حج ۽ عمره جا احڪام:
ويزا مطابق اسان جو هتي داڻو پاڻي پورو ٿيڻ وارو هو، ۽ هتان کان وطن واپسي جو وقت ويجهو ٿيڻ ڪري مسڻ کان مديني جو هي ڀلارو سفر پڄاڻي کي پهچڻ وارو هو ته، هن سفرنامه جي پڙهندڙن، حج لاءِ احڪام بيان ڪجن ٿا. پهرين احڪامن جو چارٽ ڏنل آهي جنهن ۾ هر حڪم جي شرعي حيثيت واضح ڪيل آهي ۽ پوءِ حج جي ادائگي وارن ڏينهن ۾ احڪام ادا ڪرڻ جو ترتيب سان تفصيل آهي. اسان اهي احڪام پنهنجي پوري تصديق ۽ تحقيق سان لکيا آهن. تنهن هوندي به ڪنهن معتبر مفتي ۽ مقامي عالم دين کان تصديق ڪرائي اطمينان ڪري وٺو ته وڌيڪ بهتر ٿيندو. باقي انهن احڪامن ادا ڪرڻ وقت جيڪي دعائون گهرجن ٿيون، سي هر حاجي ۽ عمره ڪرڻ واري کي سرڪار طرفان ملندڙ ڪتاب ۾ موجود آهن. هونئن به اهي ڪتاب عام جام ملي سگهن ٿا.
تنهنڪري هتي اختصار سبب فقط فرضي ۽ واجب احڪام لکجن ٿا. جڏهن ته هن کان اڳ ۾ ڪجهه حڪم پهرين به لکي آيا آهيون پر هتي پوري ترتيب ۽ تفصيل سان آهن. منهنجي سمجهه مطابق حج جي احڪامن ادا ڪرڻ وقت عربي ۾ دعائون گهرڻ غير عرب لاءِ ضروري ناهن، پنهنجي مادري ٻولي ۾ دعائون گهرجن ته وڌيڪ بهتر به آهي ته، آسان به، ڇو ته، اهي دعائون گهرڻ وقت خود پاڻ سمجهي رهيو هوندو ته آئون ڇا پيو گهران؟ پر عربي دعا پڙهڻ وقت، جيڪڏهن عربي کان واقف ئي ڪونهي ته، پتو به نه پوندس ته، ڇا پيو چوان ۽ ڇا پيو گهران؟ رڳو طوطي وانگر رٽيل اکر پيو اچاريندو. وڌيڪ هي ڳالهه ته، حج ۾ شريعت طرفان عربي ۾ دعائون گهرڻ جي خاص تاڪيد ۽ پابندي به ڪونهي. البت هر نماز ۾ دعائون عربي ۾ ئي پڙهڻ جو حڪم آهي ڇو ته نماز جي ڪنهن به رڪن ۾ تڪبير، ثناء تعوذ، تسميھ، قرئت، تسميع، تحميد، تسبيح، التحيات، صلواة جهڙا ڪلما عربي ۾ ئي چوڻا آهن، نه ته نماز نه ٿيندي. پر حج توڙي عمره جي ڪنهن به رڪن ۾ عربي ٻولي واري دعا پڙهڻ جو ڪو به شرط لازم ٿيل ناهي. بلڪه اختيار ڏنل آهي ته، وڻي ته عربي ۾ دعا پڙهو، وڻي ته پنهنجي ٻولي ۾.
جيڪڏهن عربي دعائن جي معنيٰ مطلب سمجهي ٿو ته عربي ۾ دعائون گهرڻ مستحب آهن ڇو ته، حضور سائين ﷺجن جي ٻولي، قرآن جي ٻولي، بهشتين جي ٻولي، ملائڪن جي ٻولي عربي آهي پر جي عربي کان واقف ئي ڪونهي. معنيٰ مطلب جي خبر ئي ڪانهي ته ڀلي پنهنجي مادري ٻولي ۾ دعا گهري.