مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

حج ٽرمينل ۾:

حج ٽرمينل ۾:
جمعه جي ڀلاري ڏينهن 25 ذوالقعد 1417هه/ 4- اپريل جي اسان چارئي ساٿي پنهنجو سامان سيٽ ڪري تيار ڪيو ته، اسان کي هوائي اڏي تائين ڇڏڻ ۽ الوداع ڪرڻ لاءِ حاجي عبدالخالق سومرو صاحب (ايم پي اي) پاڻ ۽ سندس فرزند هڪ گاڏي ۾ ويٺا ۽ اسان سڀئي ساٿي حاجي عبدالجليل ولد حاجي عبدالواحد سومري سان گڏ سندس گاڏيء ۾ ويٺا سون. ٻئي گاڏيون هڪ ٻئي پٺيان هلنديون رهيون. نيٺ اسان حاجين جي روانگي لاءِ مخصوص ٽرمينل نمبر 3 تي تقريباً 9 وڳي ڌاري پهتاسون. سڀني کي الوداع ۽ خدا حافظ چئي اندر داخل ٿياسون ته ڪسٽم عملي جي حوالي ٿيڻ تي پهرين اسان جي ۽ پوءِ سامان جي چيڪنگ ٿي. بستري وارو ٿيلهو ۽ بيگ جهاز عملي کي ڏنم ته جيئن جهاز ۾رکڻ لاءِ روانو ڪن ۽ مون پنهنجي ساٿين سان گڏجي ٽڪيٽ ڏيکاري سيٽ اوڪي ڪرائي منهنجي سيٽ جو نمبر 14-Bهو جيڪا شيشي واري دريء ڀرسان هئي. اميگريشن جي سڀني مرحلن مان گذري اسان مسافرن جي انتظار گاهه ۾اچي دم پٽيو.
وقت جي تنگي سبب جلدي وضو ڪري روزمره وارا ڪپڙا لاهي احرام ٻڌوسين ۽ ٻه رڪعتون نماز پڙهي لبيڪ اللهم لبيڪ پڙهندي عمري جي نيت ڪئي سون. حقيقت ۾ اسان جو حج تمتع وارو احرام هو. مون ساٿين کي عمره جا ضروري مسئلا ۽ احرام بابت پرهيزون ٻڌايون. جنهن وقت اسان احرام ٻڌي رهيا هئاسون ته، مون پنهنجي ساٿين کي چيو ته، جيئن مئي ماڻهو جو لباس به اڇو ۽ اڻ سبيل هوندو آهي تيئن حاجيء جو لباس به اڇو ۽ اڻ سبيل هوندو آهي. فرق ايترو آهي جو مئي جي لباس کي ڪفن ڪوٺجي ٿو ته حاجيء جي لباس کي احرام سڏجي ٿو. ان هوندي به ٻنهي ۾ ڪافي هڪجهڙائي آهي، جنهن جو ڪارڻ هي آهي ته، جيئن مئل ماڻهو مٽ مائٽ، دوست يار دولت ۽ ڪاروبار وغيره بلڪه هي جهان به ڇڏي وڃي ٻئي جهان ۾ پهچندو آهي، تيئن حاجيء کي به اهو سبق ڏنو وڃي ٿو ته، اي حاجي! تون ڪفن پائڻ کانپوءِ دنيا جي هر هڪ شيء تان دل کڻي سڀئي اُلڪا لاهي بس هڪ الله ۽ ان جي سچي رسولﷺ جي محبت ۾پاڻ کي فنا ڪري ڇڏ. تون ائين سمجهه ته منهنجو دنيا ۾ڪجهه به ڪونهي، جي آهي ته سڀ ڪجهه خالق ۽ مالڪ جو آهي. حج ڪرڻ جي ارادي سان احرام پائڻ وقت اهو پهريون سبق ڏنو وڃي ٿو. انهيڪري هر حاجيء کي کپي ته، احرام پائي تلبيه (لبيڪ چوڻ) کانپوءِ گهر، ٻار، زال ۽ ڪاروبار جو فڪر دل مان قطعي ڪڍي ڇڏي ته، پوءِ کيس حج جي احڪامن ۽ ارڪانن ادا ڪرڻ ۾ آساني ۽ روحاني تسڪين ٿيندي، پر جي سندس دل پوئتي پئي واجهائيندي ته، رڳو چپن سان پڙهيل تلبيه مان کيس ڪهڙو فائدو ٿيندو.
