حضرت عبد الله بن عمر جي شخصيت تي هڪ نظر:
ٻئي ڏينهن صبح جو لائبريري وڃي صحابه ڪرام جي سيرت بابت ڪتاب کوليم ۽ حضرت عبد الله بن عمر جو سوانحي خاڪو ترتيب ڏنم. ڪتابن سندس سونهري زندگي جو تمام گهڻو تفصيل ڏنو هو پر اسان مختصر حواله طور نوٽ ڪيو.
جيئن ته صحابه ڪرام جا حالات اسان مسلمانن لاءِ گائيڊ لائف (زندگي جي رهبر) جي حيثيت رکن ٿا، انهي ڪري پڙهندڙن جي ذوق طبع خاطر ذڪر ڪجي ٿو. حضرت عبد الله بن عمر فاروقي خاندان جو چشم و چراغ ۽ حضرت فاروق اعظم رضي الله عنه جو وڏو فرزند هيو. سندس پيدائش انهي دور ۾ ٿي جڏهن حضور اڪرم ﷺ کي نبوت عطا ٿئي ٻيو سال هلي رهيو هو. پاڻ سندس والد ماجد سان گڏ ننڍپڻ ۾ ئي سن 6 نبوي ڌاري پنجن سالن جي ڄمار ۾ اسلام قبول ڪيائين. ان وقت اسلام قبول ڪندڙن ۾ حضرت عمر فاروق جو نمبر چاليهون هو ته، حضرت عبد الله جو ايڪيتاليهون نمبر هو. سمجهه واري وهي کي پهتو ته، سندس گهر اسلام جي روشني سان روشن هو. ڪافرن سان جهاد ۽ قتال جي ابتدا سن 5 هه ۾ خندق واري لڙائي کان ٿيس.
جڏهن ته بدر ۽ احد ۾ ننڍپڻ جيڪري کيس حضور اڪرمﷺ شريڪ ٿيڻ جي اجازت نه ڏني. اهڙي طرح خندق جي لڙائي کان وٺي حضور سائين جي زندگي ۾ ڪفر ۽ اسلام جا جيڪي به معرڪا ٿيا تن ۾ اسلام جي سرويچ سپاهي جي حيثيت سان پنهنجي بهادري جا جوهر ڏيکاريائين. حضرت عبد الله بن عمر کي پاڻ سڳورن جي بابرڪت صحبت، فاروق اعظم رضه جي تعليم و تربيت ۽ خود سندس تلاش ۽ جستجو مذهبي علمن جو دريا بنائي ڇڏيو هو. قرآن، تفسير، حديث، فقه وغيره سڀني مذهبي علمن جو سمنڊ هو. سندس شمار صحابه جي انهن هستين ۾ ٿئي ٿو جيڪي صحابه ۾ علم و عمل جا “مجمع البحرين” (ٻن سمنڊن جي ميلاپ وارو اونهو سمنڊ) سمجهيا ويندا هئا. علم حديث جي اشاعت ۽ تعليم ڏيندي هزارين لکين مسلمان کانئس مستفيض ٿيا. سندس پسنديده مشغلو فقط علم جي اشاعت هو. اهو ئي سبب هو جو پاڻ ڪوبه عهدو قبول نه ڪيائين. وسيع علم ۽ گهري نظر جي باوجود حديث بيان ڪرڻ ۾ گهڻو احتياط ڪندو هو. اهوئي سبب هو جو سندس روايت ڪيل حديثن جو تعداد فقط سورنهن سو ٽيهه (1630) آهي. ساڳي طرح فتويٰ ڏيڻ ۾ به سندس احتياط پهاڪو بنيل هو. جيستائين ڪنهن مسئلي متعلق يقين نه ٿي ويندو هو ۽ ذرو به شڪ هوندو هئس ايستائين فتويٰ نه ڏيندو هو. ان هوندي به سندس فتوائن جو وڏو ذخيرو آهي، جنهن تي فقه مالڪي جو دارو مدار آهي. صحبت رسول ﷺ مٿس ايترو گهرو اثر ڪيو جو پاڻ اخلاق نبوي جو مڪمل ترين نمونو بنجي ويو. حضرت عبد الله بن عمر خوفِ خدا ۾ سرشار، سنت نبوي جي پيروي ۽ پابندي ۾ والهانه عشق و جنون جي حد تائين عمل ڪندڙ، زهد و تقويٰ ۾پهاڪو بنيل، علم جو عظيم سرمايو، اعمال صالحه