مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

عمره جي ادائگي:

عمره جي ادائگي:
بهرحال قصر نسيم ۾ ئي وضو ڪري عمره لاءِ تيار ٿياسون. اسان جو هڪ ساٿي جاويد هزاروي شايد 1994ع ۾ اڳئي حج ڪري چڪو هو، هينئر ته هو پنهنجي پيء مرحوم هارون پاران حج بدل ڪرڻ لاءِ اسان سان گڏ آيو هو. انهي ڪري جاويد کي هتي جو واقف هئڻ ڪري چيو سين ته، تون اسان جو رهبر ٿي. سو اسان ان کي رهبر ڪري روانا ٿياسون.
قصر نسيم کان ٻاهر قدم رکيو سون ته سوڊيم ۽ مرڪري بلبن جي چانڊوڪيء کان وڌيڪ چمڪندڙ تيز روشنيء سبب رات مان ڏينهن لڳو پيو هو. جيئن ئي حرم جي ٻاهران اڱڻ تي پهتاسون ته ماڻهن جا انبوهه هجن. ايڏي رش هئي جو حيرت ٿي ته، هينئر رات جو ڏيڍ ٿيو آهي پر پوءِ به هيڏي رش! هر طرف ماڻهو ئي ماڻهو، مرد مايون، پوڙها ٻار. ڪٿي ڪٿي محتاج ۽ معذور به نظر اچي رهيا هئا. آئون ماڻهن جي ڇوليون هڻندڙ سمونڊ کي حيرت وچان ڏسندو ساٿين سان گڏ اڳتي حرم شريف ڏانهن وڌندو رهيس. حرم شريف جي اڱڻ کٽي وڃڻ تي سامهون مسجد الحرام جي ٻاهران چوڌاري قلعه نما ديوار آهي تنهن تي نظر وڌم ته، ان جي ظاهري تعميرات واري بلندي، عمدگي ۽ پختگي، جاه و جلال مون کي ايترو متاثر ڪونه ڪيو توڙي جو دل جي سختي ميڻ وانگر پگهربي پاڻي پاڻي ٿيندي وئي پر پوءِ به محض حيرت زده ڪرڻ کانسواءِ وڌيڪ متاثر ڪري نه سگهي. ڇو ته آئون گهڻو ڪري تعميرات جي بلندي ۽ فن تعمير جي مهارت کان جلد متاثر يا مرعوب نه ٿيندو آهيان، پر جيئن ئي ڦرندا ڦرندا باب السلام کان حرم ۾ داخل ٿياسون ۽ جنهن وقت ڪعبت الله شريف تي پهرين نظر وجهڻ مهل اسان جي دل جي جيڪا ڪيفيت هئي تنهن جو ذڪر قلم جي زبان سان تحرير ڪري نه ٿو سگهان، ڇوته دل جي ترجماني قلم ڪري نه ٿو سگهي. ڪعبت الله جي حقيقي عظمت، جاه و جلال، شان شوڪت مون کي ان وقت نظر آيو. هونئن ته اسان ڪعبت الله جون ڪاغذي تصويرون ڏسي دل ۾ هي تصور ڄمايو هو ته، ڪعبت الله هڪ جاءِ هوندي جيئن اسان وٽ جايون ٺهيل آهن. بس فرق هي آهي ته، اهو ڪعبت الله هڪ پيغمبر جي تعمير جو يادگار آهي ۽ هي جايون اسان پنهنجي هٿن سان ٺاهيون آهن. ٻيو ته، اسان جي جاين جي دروازي جي چانئٺ زمين سان لڳل آهي، پر ڪعبت الله جي دروازي جي هيٺين چانئٺ کي ماڻهو هٿ مٿي ڪري پوءِ به مس ڇوهي (هٿ لائي) سگهي ٿو. حالانڪه اسان جا اهي سمورا تصور غلط هئا. هتي ته رنگ ئي اور هو. ڪعبت الله شريف مٿان جن بي حساب برڪتن ۽ ري ڇيهه رحمتن جي بارش ۽ نوراني فيض جي پالوٽ ٿيندي رهي ٿي سا ته ڪعبت الله جي سامهون اچڻ کانپوءِ معلوم ٿئي ٿي. باقي ڏيهان ڏور مُلڪان پري ويهي اڻ ڏٺي شي بابت جيڪو به خيال يا تصور پيدا ٿئي ٿو سو حقيقت جي بلڪل ابتڙ هوندو آهي. روبرو اچڻ کانپوءِ ڪجهه نه ڪجهه صحيح اندازو ڪري سگهجي ٿو.
