صحابه ڪرام جو اجمالي تعارف:
صحابه ڪرام اهي عظمت ڀريا انسان هئا جن جي اکين حضور اڪرمﷺ جو نبوت وارو نوراني چهرو ڏٺو، ڪائنات انساني مان سڀ کان پهرين وحي الاهي کي رسول اڪرم جي زباني پنهنجي ڪنن سان ٻڌو هو. پيغمبرانه ڪردار جو ڏينهن رات مشاهدو ڪيو ۽ رسالت ما³ب جي اسوه حسنه کي نه رڳو عين اليقين بلڪ حق اليقين سان محسوس ڪيو هو. انهن امتيازي خصوصيتن جيڪري نبوت جي فيض سان سندن دليون روشن ٿي ويون. ذهن ۽ ضمير، دل ۽ دماغ جي فڪري ڌارا ۽ عملي ميلان سندن مزاجن ۾ اهڙي ته قابل فخر تبديلي آندي جو انساني ڪائنات انهن هستين تي بجا طور ناز ڪري سگهي ٿي. صحابه ڪرام جا اندر اهڙا ته پاڪ صاف ٿي ويا جو انهن جي گفتار ۽ ڪردار جي پاڪيزگي، سندن اعمال و اخلاق، اعتقاد و عادات جي شايستگي کي امت لاءِ ذريعه هدايت بنايو ويو. نه رڳو ايترو بلڪه انهن جي ايمان لاءِ پرک ۽ معيار طور مقرر ڪندي خود خدا پنهنجي پاڪ ڪلام ۾ فرمايو ته، فان آمنوا بمثل ما آمنتم به فقداهتدوا . (بقره آيت 137) يعني جيڪڏهن اهي ماڻهو انهي رسول تي ائين ايمان آڻين جيئن توهان (اصحابن) ايمان آندو آهي ته پوءِ اهي ماڻهو هدايت يافته شمار ٿيندا، جي نه ته سندن ايمان خدا وٽ قبول ناهي.
جهڙي طرح نبوت جو انتخاب خود الله تعاليٰ ڪري ٿو، اهڙي طرح صحابه جي چونڊ به تقدير الاهي مطابق هوندي آهي. خدا پاڻ ئي بهتر ڄاڻي ٿوته، محمد رسول اللهﷺ جي صحابي بنجڻ لائق ڪهڙا آهن ۽ ڪهڙا ڪونهي! بقول رومي ته،
ديدن بوجهل در روءِ نبي
ڪي بود مانند بوبڪر و علي
يعني ته، حضور اڪرمﷺ جي چهري مبارڪ ڏي ڏسڻ لاءِ به اک اک جو ڦير آهي. ابو جهل جو ڏسڻ ڀلا حضرت ابوبڪر ۽ حضرت علي جي ڏسڻ برابر ڪيئن ٿيندو؟ اهي ٻئي ڌريون رسالت مآب ﷺ جو چهرو ڏسي ته رهيون آهن پر ابو جهل شيطانيت واري نگاهه سان ڏسي ٿو ته صحابه ڪرام محبت و عقيدت سان ڏسن ٿا. مطلب ته ساڳي شهر ۾ گڏ رهندي، هڪ ئي قوم جا فرد هوندي، اخلاق عادتن کان پوري طرح با خبر هوندي به ڪي نبوت جي صداقت جا دل سان اقراري، ۽ ان جي حڪم تي لبيڪ چئي جان، مال اهل اولاد، وطن ۽ رشتا قربان ڪرڻ وارا آهن، ته ڪي وري نبوت جا معجزا، دليل ڏسندي، پيغمبر ڪريم ﷺ جي صداقت ۽ امانت جو تجربو ڪندي به انڪار تي قائم رهي، عداوت ۽ ايذا رساني تي سندرو ٻڌي بيٺا. تان جو انهي ئي ڪفر ۽ انڪار جي حالت ۾ حياتي پوري ڪري ٻئي جهان وڃائي ڇڏيائون.