مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

حضرت عبد الله بن عمر جي قبر تي پهرين حاضري:

حضرت عبد الله بن عمر جي قبر تي پهرين حاضري:
خميس 1_ مئي جي شام ساڍي ٽي وڳي ڌاري آئون ۽ جاويد هزاروي ڪنهن دوست جي ڏس ڏيڻ تي، حضرت فاروق اعظم جي وڏي فرزند حضرت عبد الله بن عمر (رضي الله عنهما) جي قبر جي زيارت لاءِ محله حي الشهدا ڏي روانا ٿياسين. اهو شهدا وارو پاڙو حرم شريف کان اتر اولهه ڪنڊ تي تقريباً اڍائي ٽي ميل پري آهي. انهي پاسي وڃڻ لاءِ آسان رستو هي آهي ته، شارع جبل ڪعبه کان اڳتي نڪري اولهه اتر ڪنڊ وٺبي ته اڳيان شارع حسان بن ثابت اچي ٿو. شارع حسان بن ثابت وڏو ڪشادو ۽ ون وي وارو روڊ آهي، جيڪو اڳتي مديني شريف ڏي هليو وڃي ٿو. انهي شارع حسان بن ثابت سان شهدا وارو پاڙو ويجهو لڳي ٿو. اسان پنهنجي محله وارو روڊ وٺي شارع حسان بن ثابت وٽ پهتاسين. سخت گرمي ۽ لڪ لڳي رهي هئي. جيڪڏهن روڊن ڀرسان بوتلن سان ڀريل سرڪاري ڪولر لڳل نه هجن ها ته اسان جي حالت ڏاڍي تنگ ٿئي ها. پر هنڌين ماڳين روڊن جي ڪنارن سان لڳل انهن ڪولرن جي خاني ۾ هڪ ريال جو نوٽ وجهي بٽڻ دٻائڻ سان ڪولر جي آخري هيٺئين خاني ۾ بوتل ڪري ٿي پئي ۽ اسان اها بوتل پي وري اڳتي وڌندا ٿي رهياسين. اهڙي طرح ڪافي بوتلون پيئندا آخر وڃي منزل تي پهتاسين. واٽ تي شارع حسان بن ثابت سان لڳ سرڪاري هاءِ اسڪول، شاهه عبد العزيز اسپتال ۽ ڪي ٻيون سرڪاري جايون، فن فيئر، فن لينڊ ۽ تفريحي جايون پارڪ وغيره ڏسندا وياسين. آخر ۾ هڪ وڏو گيريج ۽ سوئي گيس ڀري ڏيڻ جو دڪان نظر آيو ته، شارع حسان بن ثابت ڇڏي اولهه واري پاسي هليا وياسون. ٻڌايل ڏس مطابق اسان هڪ وڏو ٿلهو ڏٺو جتي 6 ست قبرون قطار ۾ هيون. جن لاءِ اتي جي ماڻهن جو چوڻ هو ته، اهي شهيدن جون قبرون آهن. پر اها تصديق نه ڪيائون ته، ڪهڙي موقعي تي شهيد ٿيا هئا ۽ انهن جا نالا ڪهڙا آهن؟ حالانڪه واپسي ۾ اچي لائبريري ۾ڪتاب کولي تحقيق ڪيم ته، مونکي ان جي ابتڙ نظر آيو ته اهي قبرون مهاجر اصحابن جون آهن ۽ اهو “مهاجرن جو قبرستان” سڏبو هو. (والله اعلم) اسان انهن ڀلارن جي قبرن پيراندي بيهي فاتحه خواني ڪري دعا ڪئي. انهن قبرن جي اولهه پاسي هڪ گهٽي آهي ۽ گهٽي جي لڳ پٿرن جي ڊگهي ديوار آهي.