باب السلام مان داخل ٿيندي جيئن ئي ڪعبت الله تي پهرين نظر پئي ته آئون پنهنجو پاڻ وساري ويٺس. سموري دنيا اکين اڳيان اوجهل. اها به خبر نه پئي پوي ته آئون ڪير آهيان! ڪٿي جو آهيان!! بس پاڻ کي انتهائي قصور وار ۽ گنهه گار ڄاڻندي معافي لاءِ ٻئي هٿ کڻي با ادب عرض ڪرڻ شروع ڪيم. گناهن جو اعتراف ڪندي اکين مان ازخود پشيماني جا ڳوڙها وهڻ شروع ٿيا ۽ توبه جا ڪلما زبان تي جاري ٿيڻ لڳا. ڪوبه پورو جملو نه پيو نڪري. بس ڀڳي ٽٽي ٻوليء ۾ ڪعبه جي اڳيان رب ڪعبه کان بخشش ۽ مغفرت جي درخواست ڪندو رهيس. نظر ڪعبه تي ڄميل رهي، شايد اک به ڇنڀي ڪونه سگهيو هئس. انهي دوران منهنجي دل ڪنهن عجيب قسم جي ڪشش سبب ڪعبه جي طرف ڇڪجي رهي هئي. اها محبت ڀري ڇڪ ائين ڀانتم جيئن ماءُ پنهنجي ٻچڙي کي پنهنجي هنج يا ڀاڪر ۾ وٺڻ لاءِ ڇڪي کڻي ويجهو ڪندي آهي. هونئن به ڪعبت الله شريف روحانيت جو عظيم مرڪز هئڻ ڪري پر خلوص جذبا رکندڙ دلين کي پاڻ ڏي ڇڪيندو رهي ٿو، ته جيئن ٻانهن جو رحمت خداوندي سان وڌيڪ ويجهو قرب ٿئي ۽ کين بنان ڪنهن واسطي جي سڌو سنئون رحمتون ۽ برڪتون حاصل ٿي سگهن. سبحان الله! مون ڪميني تي ايڏي ڪرمنوازي!! جيڪڏهن قدرت واري جي ڪريمانه سخاوت ۽ اڻ ڳڻي عنايت جو مون تي پاڇو نه پوي ها ته ڪر آئون گنهه گار هيء سعادت ڪنهن به صورت ۾ حاصل ڪري نه سگهان ها. سبحانڪ ما اعظم شانه!
ڪعبه شريف تي پهرين نظر وجهڻ وقت بارگاه رب العزت ۾ دست بسته عرض ڪيم ته، ارحم الراحمين! هن کانپوءِ جيڪا به دعا گهران سا تون پنهنجي فضل و ڪرم سان قبول فرمائجان. حديثن ۽ اسلامي روايتن ۾ آيل آهي ته، ڪعبت الله تي پهرين نظر وجهڻ وقت جيڪا به دعا گهري ويندي سان قبولڻهار جي دربار ۾ قبوليت جو شرف ماڻي ٿي. دعا کان فارغ ٿيڻ تي مون دل جي اندر هڪ وڻندڙ ٿڌاڻ محسوس ڪئي. جيڪا يقيناً قدرت جي طرفان دعائن جي قبوليت بابت تسلي طور ڄاڻي اڳتي وڌيس. هاڻي اسان حجر اسود وٽان پنهنجي طواف جي ابتدا ڪئي ڇو ته طواف جي شروعات اتان ئي ڪبي آهي. هن وقت سهولت خاطر حجر اسود کي سڌائي ۾ سامهون فرش تي هڪ سائي رنگ جو ليڪو ڪڍيو ويو آهي ته جيئن رش جي وقت انهي ليڪي کي حجر اسود جو نشان سمجهي اتان کان طواف شروع ڪيو وڃي. جيئن ته اسان حرم شريف ۾ رات جو دير سان پهتاسين. انهي ڪري ڏينهن جي ڀيٽ ۾ ماڻهن جي رش گهٽ هئي. تنهن هوندي به ماڻهن جو وڏو انبوهه طواف ۾ مصروف هو. رش گهٽ هئڻ ڪري اسان اطمينان سان ست چڪر پورا ڪيا. جن مان پهرين ٽن چڪرن ۾ “رمل” ڪيوسون