مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مزدلفه ڏانهن موٽ:

مزدلفه ڏانهن موٽ:
جڏهن سج پنهنجي تپش ۽ تاباني گهٽائي لهڻ جا سعيا ڪرڻ لڳو ته، حجاج ڪرام پنهنجو سامان سميٽي سهيڙي، عرفات جي ميدان کان ڪوچ ڪرڻ جو سانباهو شروع ڪيو.
اسان وٽ ڪو خاص سامان ڪونه هو فقط ٻه هلڪا ٿيلها جن ۾ مختصر بسترو، هڪ ٻه ٽوال، دوائون ڪي کائڻ پيئڻ جون شيون هيون، سي کڻندي بيٺل سوارين ڏي رخ رکيوسون. هڪ ڪوسٽر گاڏي واري عرب جي “تعال تعال” (اچو! اچو!!) ٻُڌي وڃي انهي گاڏي ۾ چڙهي ويٺاسين ڪوسٽر اندر ۽ مٿي جڏهن ماڻهن سان فل ٿي وئي ته، سج لٿي کانپوءِ سڀئي گاڏيون روانيون ٿيون جن ٿوري وقت ۾ اچي مزدلفه پهچايو. اسان مزدلفه جي مشهور مسجد “مشعر الحرام” جي ڀر واري روڊ جي ويجهو اوڀر طرف هموار پٿريلي زمين تي پنهنجا بسترا پکيڙي ٿانيڪا ٿياسين. جيئن عرفات جي وقوف وارو ميدان، سرڪار طرفان هموار ڪيو ويو آهي تيئن هتي مزدلفه ۾ به وقوف واري ايراضي هموار ٿيل آهي جنهن لاءِ سرڪار کي وڏي محنت ۽ وڏو مالي بوجهه برداشت ڪرڻو پيو آهي. ڇو ته هتي جابلو علائقو هئڻ ڪري زمين هموار بنهه گهٽ آهي پر حڪومت کي آفرين آهي جنهن اهو ڏکيو، محنت ۽ مشقت طلب ڪم به سهڻي نموني مڪمل ڪري حجاج ڪرام جي سال بسال وڌندڙ تعداد لاءِ آساني ڪري ڇڏي آهي. مزدلفه ۾ به عرفات وانگر هنڌين ماڳين پاڻي جي فراهمي جو بهتر انتظام ڪيل آهي. يعني ته چپه چپه تي پاڻي جون ٽانڪيون، وضو لاءِ انتظام ۽ ليٽرين ۽ باٿ روم وغيره تعمير ٿيل آهن. دل ۾ پهرين هي خيال آيو ته، اسان مسجد مشعر الحرام وٽ وڃي رهون پر پوري طرح جانچڻ کانپوءِ ڏسڻ ۾ آيو ته، مسجد جي آسپاس وڏي خلق لٿل هئي، انهي ڪري مسجد کان پر ڀرا ٿي ويهڻ کي مناسب سمجهي ويهي رهياسين. جيڏي مهل اسان اچي بسترا وڇايا هئا، ان وقت انهي جاءِ جي آسپاس ماڻهو ٿورا پهتل هئا پر پوءِ ماڻهن جي هڪ ٻئي پٺيان ٽولا ٽولا ٿي اچڻ ڪري اهو ميدان به وسندڙ آبادي جو ڏيک ڏيئي رهيو هو، ڊگهن ٿنڀن ۾ فٽ ٿيل تيز روشني وارين سرچ لائيٽن رات مان ڏينهن ڪري ڇڏيو هو. خدا جا شان! بجلي جي برق ريزي، جڳمڳائيندڙ جهرمر، ماڻهن جي هر طرف هلچل ۽ ويراني ۾ وسندي جهڙين ڪيترين ئي شين جي گڏجڻ ڪري بر ۾ بازاريون بنائي ڇڏيون مزدلفه جو هي ريگزار علائقو شايد 10 ذوالحج جي اڄوڪي رات کان علاوه سال جي باقي ٻين راتين ۾ اهڙي رڻ، پوٺي مثل هوندو جتي ڪوبه ماڻهو اڪيلو رات رهڻ به پسند ڪونه ڪندو.