اسان کي ٻڌايو ويو هو ته، انهي پٿرن واري ديوار اندر حضرت عبد الله بن عمر فاروق رضه جي قبر ۽ سندس هٿن جو ٺهيل گهر آهي. اسان انهي ديوار سان لڳ گهٽي وٺي اتر طرف وڌياسين ته اتي پاڙي ڏي ويندڙ ننڍو پڪو روڊ نظر آيو جيڪو اولهه اوڀر هيو. اهو روڊ وٺي اولهه طرف چند قدم وڌاياسين ته انهي پٿرن جي ديوار جي دنگ تي هڪ وڏو گيٽ نظر آيو ۽ انهي پٿرن جي ديوار جي دنگ تي هڪ تختي لڳل هئي جنهن تي شارع عبد الله بن عمر لکيل هو. اسان کي ٻڌايو ويو هو ته، انهي مين گيٽ اندر جيڪا پنج ماڙ بلڊنگ نظر ايندي سا حضرت عبد الله بن عمر جي خاندان جي رهائشي بلڊنگ آهي. اسان دل ۾ خيال ڪيو ته، حضرت عبد الله بن عمر جي قبر ۽ سندس هٿن سان ٺاهيل گهر جي زيارت کان پهرين سندس خاندان جي موجوده ڪنهن فرد سان ملاقات ڪجي ته بهتر، پر خاندان جي ڪنهن به فرد جي نالي جي نه ته خبر هئي، نه ڪي اڳ ۾ انهن سان ڪو تعارف هو. بس توڪل علي الله انهي مين گيٽ مان اندر داخل ٿياسين ته، اهو گيٽ ٻاهرين ڪمپائونڊ وال/ ديوار جو هو ۽ اندر داخل ٿيڻ سان بلڊنگ جي دروازي تي لڳل گهنٽي جي بٽڻ تي زور ڏنوسون ته، ٻاهر لڳل انٽرڪام مان ڪنهن عورت جو آواز آيو ته، “مَن دق الجرس”، (گهنٽي ڪنهن وڄائي؟) آئون عورت جو آواز ٻڌي گهٻرائجي ويس ته، عورت سان ڪيئن مخاطب ٿيان؟ هي ته، هڪ جليل القدر صحابي جو گهر ۽ ڀر ۾ سندس قبر مبارڪ آهي! پر مون کي منهنجي ساٿي جاويد هزاروي اشاري سان چيو ته، جواب ڏي.
انهي ڪري انٽر ڪام کي ويجهو ٿي وراڻيم ته، نحن ضيوف من باکستان (اسان پاڪستاني مهمان آهيون) تنهن تي وري جواب آيو ته، ايمن ليس بموجود (ايمن ڪونه آهي) انهي جواب مان اندازو ٿيو ته، حضرت عبد الله بن عمر جي خاندان جو موجوده سربراهه جناب شيخ ايمن صاحب آهي. وري چيم ته، فهل نرجع او ننتظر؟ (ڇا پوءِ اسان واپس وڃون يا انتظار ڪريون؟) ته جواب آيو ته، نعم ارجعوا (هائو! توهان واپس هليا وڃو!) اهو جواب ٻڌي، جاويد کي چيم ته هاڻي هتي بيهڻ جي به اجازت نه ٿي ملي ته پوءِ هل ته واپس هلون. اسان انهي بلڊنگ جي احاطي مان ٻاهر نڪري وري اچي روڊ تي بيٺاسون. جاويد انجنيئر ماڻهو هو، تنهن زيارت جو هڪ فوري رستو ڳولهي ورتو. ڏکڻ طرف نهاري مون کي چيائين ته مسئلو حل ٿي ويو! پڇيم ته ڪيئن؟ وراڻيائين ته ڏکڻ طرف هن بلڊنگ ۽ قبر واري ڪمپائونڊ وال سان لڳ هو پهاڙي آهي. پاڻ انهي پهاڙي تي چڙهي حضرت عبد الله بن عمر جي قبر ۽ سندس ٺاهيل گهر جي زيارت ڪري سگهون ٿا. چيو مانس ته، ڪنهن گهر جي پٺيان لڪي لڪي جاسوسن وانگر وڃڻ مون کي مناسب نه ٿو لڳي. هي ته، هڪ وڏي شان واري اصحابي سڳوري جو گهر، قبر ۽ سندس فاروقي خاندان جي رهائشي بلڊنگ آهي انهي جي پٺيان ائين وڃڻ مون کي سخت بي ادبي لڳي ٿي، تنهنڪري آئون نه هلندس. پر جاويد منهنجو جواب اڻ ٻڌو ڪري ڦري وڃي انهي پهاڙي تي چڙهيو ۽ حضرت عبد الله بن عمر جي گهر ۽ قبر جي زيارت ڪئي. فاتحه خواني ۽ دعا گهرڻ کانپوءِ مون کي پهاڙي تان بيهي اچڻ لاءِ اشارا ڪرڻ لڳو. دل ۾ سوچيم ته، جيڪڏهن نه ٿو وڃان ۽ اتان ئي واپس حرم شريف ڏي موٽي هليو ٿو وڃان ته ٻيهر ڪهڙي خبر اهڙو موقعو نصيب ٿئي يا نه؟ ٻيو ته اسان ٻئي دوست هن ڀلاري اصحابي جي قبر ۽ سندس گهر جي زيارت لاءِ آيا هئاسون، منهنجو ساٿي جاويد زيارت ڪري ويو ۽ آئون محروم رهجي وڃان ته اها ڳالهه به ڏاڍي ڏکي پئي لڳي. جيئن ڳالهه ڪندا آهن ته، حضرت خواجه خضر عليه السلام۽ سڪندر ذوالقرنين ٻئي گڏجي آب حيات جو چشمو ڳولڻ نڪتا. جبلن جي اونهين غارن جي اونداهين ۾ هلندي سڪندر ذوالقرنين واٽ تي ڀلجي پوئتي رهجي ويو ۽ کيس آب حيات جو چشمو نه لڌو پر حضرت خضر عليه السلام آب حيات جو چشمو وڃي لڌو ۽ انهي مان پاڻي پي واپس خير سان موٽي آيو. بقول شاعر ته،
تهيد ستان قسمت راچه سوداز رهبر ڪامل
چو خضر از آب حيوان تشنه مي آرد سڪندرا را.
يعني ته، بد نصيب ۽ محروم القسمت ماڻهن کي ڪامل رهبر مان به ڪهڙو فائدو ٿيندو. جيئن خضر عليه السلام آب حيات جي چشمي تان سڪندر ذوالقرنين کي اڃارو وٺي واپس آيو. سو مون دل جو دل ۾ خدا کان مغفرت گهرندي ته مالڪ! اسان هن ڀلاري اصحابي جي گهر جا جاسوس ٿي ڪونه آيا آهيون، اسان ته هن ڀلاري جي قبر جي زيارت ۽ انهي لاءِ بخشش ۽ سندس آخرت ۾ مرتبي جي بلندي لاءِ دعا گهرڻ آيا آهيون. دل ۾ اها دعا گهري آئون به پٺئين پاسي کان ڦري وڃي پهاڙي تي چڙهيس پهاڙي ديوارن کان تمام گهڻو مٿي هئي. انهي ڪري اتان بيهندي حضرت عبد الله بن عمر جي قبر ۽ سندس هٿن سان ٺاهيل گهر بلڪل پڌرا نظر اچي رهيا هئا. قبر ۽ گهر کي ڏنل چوديواري مستطيل شڪل ۾ اتر ڏکڻ هئي. جنهن ۾ گهر جي لڳ اتر طرف قبر هئي. قبر زمين سان بلڪل هموار هئي البت سيراندي واري پاسي کان سنهي سر جهڙو ڪارو پٿر کڙو ٿيل هو. سندس قبر تي انهي کانسواءِ نالي واري ڪابه تختي يا پٿر وغيره ڪونه هو. گهر جي ماپ به بنهه معمولي هئي. چئن کٽن جيتري ڪوٺي جيڏي هوندي. انهي