البته سمورن چڪرن ۾ “اضطباع” به ڪيوسُون. شرعي اصطلاح ۾ “رمل” ناز نخري سان ڪلها چوري ڊوڙڻ کي چئبو آهي ۽ “اضطباع” جو مطلب ته، پٺن تي اوڍيل احرام واري چادر مان ساڄو ڪلهو ٻانهن سميت ٻاهر ڪڍي ساڄي پاسي جي چادر وارو ڇيڙو ساڄي ٻانهن جي بغل هيٺان ڪري کاٻي پاسي جي ٻانهن/ ڪلهي مٿان ڇڏي ڏيڻ. انهن ٻنهي حڪمن يعني رمل ۽ اضطباع بابت حديثن ۾ هن طرح آيل آهي ته، جڏهن هجرت وقت حضور سائين صه جن سان گڏ مسلمان، مڪو ڇڏي وڃي مديني ۾ رهڻ لڳا هئا ته آب هوا مختلف هئڻ ڪري مسلمانن کي بخار ۽ پيٽ جي تڪليف جهڙين طبعي ناسازين جي شڪايت ٿي پئي. توڙي جو پاڻ ڪريمن جي دعا سان مسلمانن جون جملي جسماني شڪايتون دور ٿي ويون هيون پر پوءِ به اڀرا ڪمزور ڏسڻ ۾ اچي رهيا هئا. جڏهن پاڻ سڳورا ۽ سندن اصحاب سن 7 هه ۾عمرو قضا ڪرڻ لاءِ مڪي آيا ته پاڻ ڪريمن، ۽ اصحاب سڳورن کي مڪي وارن قريش ڪافرن ڏسي چيو هو ته، “اضناهم حميٰ يثرب” يعني ته انهن کي يثرب (مدينه) واري تپ اڀرو/ ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي تنهن تي پاڻ سڳورنﷺ سڀني اصحابن کي رمل ۽ اضطباع جو حڪم فرمايو ته جيئن ڪافر ڏسن ته اصحاب سڳورا طاقتور ۽ پهلوان آهن. ڇو ته رمل جي ڪري ڪنهن پهلوان وانگر ناز نخري سان ڪلها چوري تکو تکو ڊوڙڻ سبب اصحابن جي طاقت جو اندازو پئي ٿيو ته اضطباع سان ٻانهن جا ڏورا ڪڍي ظاهر ڪرڻ سبب جسم جي ٿولهه ۽ متاري هجڻ جي نشاندهي ٿي رهي هئي. انهي حڪم ذريعي ڪافرن جا اندازا غلط ثابت ڪرڻ مقصود هئا. توڙي جو اهو حڪم هڪ خاص موقعي جي مناسبت سان هو پر هاڻي هر ڪنهن حاجي يا عمري ڪرڻ واري تي سڀ کان پهرئين طواف جي وقت لاڳو آهي، پهريون طواف جيڪو اچڻ سان ئي ڪبو آهي، تنهن کي “طواف قدوم” سڏجي ٿو جيڪو سنت جي درجي وارو آهي. قدوم جي معنيٰ اچڻ آهي.
بهرحال طواف جا ست چڪر پورا ڪري ملتزم کي چنبڙي دعائون گهرڻ لڳاسون. آئون ساک سان چوان ٿو ته، جڏهن ڪعبه جي ديوار کي ڇوهي غلاف ڪعبه (ڪعبي جي پرده) کي هٿ سان پڪڙيو هئم ته، منهنجي دل ڏڪي رهي هئي بدن ۾ بي ساخته (پاڻمرادو) رڦڻي شروع ٿي وئي هئي، زبان الائي ڇو ڳالهائڻ وساري ويئي هئي. شايد هنڪري جو آئون گنهه گار احڪم الحاڪمين جي عظيم بارگاهه ۾ حاضر ٿيو هئس. ڀلا عادل شهنشاهه جي اڳيان هڪ ڏوهاري ڪيئن ٿو ڪڇي سگهي؟ جيڪڏهن ڪجهه ڪڇندو تڏهن به رحم جي درخواست کانسواءِ ٻيو ڇا ڳالهائيندو! بي قابو ٿي وڃڻ جي باوجود به پاڻ تي ڪجهه ڪنٽرول ڪري عرض ڪيم ته رب العالمين!
