مسڻ کان سفر جي شروعات:
نيٺ جلوس جي شڪل ۾ مسڻ واري اسٽينڊ تائين آيا سون جتي ويٺل ڪيترا ڳوٺاڻا ۽ دوست مليا، جهڙوڪ رئيس گل محمد ولد پير بخش لغاري، ڊاڪٽر عبد الرحمان لغاري وغيره. سڀني دوستن کان موڪلايم ته رئيس محمد خان لغاري ڪار ڊرائيور کي اشارو ڪيو ۽ مون سان گڏ رئيس محمد خان لغاري، الهڏنو ڪنڀار، مولوي امان الله ڪنڀار، محمد بچل ملاح ڪار ۾ ويٺا ته ڪار سلطان آباد ڏي رخ ڪري ڊوڙڻ لڳي. روڊ جي ٻنهي پاسن ڳوٺ جا وڻ هڪ هڪ ٿي الوداع ڪرڻ لڳا ۽ آئون دل جو دل ۾ بارگاهه رب العزت جي عظمت ۽ محبوب ڪائنات جي زيارت جو شوق ڇوليون هڻندو محسوس ڪرڻ لڳس.ڪار ۾ ويٺل سڀئي دوست چئي رهيا هئا ته اسان کي دعائن ۾ نه وسارجو. مون کين وراڻيو ته، سڀني لاءِ مغفرت ۽ خير برڪت جي ضرور دعا گهرندس. الله تعاليٰ شال مون کي اهڙي توفيق بخشي.
چند منٽن کانپوءِ سلطان آباد پهتاسون، ته گڏجي آيل دوستن کان موڪلائي حيدر آباد ڏي ويندڙ بس ۾ ويٺس. واٽ تي ڪيئي ماڻهو چڙهيا ته وري لٿا جن مان ڪي سڃاڻو هئا ته ڪي اڻ سڃاڻو. حيدرآباد کان سجاول ڏي ويندڙ وين ۾ ويٺس جنهن ڌتا واهه اسٽاپ (لڳ جنهاڻ سومرو) تي لاٿو. مين روڊ جي لڳ اوڀر طرف وڏي بلڊنگ ۽ مسجد نظر اچي رهي آهي، اهو آهي مولانا مفتي محمد صادق سومرو صاحب جو مدرسو جامعه تعليمات اسلاميه جي نالي سان. اتي پهچڻ تي مولانا سومرو صاحب مليو ۽ فرمايائين ته، “ تنهنجي حج جا ساٿي ڪراچي روانا ٿي ويا آهن، توسان ڪراچيء تائين گڏ هلڻ جو منهنجو ئي پروگرام هو پر آئون ٺيڪ ناهيان، انهي ڪري حافظ صفي الله (سندس وڏو فرزند) توسان ڪراچيء تائين گڏ هلندو ۽ جهاز ۾ سوار ڪري پوءِ واپس ايندو.”
مون عرض ڪيو ته“جيئن توهان مناسب سمجهو سو بهتر آهي”
رات رهي صبح جو سوير آئون ۽ حافظ صفي الله سومرو، مولانا محمد صادق صاحب کان موڪلائي نڪتاسون. ڪوسٽر ۾ ويهي سجاول پهتاسون جتان کان شاهه يقيق ڏي هلندڙ بس ۾ ويهي ڪراچيء روانا ٿياسون. اهو 2- اپريل 1997ع جو ڏينهن هو.
بس پنهنجي رفتار سان هلندي رهي ۽ ٺٽو، گهارو، داٻيجي لنگهي اڳتي ٿي ته، حج تي ويندڙ حاجين جي هڪ قافلي اچي ڪراس ڪيو. عازمين حج مان مردن کي هار پاتل هئا ته حاجاڻين کي اڇي ڀرت واريون سفيد چادرون اوڍيل هيون. ڊاٽسن ۾ ويٺل انهن حاجي سڳورن پويان مزدا گاڏيون ماڻهن سان کچا کچ ڀريل هيون. جهنڊين ۽ چمڪدار پنين سان سينگاريل گاڏين تي لائوڊ لڳل هئا، جن مان مولود شريفن جون رڪارڊ ڪيل ڪيسٽون ٻڌڻ ۾ پئي آيون. جن بزرگن اهي مولود حضور صه جي سچي سڪ ۽ محبت ۾ چيا هئا سي ته واقعي واکاڻ جوڳا هئا، باقي اڄوڪا همراهه جن جا پڙهيل مولود ٻڌڻ ۾ پئي آيا سي ته رڳو پلٽا هڻي پنهنجي فنڪاري ڏيکاري رهيا هئا. توڙي جو مولود خوانن جي پلٽن ۾ سندن نڙيء مان اڇل ڏيئي نڪرندڙ ريهن گڏيل آوازن مون کي متاثر نه ڪيو پر مڪي ۽ مديني جي محبت، اڪير ۽ اشتياق ۾ دل پاڻي پاڻي ٿي وئي ۽ اکيون پنهنجي سڪ جو ثبوت ڏيندي ڳوڙها ڳاڙڻ شروع ٿيون. منهنجي ڀرسان ويٺل حافظ صفي الله اهو منظر ڏسي محو حيرت هو. گهڙيء پل کانپوءِ مون حافظ صاحب سان هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون ته جيئن هو منهنجي انهيء ڪيفيت کي محسوس ڪندي پڇا ڳاڇا نه ڪري.