روضي پاڪ جي زيارت جا آداب:
روضي پاڪ جي زيارت جي سڪ ۽ سڌ هر مسلمان جي سيني ۾ سدائين سمايل آهي. جنهن جو سبب هي آهي ته، روضي پاڪ جي سايه ۾ ٻنهي جهانن جو سردار آرامي آهي. ورنه ته، خود گنبذ جي ڪا به قيمت ڪانهي. ڇو ته مڪان جي سونهن، مُلهه ۽ مرتبو مڪين سان هوندو آهي. جيئن شيخ سعدي گلستان ۾ هڪ ڳالهه آندي آهي ته، هڪ دفعي ڪو بادشاهه ڪنهن غريب جي گهر آيو ته ان جي تمام گهڻي خوش مرحبا ڪرڻ بعد ڪچهري ٿي ته، غريب ميزبان جي پٽ بادشاهه کان سوال ڪيو ته، بادشاهه سلامت! توهان جي محلات جو مُلهه مٿي يا اسان جي هن جهوپڙي جو؟ بادشاهه مرڪندي چيو ته، محلات ٺاهڻ تي ته خزانا خرچ ٿيا آهن سا ته هن ڪکائين جهوپڙي کان وڌيڪ قيمتي آهي پر غريب جي پٽ وراڻيو ته بادشاهه سلامت! انهي محلات جو مُلهه ڪهڙو جنهن ۾ بادشاهه موجود نه هجي، پر اها جهوپڙي اهڙين سوين محلاتن کان مٿي آهي جنهن ۾ بادشاهه پاڻ رهاڪو هجي. اهو ئي ڪارڻ آهي جو گنبذ خضراء / روضي پاڪ جي زيارت جو شوق به حقيقت ۾ حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي ذات بابرڪات سبب آهي.
روضي پاڪ جي زيارت لاءِ چند ضروري آداب هي آهن ته، مدينه منوره پهچي سامان وغيره رکي، وهنجي يا وضو ڪري پاڪ صاف ڪپڙا پائي خوشبو لڳائي مسجد نبوي ۾ حاضر ٿئي. باب جبريل وٽان داخل ٿئي ته بهتر جي نه باب السلام، باب الرحمت، باب الصديق يا ڪنهن به دروازي مان داخل ٿئي. مسجد ۾ نهايت ادب ۽ احترام سان داخل ٿيڻ کان پهرين درود شريف پڙهي اللهم افتح لي ابواب رحمتڪ چوندي پهرين ساڄو پير مسجد ۾ رکي پوءِ کاٻو پير ۽ سڌو رياض الجنت ڏي وڃي، جتي ٻه رڪعتون تحيت المسجد نفل پڙهي. اتي نفل پڙهڻ افضل آهن پر جي رياض الجنت ۾ جاءِ نه ملي ته، ڪٿي به پڙهي وٺي. مگر بنان تحيت المسجد پڙهڻ جي روضي پاڪ ڏي نه وڃجي. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو ماڻهو مڪروه وقت ۾ پهتو آهي، اهو مسجد ۾ ڪنهن پاسي ويهي انتظار ڪري، مڪروه وقت گذري وڃي ته پوءِ نفل پڙهي، يا فرض نماز جماعت ٿي رهي هجي يا نماز قضا ٿيڻ جو ڊپ هجي ته، نماز فرض پڙهي انهي سان تحيت المسجد جو حق ادا ٿي ويندو. رياض الجنت ۾ نماز پڙهڻ نصيب ٿئي ته، خدا جو شڪر ادا ڪريو ۽ زيارت جي قبول ٿيڻ جي دعا گهرو. ادب سان هلي وڃي روضي پاڪ تي حاضر ٿيو. هيڏانهن هوڏانهن لوڻا نه هڻو. تڪڙا تڪڙا به نه هلو. زيارت واري ڄاري کي چنبڙي نه پئو. ڄاري کي چمڻ، هٿ لاهڻ به صحيح ڪونهي. هن ڳالهه جو خيال رکو ته، حضور اڪرم ﷺ جن پنهنجي قبر ۾ حيات آهن. زيارتي جو سلام ۽ ڪلام ٻڌن ٿا. سندن شان جو خيال رکندي هلڪي آواز