11 وڳي اوچتو انفارميشن سيل طرفان اعلان ٿيو ته، “پي آءِ اي جو جهاز اڏام نمبر 1615 پنهنجي مقرر ٿيل وقت ساڍي يارهين وڳي هن ڪري روانو نه ٿي سگهندو جو ملتان کان حاجي سڳورن جي جهاز پهچڻ ۾ دير ڪئي آهي. جيئن ته ملتان مان ايندڙ عازمين حج ڪراچي مان روانا ٿيڻا آهن انهيڪري موجود سڀئي عازمين حج ٿوري دير انتظار جي زحمت گوارا ڪن.”
منهنجا ساٿي مطمئن ٿي نماز واري ڪمري ۾ ليٽي پيا. مون کي ننڊ نه آئي انهيڪري تلبيه پڙهندو اٿي انتظار گاهه ۾ اچي بيٺس. چوڌاري حاجي سڳورا سفيد لباس ۾ ائين نظر پئي آيا ڄڻ اهي جيئري ئي دنيا کان لاتعلق ٿي مئلن وارو لباس پائي پاڻ کي فنا ڪري چڪا هجن. انهن حاجي سڳورن مان ڪيترن سان اتي ملاقاتون ٿيون، جيڪي منهنجي علائقي ٽنڊي الهيار، ميرپور خاص، نصرپور ۽ چمبڙ وغيره جا هئا.
12 وڳي پيٽ ۾ خالي آنڊن جا گرڙاٽ ۽ وروڪڙ شروع ٿيا ته بک جو بلو ڪرڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن واجهايم ته هڪ همراهه ڍؤ واري اوڳرائي ڏيندي اشارو ڪيو ته سامهون پي آءِ اي جي ڪينٽين ۾هليا وڃو. انتظاميه پاران حاجين لاءِ لنچ جو بندو بست ٿيل آهي، هر قسم جو کاڌو فري فنڊ ۾ خوب کائو پر کڻي وڃڻ جي ناڪام ڪوشش نه ڪجو. همراهه طنز آميز لهجي ۾ ڏس ڏيئي مرڪندو، ڏند کوٽيندو هليو ويو. مون سوچيو ته ممڪن آهي ماني کڻڻ واري ناڪام ڪوشش پاڻ ئي ڪئي هجيس انهيڪري پنهنجي تجربي جي آڌار اڳواٽ خبردار ڪري رهيو هو. ڪينٽين ۾ وڃي ڏسان ته طرحين طرحين طعام تيار ٿيا رکيا آهن. رڌ پچا وارا ملازم هر قسم جو کاڌو وڌي ڏيڻ لاءِ قطار ٺاهيو بيٺا هئا. ڪينٽين جون ڪيتريون ڪرسيون ۽ ٽيبل خالي پيا هئا يعني ته کائڻ وارن جي کوٽ هئي. مون سوچيو ته، جي اسان جي ميانجي سڳورن کي فقط 10 منٽ تائين قدم رنج فرمائڻ ۽ ڪينٽين کي شرف زيارت بخشي هن نادر موقعي مان فائدي وٺڻ جي درخواست ڪئي وڃي ته لمحي اندر ليٽون ڪڍي سرهي ۽ سڻڀي طعام جون خوشبودار اوڳرايون ڏيئي پي آءِ اي کي اهڙيون دعائون ڪن ها جو سرڪار کي گهڻو ڪجهه پلئه پوي ها. باقي اسان ۾ اهڙيون همتون ڪونه هيون جو اٺن ڏهن ديڳن جي ڀينگ ڪري وڏي شد ۽ مد سان لبيڪ پڙهندا وڃي جهاز ۾ ويهون. پر ان هوندي به پيٽ پوڄارين جي لسٽ ۾ نالو ڳڻائي وري اچي انتظار گاهه ۾ ويٺس. توڙي جو جهاز جي پرواز جو منتظر بنجي ويٽنگ هال جي شيشي وارن دروازن مان جهاز اڏامندو ڏسي رهيو هئس پر مون کي ذهني پرواز پل کن ۾ اهڙي دور ۾پهچائي ڇڏيو جنهن تي ماضيء جا تاريڪ پردا چڙهيل هئا. انهي دور تي هڪ نظر وجهي مون سوچيو ته، اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ ماڻهو مشيني پکي (هوائي جهاز) تي سوار ٿي فضا ۾ اڏامي سالن جا پنڌ ڪلاڪن ۾ته مهينن جا فاصلا منٽن ۾ڪري وٺي ٿو.
