجداڪري سگهن ٿا؟ (ڪڏهن به نه!) اهو ته پڌرو شرڪ چئبو. حالانڪه اها ڳالهه قطعاً غلط آهي ته، اتي حضرت ابراهيم جي قبر هئي. بلڪه ان جاءِ تي فقط هڪ پاڪ پٿر رکيل آهي جيڪو حضرت ابراهيم جي ڪعبه تعمير ڪرڻ جو ياد گار آهي. منهنجي انهي موقف جي تائيد خود قرآن شريف ڪري ٿو. فرمايو ويو ته، “واتخذو امن مقام ابراهيم مصليٰ.”يعني ته، ابراهيم جي بيهڻ واري جاءِ کي نماز جي جاءِ بنايو.
منهنجي عربيء ۾ ڪيل گفتگو آيل عربن کي ڏاڍو متاثر ڪيو ۽ صحيح ڳالهه ٻڌائڻ ۽ سمجهائڻ تي هو ٿورا مڃڻ لڳا. پوءِ مون کي چيائون ته، تون عرب آهين؟ وراڻيم ته نه، آئون سنڌي آهيان. هن سال الله تعاليٰ مون تي خصوصي ڪرم ڪيوجو پنهنجي پاڪ گهر جي زيارت لاءِ گهرايو اٿس پوءِ پڇڻ لڳا ته تو عربي ڪٿي پڙهي آهي؟ مون چيو ته، سنڌ جي هڪ تاريخي ڳوٺ مسڻ وڏي ۾. تنهن تي چيائون ته، ڇا سنڌ ۾ اهڙي عربي پڙهائي وڃي ٿي؟ مون چيو ته ڇو نه!، ڇا سنڌي مسلمان ناهن؟ يا انهن کي پنهنجي پياري پيغمبر جي ٻولي سان پيار ڪونهي؟ انهن کان مون پڇيو ته، توهان ڪٿي جا آهيو؟ ته انهن مان هڪ چيو ته، اسان فرانس ۾ رهون ٿا. منهنجو نالو خليل آهي ۽ منهنجي هن ساٿيء جو نالو سعيد آهي هن سال حج تي آيل آهيون وري جلد ئي واپس فرانس وينداسون. انهي سموري ڳالهه ٻولهه کانپوءِ پوڙهي يمني عرب منهنجا ٿورا مڃيا ۽ چيائين ته، تو جيڪي ڳالهايو سو سچ ڳالهايو. حقيقت واقعي ائين آهي. مون کي ايترو علم ڪونهي. پوءِ هڪ ٻئي کان الوداع ڪري خدا حافظ چئي اٿياسون.