امام ڪعبه جو خدا جي خوف ۾ روئڻ:
ساڳي تاريخ 9 اپريل جي خميس رات (مطابق 3 ذوالحج) سمهڻي نماز مهل اسان سڀئي ساٿي (جاويد هزاروي، حافظ محمد خان سومرو، رحيمڏنو سمون، رئيس عبد الغني سومرو) هڪ ئي صف ۾ حرم شريف جي امام شيخ عبد الرحمان سُدَيس جي اقتدا ڪندي نماز جي حالت ۾ بيٺا هئاسون ته امام صاحب سورت فاتحه (الحمد شريف) کانپوءِ سورت مائده جو تيرهون رڪوع پڙهڻ شروع ڪيو ۽ جڏهن آيت “ما علي الرسول الا البلاغ والله يعلم ماتبدون وما کنتم تکتمون” پڙهڻ لڳو ته امام ڪعبه زارو قطار روئي پيو سندس دل ڏاريندڙ اوڇنگارون جڏهن حرم ۾ مسجد الحرام جي بلند بالا ديوارن سان ٽڪرائجي نمازين جي ڪنن تائين پهتيون ته، لکين مقتدي/ نمازين کي روئاڙي ڇڏيائون. شايد امام صاحب آيت جي مفهوم کي آڏو رکي پنهنجي موجوده حالت تي نظر وڌي هوندي.
ذاتي يا اجتماعي طرح مسلمانن جي دين کان فراريت خدا ۽ رسول جي بي فرماني جهڙن ڪمن کي مد نظر رکي الله جي حضور ۾ ڪعبه جي آڏو پاڻ کي انتهائي قصور وار ۽ ڪوتاهي ڪندڙ تصور ڪري، خدا جي غفاريت آڏو التجا ڪندي روئي پيو هو. هونئن به شيخ عبد الرحمان سُدَيس جي قرئت/ تلاوت جيئن ئي ٻڌندا هئاسون ته اسان کي ڪهي ڇڏيندو هو. دل سير وڌل ڪڪڙ وانگر پئي ڦٿڪندي هئي. مون انهي مان اندازو ڪيو ته، شيخ سُدَيس جي آواز ۾ انهي قسم جي تاثير جو بنيادي ڪارڻ سندس پرهيز گاري ۽ خوف خدا آهي. نه ته قرآن شريف الله تعاليٰ جو اُهو ساڳيو ڪلام آهي جيڪو ڪعبه جا ٻيا امام به نماز پڙهائڻ وقت پيا پڙهندا هئا پر انهن اسان کي ايترو متاثر ڪونه ڪيو. شيخ عبدالرحمان سُديس بقول شاهه ته،
ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اچي بوءِ بهار جي.
شيخ سُديس، قرآن شريف جي قرئت جو لب و لهجو آيتن جي معنيٰ ۽ مفهوم مطابق ڪندو هو يعني ته، جتي بهشت، انعام، خوشخبري واريون آيتون اينديون هيون ته، انهن کي اهڙي نموني پڙهندو هو جو ڄڻ هندوري ۾ ويٺل ماڻهو کي هلڪا جهوٽا کائيندي ٿڌڙي هير پئي لڳي يا ڪو بهار جي موسم ۾ ساوڪ ڀريل باغ ۾ ويهي فرحت ۽ سرور پيو حاصل ڪري. پر جتي دوزخ، عذاب جي ڌمڪين ۽ برن بدڪارن کي سزا ڏيڻ جي موضوع جون آيتون هونديون هيون ته اهي اهڙي رعب، دٻدٻي ۽ هڪل سان پڙهندو هو جو اسان ٻڌندڙ پيا ڏڪندا هئاسون جڏهن ڪنهن پيغمبر جو واقعو، قصو يا حضور سائين متعلق يا ڪعبته الله/ مسجد الحرام ۽ حج متعلق آيتون پڙهندو هو ته قرئت کي اهڙو رنگ وٺرائيندو هو جو ڄڻ آسمان تان اهي آيتون ڪعبه جي سامهون واري جبل ابو قبيس تي اجهو هاڻي نازل ٿي رهيون آهن. ان وقت آيتن جي گونج عجيب لطف پيدا ڪندي هئي. اڃا تائين جڏهن به ريڊيو يا ٽيپ رڪارڊ تان شيخ سُدَيس جي قرئت ٻڌندو آهيان ته منهنجي آڏو اهو ئي حرم وارو منظر اکين اڳيان اچي ويندو آهي.