پنهنجي پاڪ گهر جي اڳيان حاضر ٿيڻ جو جهڙيطرح عظيم احسان ڪيو اٿئي تيئن مون گنهه گار کي دنيا ۽ آخرت جون نعمتون نصيب فرماءِ! مٽن مائٽن، عزيزن دوستن، مسڻ جي مدرسه ۽ استادن، شاگردن، جامع مسجد مسڻ وڏي جمله جماعت، متعلقين ۽ ڳوٺ مسڻ وڏي جي سڀني رهاڪن، سنڌ ۽ سموري دنيا جي مسلمانن کي هر طرح جون ڪاميابيون، آباديون ۽ خوشحاليون نصيب فرماءِ!! سڀني کي هر قسم جي مصيبتن کان محفوظ رک!!
سڀني تي پنهنجي خير ۽ برڪتن جي نوازش فرماءِ!! دعا گهرڻ بعد اتان پوئتي ورڻ جي ڪئي سون ته دل ۾ يقين پيدا ٿي ويو ته، جيڪي به عرض ڪيم سو ٻاجهاري جي درٻار ۾ قبول ٿي ويو!! بيشڪ هن جهڙو ته ڪوبه ڏاتار ڪونهي، جيڪڏهن مون جهڙن لکين ڪروڙين اربين کربين انسانن جا سوال پورا ڪندو تڏهن به هُن مالڪ جي خزانن ۾ تر جيتري به کوٽ نه ايندي. انهي طواف کان فارغ ٿيڻ بعد اسان سوچيو ته هاڻي مقام ابراهيم وٽ نفل ادا ڪجن پر جيئن ته، مقام ابراهيم وٽ ماڻهن جي پيهه پيهان هئي، انهي ڪري ٿورو پوئتي بيهي مقام ابراهيم ۽ ملتزم جي وچ واري جاءِ کي سامهون قبله رخ ٿي ٻه رڪعتون نماز ادا ڪيون سين. طواف قدوم کانپوءِ ٻه رڪعتون مقام ابراهيم وٽ ادا ڪرڻ واجب آهن. دعا گهرڻ بعد صفا ۽ مروه پهاڙي وچ ۾ ڊوڙڻ لاءِ روانا ٿياسون صفا ۽ مروه اصل ۾ ٻن پهاڙين جا نالا هئا. جن مان صفا پهاڙي اوڀر طرف ڪعبت الله کي بلڪل ويجهو هئي ته مروه پهاڙي وري صفا کان سڌو سَر اتر طرف آهي. يعني ته صفا پهاڙي ڪعبه کي ويجهي ۽ مروه پهاڙي ٿورو پر ڀري هئي. انهن ٻنهي پهاڙين جي وچ ۾ ابتدا ئي دور ۾ وڏي لاهي هئي جيئن لڳو لڳ ٻن جبلن وچ ۾ لڪ وانگر هوندي آهي. اهي ئي ٻه پهاڙيون هيون جن تي چڙهندي ۽ لهندي بي بي هاجران ست ڦيرا / چڪر ڏنا هئا، هن ڪري جو سندس معصوم پٽ اسماعيل عه اڃ ۽ بک وگهي بي حال ٿي ويو هو ۽ روئندي روئندي خطا ٿي پيو هو. بي بي صاحبه سوچيو ته، انهن ٻن پهاڙين صفا ۽ مروه تي چڙهي هيڏانهن هوڏانهن نظر ڊوڙايان ته من ڪٿان ڪو پاڻي جو ڏس پتو پوي. انهي ڪري پاڻي جي تلاش ۾ ڪيڏي مهل صفا پهاڙي تي چڙهي چوڌاري نظر ٿي ڊوڙايائين ته وري ان پهاڙي تان لهي ڊوڙندي پَرين ڀر واري مروه پهاڙي تي چڙهي ٿي ڏٺائين. ايندي ويندي ست چڪر ڪاٽڻ بعد آخري ڀيرو پهاڙيء تي چڙهي بيٺي نهار ڪيائين ته، سندس معصوم اسماعيل جي ڀرسان ڪنهن غيبي آواز هڪل ڪري چيو ته، هاجره! انتظار جون گهڙيون ختم ٿي ويون!