گهر جي ڇت ڪونه هئي فقط ڪلهي جيتريون اڌ ڊٺل ديوارون هيون. البت ڀتيون بنهه ٿلهيون هيون ڀتين جي وچان ڏار وغيره ڪونه هئا، شايد سندس خاندان جي ماڻهن طرفان ڀتين جي لنبائي وغيره ٿيندي هجي. جيئن اسان وٽ سنڌ ۾ اوڏڪي ڀت هوندي آهي اهڙي نمونه جون ڀتيون هيون. ڀتين جي اندر وچ وچ ۾ وڏا وڏا پٿر مٽي سان ملائي ڀت ٺاهي وئي هئي. گهر جو دروازو به لنگهه وانگر هو جيڪو به سوڙهو نظر ٿي آيو ۽ اهو لنگهه ڏکڻ طرف هو. گهر جي ڏکڻ اولهه ڪنڊ وٽان هڪ گول ننڍي دري هئي. ڪلهي جي برابر گهر جون بيٺل ديوارون اسان کي زبان حال سان گهڻو ڪجهه ٻڌائي رهيون هيون. مون هڪ نظر حضرت عبد الله بن عمر جي موجوده خاندان جي پنج ماڙ بلڊنگ تي وجهي وري سندس هٿن جو ٺاهيل گهر ڏٺو ته، حضرت عبد الله بن عمر جي اها روايت ڪيل حديث ياد اچي ويم جيڪا بخاري شريف ۽ حديث جي ٻين ڪتابن ۾ آئي آهي ته، قال رضه اخذ رسول الله ﷺ ببعض جسدي فقال ڪن في الدنيا ڪانڪ غريب او عابر سبيل و عُد نفسڪ من اهل القبور. حضرت عبد الله بن عمر جي روايت جو خلاصو مطلب هي آهي ته، هڪ ڀيري حضور اڪرمﷺ جن سندس ڪلهي کي جهلي کيس مخاطب ٿي فرمايو ته، ”عبد الله! دنيا ۾ ائين رهه، ڄڻ ڪو پرديسي يا واٽهڙو هجين، پاڻ کي هينئر ئي مئلن مان شمار ڪر.“ ٻنهي جهانن جي سردار سچ فرمايو واقعي دنيا ڪنهن جو به ديس ڪونهي. هن کي ديس به تڏهن چئجي جڏهن هميشه هتي رهڻ ٿئي. چند ڏينهن رهي، انسان وري اڳتي روانو ٿيو وڃي. تنهن دنيا ۾ رهندڙ هر انسان واٽهڙو آهي جيڪو زندگي جي راهه ۾ سفر ڪندي واٽ وٺي وڃي رهيو آهي. دنيا ته هڪ رستو آهي جتان گذري اڳتي پنهنجي اصل منزل ڏي وڃڻو آهي. انهي ڪري پاڻ کي جيئري ئي مئل سمجهي ڇو ته پاڻ کي زنده تصور ڪبو ته، دل جو ڌيان هر وقت لذيذ عمدا کاڌا کائڻ، طرحين طرحين مشروبات پيئڻ، اوچا لباس اوڍڻ، سير تفريح لاءِ گهمڻ ڦرڻ پنهنجي هستي مستي هلائي هيڻن تي حڪم هلائڻ ڏي ٿي ويندو. پر جي پاڻ کي مئل (بيوس/ هيڻو) تصور ڪبو ته، نفساني خواهشن ۾ ڪمي ٿي ويندي، آخرت جو فڪر ۽ ڌيان وڌندو.
اوليا الله جي فڪر آخرت جو اهو مرڪزي نقطو آهي. حضرت عبد الله بن عمر واقعي سندس روايت ڪيل حديث تي عمل ڪري ڏيکاريو جنهن جو ثبوت اسان جي سامهون سندس ٺاهيل گهر هو. مٿس خدا جون لکين رحمتون هجن. حضرت عبد الله بن عمر جي قبر ۽ گهر جي زيارت کان واپس ورندي اسان پاڻ ۾ صحابه ڪرام جي فضائل ۽ سندن حالات و واقعات بابت ڳالهيون ڪندا آياسون.