حقيقت ۾ سفر جا ڏک ڏاکڙا، مشقتون ۽ مشڪلاتون ته آڳاٽي دور ۾ هونديون هيون جڏهن ڌرتيء تي گهوڙن، گڏهن، خچرن ۽ اٺن ذريعي سفر ڪبو هو ته دريائن ۽ سمونڊن ۾ آگبوٽن (بحري جهازن) ذريعي سفرڪبو هو. انهي دور ۾ سفر هلندي ڪيئي آفتون آڏو اچي حاجي سڳورن کي ڏکوئينديون هيون. گهڻو ڪري خشڪي رستن تي حاجين جي قافلن تي ڦورن ۽ ڌاڙيلن جا حملا ٿيندا ۽ راتاها لڳندا هئا. انهي ڪري خوف وچان قافلن کانسواءِ اڪيلو نڪري ڏورانهون سفر ڪرڻ ممڪن نه هو، ۽ وري سامونڊي طوفان آگبوٽن لاءِ ملڪ الموت ثابت ٿيندا هئا. پر هن جديد ٽيڪنالاجي دور ۾ آڳاٽي دور جي انهي سفر جو تصور به يقين نه ڪرڻ جهڙي آکاڻي مثل آهي.
اسان جي محترم استاد حضرت مولانا محمد اسماعيل لغاري مسڻ وڏي جن جي والد حاجي خان محمد لغاري ڪل چار حج ڪيا هئا، جنهن مان هڪ حج پيدل قافله سان گڏ ڪيو هئائين. جيئن ته ان وقت خشڪي رستا غير محفوظ هئا. هر ڪنهن هنڌ ڦورن ۽ ڌاڙيلن جي خوف سان گڏ اڙانگا پنڌ پيچرا، جبل رڻ پٽ، جابلو علائقن جون خطرناڪ بلائون، وحشي جانور ۽ آب هوا جي بدلجڻ سبب طبيعت جو لازمي متاثر ٿيڻ وغيره اهڙيون اڻ ٽر رڪاوٽون هيون جو انهن رستن تان آساني سان لنگهي پار پوڻ محال هو. مٿي ذڪر ڪيل قافلو سال جو گهڻو حصو پنڌ ڪندو جڏهن وڃي مڪي شريف پهتو هوته، حج ادا ٿي چڪو هو. (يعني ته، حج جي ادا ڪرڻ جا ڏينهن 8 ذوالحج کان 13 ذوالحج تائين گذري چڪا هئا.) انهيء ڪري حاجي خان محمد لغاري سڄو سال اتي رهي پيو ۽ وري ايندڙ سال حج ڪري پوءِ وطن واپس وريو هو. بهرحال اهو انهي دور جو واقعو آهي جڏهن هوائي سفر جو هتي تصور به ڪونه هو. پر اڄوڪي سائنس جي سيٽلائٽ سسٽم، انٽرنيٽ ڪمپوٽر، ٽريولنگ سسٽم، اطلاعات و نشريات جي مشيني ايجادن جهڙي تڪڙي مواصلاتي نظام سڄي دنيا کي هڪ ٻئي سان ڳنڍي ڇڏيو آهي.
سڄي دنيا جي هر هڪ چرپر اکين آڏو پئي ڏسجي ۽ ٻڌجي. خبر ناهي ته، آئنده اڃا به ڪهڙيون ايجادون ميدان ۾ اچي دنيا کي حيرت زده بنائن. خدا بهتر ڄاڻي ٿو.