هيڏانهن اچ!! پاڻي موجود آهي!!! بي بي صاحبه انهي آواز کي مخاطب ٿي چيو ته، تون ڪهڙي پاسي بيٺو ڳالهائين؟ سامهون ڇو نه ٿو اچين؟ پر کيس ڪابه ورندي نه ملي. هاجران معصوم پٽ کي پوين پساهن ۾جو ڇڏي وئي هئي. سو هڪدم ان جي سار لهڻ لاءِ اوڏانهن ڊوڙي جيئن ئي اچي ته اسماعيل عه جي قدمن وٽان چشمو ڦٽي نڪتو آهي. جنهن مان پاڻي تيزي سان وهندو پيو وڃي. بي بي سڳوري انهي وهندڙ پاڻي کي هڪ هنڌ گڏ ڪري روڪڻ لاءِ چوڌاري پٿر رکيا پر پاڻي وڌندو ويو، تنهن تي بي بي صاحبه پاڻي کي چيو ته “زم زم” يعني بيهه بيهه. خدا جي حڪم سان پاڻي اتي ئي بيهي ويو. بي بي هاجران پهرين پنهنجي معصوم اسماعيل کي اهو پاڪ پاڻي پياريو ۽ پوءِ پاڻ پيتائين. پاڻي ۾ الله تعاليٰ اهڙي خاصيت رکي ڇڏي جو ان جي پيئڻ سان بک ۽ اڃ ٻئي ختم ٿي ويا ٿي. اهڙو ڍؤ ٿي ويو ٿي جو ڄڻ مختلف طعام ۽ فروٽ خوب کاڌا هجنس.
الله تعاليٰ کي بي بي هاجران جي اها ڊوڙڻ واري “ادا” اهڙي ته وڻي وئي جو لکين نبين صحابين ولين ۽ قيامت تائين پيدا ٿيندڙ مسلمانن کي هاجران وانگر ساڳي طرح ڊوڙي انهي بي بي سڳوري جي سنت جي ياد تازي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيائين.
اسلام ۾ ته انهي ڊوڙڻ جي ايتري اهميت آهي جو جيڪڏهن حج ۽ عمره جي ادا ڪرڻ وقت ڪو ماڻهو صفا ۽ مروه جي وچ ۾ سعي (ڊوڙڻ) وارو ڪم نه ڪندو ته ان جو نه حج ٿيندو نه ڪي عمره، سلام الله عليٰ هاجره وصلواته.
صفا ۽ مروه پهاڙيون هينئر موجود ڪونه آهن پر ان جاءِ تي حڪومت جديد طرز جو بهترين انتظام ڪيو آهي. ٻنهي پهاڙين وچ ۾ جيڪا لاهي هئي سا سڀ ڀرائي بلڪل هموار ڪيو ويو آهي البته اصل ۾ لاهي واري جاءِ تي صفا ۽ مروه پهاڙين جي وچ ۾ ٻه سائي رنگ جون ٽيوب لائٽون ۽ ان هنڌ ڇت ۾ سائي رنگ جا وڏا گاڊر لڳائي انهي لاهي واري جاءِ جو نشان ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ان کي لاهي سمجهي ائين ڊوڙجي جيئن جبل کان هيٺ لهڻ وقت لاهي ۾ ڊوڙبو آهي. باقي پهاڙين جي لاهي کان علاوه شروعاتي حصن ۾ معمول واري وک سان هلبو آهي.
بهرحال اسان صفا مروه ڊوڙڻ کانپوءِ دعائون گهري واندا ٿياسيون ته عمره جي آخري ڪم مٿي ڪوڙائڻ لاءِ سوچڻ لڳاسون. سڀني هي ڳالهه طئي ڪئي ته اسان وٽ سنوارت جو سامان آهي سو مٿي ڪوڙڻ جو ڪم اسان پاڻ ڪري سگهون ٿا. انهي ڪري اسان حرم کان ٻاهر هڪ پاسي تي ويهي هڪ ٻئي جا مٿا ڪوڙيا.
منهنجو مٿو حاجي عبدالغني سومري ڪوڙيو ته هن ويچاري جا هٿ پئي ڏڪيا. مون چيو ته، مٿي کي ٽڪو آيو ته ڪا ڳالهه ناهي ڇوته مٿي جي کوپڙي تمام مضبوط آهي، اهڙو مضبوط ۽ پائدار پيالو قدرت ٻيو ٺاهيو ئي ڪونهي، پر مهرباني ڪري منهنجا ڪن نه وڍجانء، ته انهي خبردار ڪرڻ تي عبد الغني جا هٿ هيڪاري ڏڪڻ لڳا. پوءِ ڊپ وچان مون ٻنهي ڪنن کي مضبوطي سان جهليو. تنهن تي عبد الغني چيو ته ايترو ٿو ڊڄين؟ مون چيو ته هن پاڪ گهر ۾ به ڪو ڪنهن جو ڪن يا نڪ وڍيندو ته ان کان ماڻهو ڪيئن ڪونه ڊڄندو.