مسجد نبوي تي پهرين نظر:
پنهنجي نسوري ناپاڪ وجود کي جنت جهڙي پاڪ ڌرتي تي لاهيندي پليت پيرن سان بيهي جيئن ئي نگاهه ڪئي سون ته، نظر وڃي مسجد نبوي جي نيلن تي پئي، جيڪا سج جي سهائي کي سامهون ٿي پنهنجي نوراني جوت جمال جا جهلڪا پسائي رهي هئي.
اسان سرتا پا عاصي اثيم آستانه رسالت مآب ﷺ ڏي اکيون کڻڻ جهڙا به نه هئاسون پر پوءِ به پري کان پساري اندر کي آسيس ڏيئي هر هر پئي ٺاريو. بي قابو بت پاڻ ڀرو ٿيڻ لاءِ هٿوراڙيون پئي هنيون ته، اوچتو گنهه گار هٿ وڃي جنت البقيع جي ٻاهرين ديوار جي لوهي گرل تي لڳا. بس انهي ويل بنا ڪنهن وقفي بقيع الغرقد ۾ آرامي اصحابن سڳورن، تابعي ۽ تبع تابعي ڀلارن، اولياءَ ڪرام ۽ سڀني مدفون مسلمانن جي ايصال ثواب خاطر فاتحه خواني ڪري دعا گهري سون. دعا کان واندڪائي تي ايامن کان اوسيئڙي جون ماريل اکڙيون وري وڃي مسجد نبوي جي نيلن تي پيون ته سيد المرسلين ﷺ جي سڪ سمونڊ بنجي ڇوليون هڻڻ لڳي ۽ دل گهريو ته، سڀ ڪجهه هتي ڇڏي پيرين پنڌ وڃي حبيب جي حضور ۾ حاضر ٿيان ۽ ادب سان ڀرپور التجا ڪريان ته،
شافع محشر مٺا، اي حوض ڪوثر جا ڌڻي
ڪج شفاعت جو ڪميڻي تي ڪرم سڏڙا سڻي.
پر دوستن بيٺي بيٺي هي صلاح ڪئي ته، اول رهائش لاءِ مناسب جاءِ هٿ ڪري سامان سڙو ٺڪاڻي لڳائي، طبعي ضرورت ۽ حاجت کان واندا ٿي پوءِ اچي ٿا دل جمعي سان ديدار ڪريون.
انهي ڪري جاويد هزاروي ۽ رئيس عبد الغني ٻئي ٿيا روانا جاءِ جي تلاش ۾، ته آئون ۽ رحيم ڏنو سمون اتي ئي دست بسته درود و سلام پڙهندي بيٺا رهياسون. زبان ذرو به ڪين ٿي ڪڇيو، جيڪڏهن ڪو لفظ نڪتو به هو ته، اهو فقط درود و سلام هو جنهن سڪ ڀري سمونڊ ۾ آيل تڙپ جي طوفان کي ماٺو ٿي ڪيو.
سچ پچ ته، جنهن ويل مسجد نبوي جي نيلن تي نظر پئي هئي ته، دل بي اختيار حاجي احمد ملاح مرحوم جي زباني هيئن چئي ڏنو هو ته،
هو منارا، هو منارا، هو منارا مير جا.
اڄ ڪيا اوٺين اشارا، هو منارا مير جا.
ڪاف ڪاهي قافلو ٿيئڙو قريبن کي قريب،
بس جبل ٿيا جي جيارا، هو منارا مير جا.
هو نبي جي نيل سوني ٿي آهي نڪري نشان،
جيئن سونهن اڀ ۾ ستارا، هو منارا مير جا.
هو قبا مسجد قريبن، هو قبا هو ڪنگرا،
ٿا سونهن ان طرف تارا، هو منارا مير جا.
هو مدينو هو مديني جا محل هو ماڙيون،
هاڻ ٿيو مومن متارا، هو منارا مير جا.
درد دوري جو لٿو داخل ٿياسون در رسول،
شڪر ڪريو شوق وارا، هو منارا مير جا.
اڄ ته احمد چئي اکين کي عيد اندر عيد آ،
ٿيون ڏسن باغ و بهارا، هو منارا مير جا.
اڃا مشاهدي جي پس منظر ۾ گم هئس ته، سامهون ايندڙ ٽيڪسي جي هارن ڇرڪائي ڇڏيو. پاڻ کي رحيم ڏني سمي سان گڏ ساڳي روڊ تي سامان وٽ بيٺل ڏٺم. ٽيڪسي اچي ڀر ۾ بيٺي، جنهن مان رئيس عبد الغني ۽ جاويد هزاروي لهندي چيو ته، سامان رکو ته، جاءِ تي هلون. خبر پئي ته، مدينه ۾ 50 (پنجاهه) سالن کان رهندڙ هڪ پٺاڻ کان اٺن ڏينهن لاءِ چار سئو ريالن جي ڪرايه تي هڪ ڪمرو ورتو ويو آهي. اسان جي اها جاءِ حرم مدني/ مسجد نبوي کان اولهه اتر ڪنڊ تي فرلانگ پنڌ تي واقع شارع السح جي ڀر ۾ اولهه طرف هئي. چند گهڙين ۾ مسواڙي جاءِ تائين پهچي وياسين. چار ماڙ عمارت، هوا دار ڪشادا ڪمرا، هر قسم جي سهولت موجود ڏسي مطمئن ٿياسون. ڪمري ۾ سامان رکي، بک جو بلو ڪرڻ لاءِ ٻاهر نڪري هوٽل جي تلاش ڪئي سون. رستي تي ڪن ماڻهن ڏس ڏنو ته، پاڪستان هائوس ڀرسان کاڌي جون هوٽلون آهن. سو اسان حي الخندق (خندق محله) کان ٿيندا پاڪستان هائوس پهتاسون جتي هڪ هوٽل م وڃي ماني کائي واندا ٿياسون. اڳين نماز جو وقت ٿي چڪو هو سو اول انهي فرض جي ادائگي لاءِ مسجد نبوي جو رخ رکيوسون. مسجد ۾ پهچندي ڏٺوسون ته، مسجد جي بيهڪ، بناوٽ، چٽسالي، انجنيئري ۽ فن تعمير جي ڇا تعريف ڪجي. بس اسلامي فن عمارت سازي جو اڻ لڀ مثال هئي. روضي پاڪ جو سائو گنبذ ته مسجد جي سونهن ۾ چار چنڊ لڳايو بيٺو هو. اسان روضي پاڪ اڳيان مسجد جي اندر ڇٽين واري ڇني ۾ اڳين نماز ادا ڪري گهڙي کن لاءِ واپس جاءِ تي اچي آرام ڪيوسين. ڇو ته سڄي رات بس جي سفر ۽ اوجاڳي اسان اڀرن کي ٿڪائي ڇڏيو هو. اک ان وقت کلي هئي جنهن مهل مسجد نبوي جي موذن جو حي علي الصلواه ۽ حي علي الفلاح وارو پرسوز آواز ڪن تي پيو هو. وڏي سرڪار جي سڏ تي لبيڪ چئي اٿي کڙا ٿياسون. اڃا اذان مس چئي بس ٿي هئي ته، مسجد نبوي جي اڱڻ تي اچي قدم رکيا سون.