جو مجسمو، صدقي ۽ خيرات ۾نمايان وصف جو مالڪ، مسڪين نوازي ۽ غريب پروري ۾ خصوصي امتياز رکندڙ، محبت نبوي ۾ همه تن مستغرق، ايثار و همدردي ۾ مثالي حيثيت وارو، اسلامي مساوات جو عملي نمونو، تواضع ۽ انڪساري جو پيڪر، مروت، ماڻهپي خلوص للهيت صبر ۽ سادگي جو پتلو، حق گوئي ۾ نهايت بيباڪ، مجاهد في سبيل الله قداور، جسيم، ڪڻڪ رنگو شڪل و صورت ۾ پنهنجي والد بزرگوار حضرت فاروق اعظم سان مشابهت رکندڙ پنهنجو مٽ پاڻ هو. اهي سندس زندگي جي ڪتاب جا مختصر عنوان آهن. جن جي تفصيل لاءِ سيرت جا ڪتاب پڙهي ڏسجن. اهي عنوان نه رڳو حضرت عبد الله جي زندگي جا آهن پر حضور اڪرمﷺ جي دربار رسالت ۾ تربيت وٺندڙ هر صحابي سڳوري ۾ اڪثر اهڙيون انيڪ سٺيون صفتون ۽ پسنديده اخلاق موجود هئا. حضرت عبد الله بن عمر پاڻ سڳورن جي لاڏاڻي کانپوءِ صديقي دور خلافت ۾ تاريخ جي ورقن ۾ نظر نه ٿو اچي. البت فاروقي دور خلافت ۾ڪن محاذن تي اسلامي لشڪر سان گڏ نهاوند، شام ۽ مصر جي فتحن ۾ نظر اچي ٿو. عثماني دور خلافت ۾ حضرت عمر فاروق جي شهادت بعد سڀ کان پهرين خليفي جي انتخاب لاءِ مجلس شوريٰ ۾ نظر اچي ٿو. ڪجهه وقت پوءِ حضرت عثمان کيس قاضي القضاه (چيف جسٽس) جي عهدي جي آڇ ڪئي پر پاڻ معذرت ڪندي فرمايائين ته، آئون نه ٻن ماڻهن جي وچ ۾ فيصلو ڪريان ٿو ۽ نه ڪي ٻن ماڻهن جي امامت ڪريان ٿو. ڇو ته پاڻ سڳورن فرمايو هو ته، قاضي ٽن قسمن جا هوندا آهن. هڪ جاهل جنهن جو ٺڪاڻو جهنم آهي ٻيو دنيا ڏانهن لاڙو رکندڙ عالم، جن جو به ٺڪاڻو دوزخ آهي. ٽيون اهو جو اجتهاد ڪري ٿو ۽ صحيح راءِ قائم ڪري ٿو. اهڙي لاءِ نه عذاب آهي نه ثواب.
حضرت عثمان اهو ٻڌي چيس ته توهان جو پيء به ته فيصلا ڪندو هو. وراڻيائين ته اهو صحيح آهي. پر جڏهن انهي کي ڪنهن مسئلي ۾ مونجهارو ٿيندو هو ته پوءِ پاڻ سڳورن ڏانهن رجوع ڪندو هو ۽ جڏهن پاڻ سڳورن کي به ڪا ڏکيائي محسوس ٿيندي هئي ته، جبريل کان پڇي وٺندا هئا (۽ جبريل الله تعاليٰ وٽان مسئلي جو حل کڻي ايندو هو) آئون ڪنهن ڏانهن رجوع ڪندس؟ ڇا توهان پاڻ سڳورن کان نه ٻڌو هو ته، جنهن خدا جي پناهه گهري تنهن پناهه جي جاءِ ورتي (حاصل ڪئي) انهي ڪري خدا جي واسطي! مون کي ڪٿي جو به عامل (سرڪاري آفيسر/ گورنر وغيره) نه بنايو. سندس انڪار ڪرڻ تي حضرت عثمان وڌيڪ زور نه ڀريو. هڪ ڀيري ڪنهن ٻهراڙي جي عرب مڇرجي خون جي ڪفاري متعلق سوال ڪيو ته، انهي کان پڇيائين ته تون ڪير آهين؟ چيائين ته، عراقي آهيان. پوءِ حاضرين ڏي متوجه ٿي فرمايائين ته، ڪجهه هن ڏي به ڏسو! جو هي همراهه مون کان مڇرجي خون جو ڪفارو ٿو پڇي. حالانڪه انهن (عراقين) ته نبي سائين جي جگر جي ٽڪرن (ٻن ڏوهٽن) کي به شهيد ڪري ڇڏيو!!