سان سلام پڙهو. جيئن پاڻ ڪريمن ﷺ جي حياتي ۾ سندن اڳيان وڏي آواز سان ڳالهائڻ جي منع هئي تيئن هاڻي به وڏي سڏ رڙيون ڪري سلام پڙهڻ منع آهي. پاڻ ڪريمن ﷺ جي خدمت ۾ ڪهڙي به ٻولي ۾ صلوات و سلام پيش ڪيا وڃن ته پاڻ ﷺ خدا جي واسطي سان اهي سڀ سمجهن ۽ جواب ڏين ٿا. درود ۽ سلام کانپوءِ پاڻ ڪريمن ﷺ جي شفاعت لاءِ ڌڻي تعاليٰ کان سوال ڪريو ۽ پنهنجي دل جون تمنائون سندن خدمت ۾ پيش ڪريو. روضي جي حاضري وقت سامهون پتل جي ڄاري ۾ ٻه ننڍا گول دائرا ۽ هڪ وڏو گول دائرو نظر ايندو. انهي وڏي گول دائري وٽان پاڻ سڳورن ﷺ جو چهرو مبارڪ آهي. انهي هنڌ کي “مواجهه شريف” چئبو آهي. (يعني حضور اڪرم جي خدمت ۾ سامهون اچي بيهڻ جي جاءِ) انهي جاءِ تي بيهي ڪري جيڪو درود پڙهڻو آهي سو هي آهي. الصلواة و السلام عليڪ يا رسول الله الصلواة السلام عليڪ يا حبيب الله. انهي جاءِ کان هٽي دنيا جي ٻي ڪنهن به جاءِ تي اهو درود ۽ سلام پڙهڻ جي اجازت ڪونهي. البت ٻيا درود جهڙوڪ درود ابراهيمي وغيره پڙهي سگهجن ٿا. ڇو ته مٿيون درود ۽ سلام پاڻ سڳورن جي سامهون پڙهڻو آهي پر پٺ انهي درود پڙهڻ جي اجازت ڪونهي. جنهن لاءِ قرآن ۽ حديث جا شرعي دليل ۽ فقھ حنفي جا سڀئي معتبر ڪتاب شاهد آهن. باقي جيڪي ماڻهو روضي پاڪ کان پري پنهنجن ملڪن جهڙوڪ پاڪستان وغيره ۾ پڙهن ٿا تن کان شرعي دليل وٺجي. پر اسان کي يقين آهي ته قرآن ۽ حديث جو اهڙو ڪو به حڪم ڪونهي. شايد اهي ماڻهو سمجهن ٿا ته، نبي اڪرم ﷺ هر هنڌ اسان جي سامهون موجود آهي يا حاضر ٿي وڃي ٿو ته اها سندن پڌري غلطي ۽ شيطاني دوکو آهي ڇو ته هر هنڌ، هر ملڪ ۽ هر جاءِ تي حاضر، موجود ۽ سامهون رهڻ کي حاضر ناظر چئبو آهي سو ته فقط ڌڻي تعاليٰ آهي. جيئن قرآن شريف ۾ فرمايل آهي ته، و هو معڪم اينما ڪنتم. (اهو الله توهان سان هر هنڌ گڏ آهي، جتي به توهان هجو) اينما تڪونوا فثم وجھ الله. (جتي به توهان هوندا، اتي الله جي ذات موجود هوندي) وڌيڪ هي مثال ڪافي آهي ته خدا تعاليٰ جي هر هنڌ حاضر ناظر هجڻ جو دليل سندس جاءِ، گهر، مسجد جو دنيا ۾ هر هنڌ هجڻ آهي. باقي دنيا ۾ نبي سائين جو روضو پاڪ فقط هڪڙو آهي، جيڪو مدينھ ۾ مسجد نبوي جي احاطي ۾ آهي، ته پوءِ خدا تعاليٰ هر هنڌ حاضر ناظر ٿيو يا نبي سڳورو؟ بهرحال پاڻ سڳورن تي صلوات و سلام پڙهڻ بعد پنهنجن مٽن مائٽن. استادن طرفان موڪليل سلام به عرض ڪجن پوءِ پاڻ سڳورن جي ٻنهي يارن ڀلارن حضرت ابوبڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق تي به نهايت ادب سان سلام پڙهجن. واندو ٿيڻ تي هڪ پاسي بيهي قبلي رخ ٿي دعا گهري هليو وڃجي.