چپ چاپ ويٺي سوچيم ته، پي آءِ اي جي شعبه اطلاعات پاران هن اعلان منهنجي منجمد جسم کي خاموشي جي گهرائي مان ڪڍي حرڪت ۾ آڻي ڇڏيو ته، ملتان کان پي آءِ اي جو جهاز پهچي ويو آهي، هاڻي انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. غالباً هڪ وڳي نماز پڙهي ساٿين سميت اچي قطار ۾ بيٺاسون. اها قطار گيٽ وٽ بيٺل آفيسرن کي ٽڪيٽ چيڪ ڪرائڻ ۽ پرين ڀر بيٺل بس ۾ (جيڪا هوائي جهاز جي سيڙهي تائين کڻي پهچائيندي آهي) چڙهڻ لاءِ لڳائي وئي هئي. ٽڪيٽ چيڪ ڪرائڻ وقت معمول مطابق پي آءِ اي طرفان سفيد ڪپڙي واري ڇٽي اس جي حفاظت لاءِ ڏني وئي هئي. بس ۾ چڙهڻ سان پتو پيو ته، هنن بسن ۾فقط بيهڻ جي جاءِ آهي، اتي ڪابه ڪرسي يا سيٽ ناهي البته بس جي اندر ڇت ۾ ڊگهي سيخ لڳل آهي جنهن ۾ ريگزين جا پٽا ڇلي وانگر لٽڪيل آهن تن ۾ هٿ وجهي بيهڻو پوي ٿو. بس ۾ اسان وڏي آواز سان تلبيه (لبيڪ اللهم لبيڪ چوڻ) پڙهندا رهيا سون. بس جا آٽو ميٽڪ دروازا / پريشر ڊور بند ٿيا ته، بس هلڻ لڳي مرد ۽ عورتون هڪ ئي هنڌ گڏ بيٺل هئاسون، ڪوبه فرق ڪونه هو. سامهون پي آءِ اي وارو جهاز بيٺل هو جنهن جي سيڙهي ڀرسان ٻن منٽن ۾پهچي وياسون. بس مان لٿاسون ته سڀني کي لائن ۾ بيهاري مٿي سيڙهي تي چڙهي جهاز ۾ سوار ٿيڻ لاءِ چيو ويو. جهاز جو دروازو تمام مٿي هو. اندازاً اسان جي ڳوٺ جي ٻٻرن جيترو مٿي هوندو. آئون ته ٻهراڙيء جو رهاڪو هئس مون جهاز ڪڏهن ڏٺو به ڪونه هو. سو مون لاءِ هر هڪ شيء نئين ۽ حيرت جوڳي هئي. ننڍي وڏي شيء کي چڱي طرح پئي جانچيم. شايد ڪن مون کي چريو به سمجيو هجي ته، هيء وري ڪهڙو پاڳل آهي جو اکيون ڦاڙيو هيڏانهن هوڏانهن نظر پيو ڊوڙائي ۽گهُتون گوهيون پيو هڻي. واقعي به ديوانا لڳي رهيا هئاسون هڪ ته احرام پاتل ٻيو ته ڪنڌ ۾ ريگزين واري ننڍڙي بيگ ڪلهي ۾ واٽر ڪولر ته هٿ ۾ ڇٽي کنيو پئي وياسون. سيڙهيء تي چڙهندي جهاز کي ويجهو ڏسڻ سان خبر پئي ته هيء ڪا وڏي بلا آهي.
جهاز ۾ بڪ ٿيل سيٽ تي ويٺس ته ائين محسوس ڪيم جيئن ڪراچي واري ايئرڪنڊيشن ڪوچ بس ۾ ويٺو هجان. مون سان گڏ ساٿين مان جاويد هارون هزاروي ۽ عبدالغني سومرو ويٺل هئا جڏهن ته ٽيون ساٿي رحيم ڏنو سمون اسان کان ڌار سيٽ ملڻ تي کٻي طرف واري لائن ۾ ويٺل هو. آئون سائيڊ واري شيشي جي دريء ڀرسان هئس، انهي ڪري ويٺي ويٺي سڀ ڪجهه نظر اچي رهيو هو. ايندي ويندي جو نظارو پئي ڪيم. مسافرن جو سامان کڻندڙ ڪُلي پنهنجي ڪم ۾ تيزيء سان مصروف هئا. ٿوريء دير ۾ عمله طرفان جهاز جي روانگي لاءِ انتظامات مڪمل ڪيا ويا. پر پوءِ به اسان جهاز جي اڏامڻ جا منتظر بنجي ويٺا رهياسين. خبر ناهي ته ڪهڙو مسئلو هو.
مون دوستن کي چيو ته، مون کي پنهنجي ڳوٺ جون سوزوڪيون ياد پون ٿيون، جن ۾ ويهڻ کانپوءِ اسان پسينجرن کي سوزوڪي هلڻ لاءِ انتظار ڪندي ڊرائيور کي منٿون ۽ آزيون ڪرڻ معمول بنيل آهي.