مڪي شريف ڏي روانگي:
لڳ ڀڳ ساڍي اٺين وڳي بس جده کان مڪي شريف رواني ٿي. بس جو ڊرائيور هڪ ڊبل شيدي هو جنهن جو وزن اندازو آهي ته چئن پنجن مڻن کان ڪنهن به صورت ۾ گهٽ نه هوندو. بس فل ايئر ڪنڊيشن هئي جنهن ۾ ڪل 49 سيٽون هيون. هن ترتيب سان جو هڪ پاسي کان ٻه سيٽون ته ٻئي پاسي کان به ٻه سيٽون. هر ٻن سيٽن مٿان ننڍڙو پکو لڳل هو جنهن جي چالو يا بند ڪرڻ جو بٽڻ ڊرائيور جي سامهون ڀر واري بورڊ ۾ هو. پکو ڦرندي ٿڌي هوا پهچائي رهيو هو. بس جي ڊرائيور جي سيٽ اسان جي بسن جي ڊرائيورن جي سيٽ جي بر خلاف کٻي طرف هئي. ڇو ته هتي ڊرائيونگ رائٽ سائيڊ (سڄي پاسي) کان ڪئي وڃي ٿي. البته اسان وٽ ليفٽ سائيڊ (کٻي پاسي) کان ڊرائيونگ ڪرڻ جو قانون آهي. جيڪڏهن هتان جي پاڪستاني ڊرائيور کي سعوديه جي قانون مطابق ڊرائيوري لاءِ ويهارجي ته، پهرين ته ڪيترائي ايڪسيڊنٽ ڪندو. جيسين وڃي ڳالهه سمجهي ۽ سندس هٿ هري. بس جيئن ئي رفتار تيز ڪئي ته بس عمله طرفان حاجين جي خدمت ۾ تحفه طور هڪ ليٽر جي بوتل جنهن ۾ واديء فاطمه جو پاڻي هو، نمڪين بسڪيٽن جو وڏو دٻو، مٺي ڊبل روٽي، نارنگين جو جوس ۽ ٻيون ذائيقيدار شيون ڏنيون ويون. رات جو يارهين وڳي بس مڪي شريف پهتي. جده مڪه جو فاصلو 45 ميل اصلي ۽ 60 ڪلوميٽر آهي، جيڪو ساڍن ٽن ڪلاڪن ۾ طئي ٿيو.
بس کي پهرين ته حاجين لاءِ ٺهرايل گورنمنٽ طرفان استقباليه ميدان ڏي نيو ويو، جتي بس تيل ڀرايو ته اسان کي وري زمزم جي پاڻي جي وڏي بوتل، بسڪيٽ، ڊبل روٽيون وغيره تحفه طور ڏنيون ويون. اتي بس وارن هيء به اعلان ڪيو ته، مڪتب 21 وارن جو معلم تبديل ڪري هاڻي انهن کي مڪتب 17 جي معلم حوالي ڪيو ويو آهي. اسان بس ۾ ويٺي زمزم جو پهريون ڍڪ ڀري پوءِ دعا گهري ۽ پاڻي پيئندي پيئندي بوتل خالي ڪئي سون.