مزدلفه ۾ کجور جو تحفو:
اسان اڃا بستري تي ويهي ٿڪ ڀڃي رهيا هئاسون ته اوچتو هڪ لينڊ ڪروزر جهڙي وڏي گاڏي اسان جي وڇايل بسترن جي سامهون اچي بريڪ هنيو. گاڏي جي بتين واري تيز روشني سبب اٿي ويٺس. گاڏي بيهندي ئي ڪيتريون عرب عورتون ۽ مرد هيٺ لٿا. عرب مردن فوراً گاڏي جي پاسن کان ٻه ٽي لوهي سيخون کوڙي انهن سيخن جي چوڌاري ڪپڙو ويڙهي پردو ڪيو ۽ انهي ڪپڙي جي ديوار اندر گلم وڇائي عورتن کي ويهاريو ۽ پوءِ عرب مرد اسان جي بستري جي سامهون ڊگها غاليچا وڇائي گاڏي مان کاڌي پيتي جو سامان ڪڍي ويهڻ لڳا. اڃا ٿوري دير ويٺا هوندا ته پاڻ ۾ ڪجهه ڳالهائي کائڻ پيئڻ جي سنبت ڪرڻ لڳا. عربن جي کاڌي ۾ گوشت جو هجڻ لازمي آهي پر انهن جي گوشت تيار ڪرڻ جو طريقو اسان کان مختلف آهي.
اسان گوشت جو گهڻو ڪري ٻوڙ ٺاهي ان ۾ مختلف قسمن جا مسالا (مصالحه) وجهي پوءِ کائيندا آهيون پر عربن کي گوشت جو ٻوڙ گهٽ وڻندو آهي باقي ڀڃيل گوشت گهڻو پسند ڪن ۽ ڏاڍي چاهه سان کائيندا آهن. سو هنن عربن کاڌن جي ٻين قسمن سان گڏ ڀڃيل گوشت به آڻي دستر خوان تي سٿيو. کاڌي پيتي جو سامان دسترخوان تي رکڻ کانپوءِ انهي مان اندازي سارو کڻي وڃي سندن عورتن حوالي ڪيائون ۽ پوءِ پاڻ کاڌو شروع ڪرڻ کان پهرين هڪ عرب کي چانور، گوشت ۽ کجور جو پيڪيٽ ڏيئي اسان ڏي موڪليائون، اسان ته ساڻن گڏ ويٺا هئاسون شايد اسان پاڙيسرين جي حق ادا ڪرڻ لاءِ يا اسان کي فقير سمجهي اهو کاڌو موڪليائون. جڏهن عرب سڳوري منهنجي اڳيان اهو کاڌو رکي کجور جو پاڪيٽ منهنجي هٿ ۾ ڏنو ته مون کان پڇيائين ته، “انت باکستاني؟” (تون پاڪستاني آهين؟) مون جواب ۾ ڪنڌ لوڏي هائوڪار ڪئي ته پوءِ چيائين ته، “هذا ڪجور” (هي کجور آهي) هن ويچاري کجور جو لفظ منهنجي سمجهڻ لاءِ چيو، ڇو ته عربن کي خبر آهي ته، پاڪستاني انهي کي کجور ٿا چون. تنهن تي مون کيس وراڻيندي چيو ته، “نعم، اعرف العربي هذا تمر” (هائو، عربي ڄاڻان ٿو اها تمر (کجور ) آهي.) خوش ٿي، مون کي آڱوٺي جي اشاري سان آفرين ڏيندي “احسن، احسن” (تمام سٺو تمام سٺو) چوڻ لڳو. سامهون ويٺل عرب اسان جي اها ڳالهه ٻولهه ٻڌي کلي رهيا هئا. مون کي پنهنجي ساٿي رحيمڏني سمي چيو ته، عرب سڳوري توکي آفرين مان ڍو ڪرائي ڇڏيو، جو تو عربي ۾ ڳالهايو ته هن وري توکي آڱوٺا باسيا. انهي ڳالهه تي اسان ٻئي ڏاڍا کلياسون. عرب جو آڱوٺو باسڻ حقيقت ۾ انهن وٽ خوشي جو اظهار ۽ ڪنهن کي آفرين ڏيڻ جي سندن اها هڪ ثقافتي رسم ۽ رواج آهي. حالانڪه اسان هند ۽ سنڌ جا رهاڪو جيڪڏهن ڪنهن کي آفرين ۽ شاباس ڏيندا آهيون ته شاهد آڱر جي اشاري سان واهه واهه!! ڪندا آهيون، پر عربن وٽ آفرين ڏيڻ/ چوڻ جو انداز اسان جي بلڪل ابتڙ آهي. ڇو ته عربن وٽ شاهد آڱر جو اصل نالو “سَبابه” آهي عربي ۾ سب جي معنيٰ گار، ۽ سبابه اها آڱر جنهن سان گار ڏجي. اهو ائين آهي جيئن اسان وٽ وري وچين آڱر جو اشارو گار لاءِ استعمال ٿئي ٿو. اسلام عربن جي انهي رواج يعني انهي ڏسڻي آڱر کي گار ڏيڻ واري آڱر (سبابه) سڏڻ بجاءِ شاهد (الشهادة) آڱر جو نالو ڏيئي انهي تي رواج مطابق رکيل خراب نالو ميٽائي ڇڏيو ڇو ته ڪوبه عضوو تيستائين برو، بڇڙو ڪونهي جيستائين ان کي ناجائز ڪم يا غلط جاءِ تي استعمال نه ڪجي.
بهرحال اسان کائڻ پيئڻ کان واندا ٿي نماز جو سعيو ڪرڻ لڳاسون. مسجد مشعرالحرام مان اذان جو آواز پُرسوز لهجه ۾ ٻڌي، الله جي سڏ کي لبيڪ چئي سون. مسجد مشعر الحرام هن غير آباد مزدلفه جي علائقي ۾ وڏي ڪشش رکي ٿي. هن مسجد ۾ اٺ هزار نمازين لاءِ گنجائش آهي. اسان مصلا وڇائي نماز لاءِ اٿي کڙا ٿياسون. جيئن ته، مزدلفه ۾ 10 ذوالحج جي رات سانجهي ۽ سمهڻي نمازون ملائي، سمهڻي جي وقت ۾ پڙهيون وڃن ٿيون، انهي ڪري اسان به اهڙي طرح ٻنهي ساٿين يعني مون ۽ حاجي رحيمڏني سمي گڏجي جماعت ڪري مذڪوره ٻئي نمازون پڙهيون. جڏهن ته اسان جي آسپاس موجود ماڻهن پنهنجي پنهنجي جماعت ڪري اهي نمازون پڙهيون.