مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

هڪ عرب جي راءِ:

هڪ عرب جي راءِ:
سانجهي نماز بعد مسجد نبوي ۾ روضي پاڪ جي سامهون وارين ڇٽين هيٺ نماز کان واندو ٿي ويٺو هئس ته، ڀر ۾ ويٺل هڪ عرب شيخ غالباً مصر جو هو سو روضي پاڪ ڏانهن ڏسيو هر هر پيو ٿڌا شوڪارا ڀري.
پريشان حال ڏسي کانئس طبع پرسي ڪندي پڇيم ته، وراڻيائين ته، منهنجي طبيعت ٺيڪ آهي باقي اسان جي اجماعتي طبيعت رولي ۾ آهي. چيو مانس ته جيئن انفرادي طبيعت لاءِ حاذق حڪيم ڊاڪٽر وٽ وڃي علاج ڪرائجي ٿو تيئن اجتماعي طبيعت لاءِ به طبيب موجود آهن. مصري عرب نماڻيون اکيون روضي ڏانهن کڻي روئڻهارڪو منهن ڪري چيو ته، ڀلا هن کان وڌيڪ ٻيو ڪو ماهر معالج آهي؟ پر جنهن صورت ۾ انهي عظيم ڏاهي معالج جي ڏسيل نسخي کي به اسان قبول نه ڪيو ۽ انهي جي ٻڌايل علاج کي ڪم نه آندو ته پوءِ ڪهڙو طريقه علاج آهي جتان ڪو شفا جو آسرو ٿئي!! سچ پچ ته اسان مسلمانن جي مذهبي حوالي سان بنهه خراب حالت آهي. ويتر اسان جي حڪمرانن ته ڪم لاهي ڇڏيا آهن. اڪثر ڪري اسلامي ملڪن پنهنجي جهولي ۾ رنگ رنگ جا نانگ پالي رکيا آهن. جيڪي نه رڳو مسلمانن کي ڏنگي بي حس ڪري رهيا آهن بلڪه مسلمان ملڪن جي عوام جي ديني، اخلاقي، سماجي ۽ ثقافتي تباهي ڪري رهيا آهن. جنهن ڪري نه رڳو مسلمانن جو نقصان ٿي رهيو آهي پر خود اسلام جو عالمگير فڪر متاثر ٿي رهيو آهي.
منهنجو خيال آهي ته، اهو سمورو ڪم ڪنهن وڏي بڇڙي رٿا هيٺ ڪيو پيو وڃي. توهان خود ڏسو ته، هر مسلمان ملڪ ۾ ڪيترائي باطل فرقا موجود آهن جيڪي اتي جي مسلمانن کان سندن اصل تعليم ۽ مذهبي فڪر وسارائي، ان جي جاءِ تي اهڙي تعليم ۽ تربيت پيا ڪن جن سان مسلمان ۽ اسلام جو پاڻ ۾ ذري برابر تعلق قائم نه ٿو رهي. فقط ڪاغذن ۽ شناختي ڪارڊ ۾ مسلمان ڄاڻايل آهي باقي ٻيو خير.
مصري عرب جي راءِ ٻڌي کيس عرض ڪيم ته، ڀلا انهي جو ڪو حل به آهي يا بس ائين ئي روئندا پٽيندا ۽ مار کائيندا رهنداسون. وراڻيائين ته، منهنجو خيال آهي ته، يهودين ۽ عيسائين جون اسلام ۽ مسلمانن خلاف سازشون ۽ قتل و غارت جيئن جيئن تيز ٿيندو ته انهي ئي رفتار سان، رد عمل طور مسلمانن ۾ به ايماني غيرت پيدا ٿيندي ۽ انهن کان پورو پلاند وٺندا پر موجوده مسلمان حاڪمن ۾ اها اميد ناهي. البت مسلمان نوجوان طبقي ۾ اميد جا اهڙا ڪرڻا موجود آهن. مصري عرب خدا حافظ چئي هليو ويو.
اڄ 5 محرم 1418هه مطابق 11 مئي 1997ع تي مسجد نبوي ۾ پرهه کان پهرين حاضر ٿي معمول مطابق سج اڀرئي تائين نماز، ذڪر اذڪار وغيره کان واندا ٿي وڃي نيرن ڪئي سون. دوستن مان جاويد هزاروي چيو ته، تون روزانه لڪي لڪي وڃي ٿو لائبريري ۾ ويهي رهين. اڄ آئون به گڏ هلندس. وراڻيم ته، جيڪڏهن اهڙو شوق اٿوَ ته ڀلي هلو. جاويد چيو ته اسان فقط لائبريري ۽ ڪتاب ڏسنداسون. باقي پڙهڻ ۽ سيني ۾ سانڍڻ جو ڪم تنهنجي حوالي آهي. بهرحال آئون ۽ جاويد، شاهه عبدالعزيز لائبريري ۾ اچي ويٺاسون. پٽيوالو روزانه وانگر پاڻي جي بوتل ۽ ڪتاب رکي هليو ويو. جاويد ڪجهه ڪتاب ڏسي مون کان پڇيو ته، اڄ قلم کان ڪهڙو ٿو ڪم وٺين؟ عرض ڪيم ته، اڄ قلم کي مديني جي قديم ۽ جديد تاريخي احوال جو مختصر تحريري دورو ڪرائڻو آهي. پوءِ قلم، ڪاغذ سنڀالي، ڪتاب کولي آئون ته مديني منوره بابت معلومات گڏ ڪرڻ لڳس. جنهن کي سهيڙي سموهي هتي پيش ڪيو اٿم.