هندستاني ميجر سان ملاقات:
حرم شريف جي لڳ ڏکڻ طرف شاهي خاندان جي شهزادن جو فائيو اسٽار ٽائپ هوٽل آهي. مون هڪ ڏينهن سوچيو ته، رڳوامير ماڻهو انهن اوچن هوٽلن ۾ ويهي لطف اندوز ٿين ٿا. آخر اسان به ته، انسان آهيون،ڇو نه اسان انهن هوٽلن ۾ روز روز نه سهي پر زندگي ۾ هڪ ڀيرو وڃي اتي جي چانهه/ قهوه جو ڍُڪ ڀري لطف وٺون ۽ وڏن خاندانن جي فردن جو ويجهڙائي کان نظارو ڪريون. اهو خيال ڪري پنهنجي بعض ساٿين سميت وڃي انهي هوٽل ۾ داخل ٿيس. اهو 10 اپريل 1997ع جي وچين نماز کانپوءِ جو وقت هو. هڪ وڏي هال ڪمري ۾ وڃي ويٺاسون منهنجا دوست هڪ وڏي صوفا سيٽ تي ويٺا ته، آئون وري انهن کان ٻئي پاسي رکيل صوفا سيٽ تي ويٺس.
اتفاقاً منهنجي ڀرسان هڪ بزرگ شخص ويٺل هو. جيئن ته انهي سان گڏ ويهڻ جو اتفاق ٿيو ته، مون کيس سلام ڪيو ۽ حالي احوالي ٿيندي کانئس تعارف پڇيو. تنهن تي وراڻيائين ته، منهنجو نالو بدرالدين خان آهي، منهنجو وطن انڊيا ۽ رهائش لکنو آهي. آئون ٻيو ڀيرو حج تي آيو آهيان. ڌنڌي بابت پڇڻ تي ٻڌايائين ته، آرمي (بري فوج)۾ ميجر آهيان منهنجا پٽ به آرمي ۾ ليفٽينٽ ۽ ڪرنل جي عهدن تي آهن. انڊيا مان حج تي آيل مسلمانن جي تعداد بابت ٻڌايائين ته، هن سال پنجاسي(85) هزار هندستاني حج تي آيا آهن. ميجر بدر الدين خان وڏي تدبر، فهم و فراست جو مالڪ هو. انڊيا جي اندروني ۽ ٻاهرين معاملن بابت سندس گفتگو نهايت متاثر ڪندڙ ۽ معلومات سان ڀرپور هئي. ميجر صاحب ڪشاده ظرف ۽ خنده پيشاني معلوم ٿي رهيو هو. مون کيس عرض ڪيو ته، توهان سان ملي مون کي يقيناً خوشي حاصل ٿي آهي، پر آئون وڌيڪ ڪچهري ۽ تبادله خيالات کان اڳ پڇندس ته، توهان جو هندستان جي ڪهڙي مذهبي جماعت سان تعلق آهي؟ ته پاڻ مرڪندي چيائين ته، اسان ته پُشتان پُشت دارالعلوم ديوبند سان عقيدتمندي رکون ٿا، اسان جا ته اهي ئي مذهبي اڳواڻ ۽ رهنما آهن. بس پوءِ ته مون کي هُن پنهنجو ڄڻ گرويده بنائي ڇڏيو. مون کيس عرض ڪيو ته، آئون حضرت شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدني رحمت الله عليه (صدر المدرسين دارالعلوم ديوبند) جي تلميذ رشيد حضرت مولانا عبد الڪريم لغاري جو خادم ۽شاگرد آهيان. انهي حواله ٻڌڻ بعد ميجر صاحب بنا هٻڪ چئي ڏنو ته، هاڻي اسان ۽ توهان جي وچ ۾ ڪوبه فاصلو ناهي رهيو پاڻ ٻئي هڪ ئي مڪتبه فڪر جا پوئلگ ۽ هڪ ئي اداري جا فيض يافته آهيون. انهي ڪري هاڻي بنان حجاب کلي ڪري تبادله خيال ڪريو. منهنجا دوست اسان کي مصروف گفتگو ڏسي پاڻ ۾ ڪچهري به ڪندا رهيا ته ڪيڏي ڪيڏي مهل اسان ڏي توجهه به ڪندا رهيا ته اسان جي ڳالهين جو دور ڪهڙي مرحلي ۾ داخل ٿيو آهي. اسان پنهنجي ڪچهري ۾ مست هئاسين. اڪثر ڪري هندستان ۽ پاڪستان جي سياسي، معاشي ۽ اقتصادي حالتن جا موضوع زير بحث رهيا . جن جو خلاصو هي هو ته، ٻنهي ملڪن جون حالتون لڳ ڀڳ هڪ جهڙيون ئي آهن. ميجر صاحب پنهنجي تشويش جو اظهار ڪندي چيو ته، اڃا ته انهن ملڪن ۾ ڪنهن بهتري جي اميد نظر نه ٿي اچي. مون سندس انهي راءِ سان اتفاق ڪندي چيو ته، توهان جي اها تشويش بجا آهي. ڀلا بهتري جي اميد به ڪيئن ڏسجي جو اسان وٽ ته ادارا ڪمزور ۽ فرد مستحڪم آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو اسان جي ملڪن ۾ قانون جي بالادستي يا احترام فقط چوڻ جي حد تائين آهي. اهڙي صورت ۾ جمهوري استحڪام ته پري جي ڳالهه آهي پر انسانيت جو احترام به ڳولئي ڪونه ٿو لڀي. وڌيڪ چيم ته، اسان جي ملڪ جو قانون ڪوريئڙي جي ڄار مثل آهي جنهن ۾ مک ماڪوڙي ته ڦاسي سگهي ٿي پر باز ۽ سرڻ ڪڏهن به ڦاسي نه ٿا سگهن. اسان وٽ اقتدار تي قبضو هميشه ٻن طاقتور ڌرين جو رهيو آهي، جن کي عرف عام جي اصطلاح ۾سرمائيدار ۽ جاگيردار جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو، سي بازن ۽ ڳجهن وانگر آهن جيڪي قانون جي ڪوريئڙي واري ڄار ۾ ڪڏهن به نه ٿا ڦاسن. ان جي ابتڙ ٿرڊ ڪلاس جو فرد ۽ غريب ماڻهو جڏهن به قانون جي ڪوريئڙي واري ڄار ۾ ڦاسندو آهي ته مک ماڪوڙي وانگر ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو آهي. مون پنهنجي گفتگو روڪڻ پئي گهري پر ميجر صاحب چوڻ لڳو ته، توهان منهنجي ترجماني پيا ڪريو، انهي ڪري آئون توهان کان ڪجهه وڌيڪ ٻڌڻ گهران ٿو. مون چيو ته، اسان وٽ حق، انصاف مهيا ٿيڻ انتهائي مشڪل آهي ڇو ته انصاف جي حصول ۾ ايتريون ته پيچيدگيون آهن جو انصاف پلئه پوڻ تائين ڪيئي پيڙهيون قبرن حوالي ٿيو وڃن. پر پوءِ به عدالت پنهنجي شنوائي واري ديرينه سنت برقرار رکي ظالم کي ڊگهو رسو ڏيڻ ۽ مظلوم کي پنهنجي حق تان دستبردار ٿيڻ تي مجبور ڪري ٿي. ڇا غريبن ۽ مظلومن کي سستو انصاف اهڙي طرح مهيا ٿيندو؟ ميجر صاحب مرڪندي چيو ته، عدالتن مان انصاف ملڻ جي ڀلا ڪا صورت به آهي يا نه؟ مون چيو ته هائو. اسان جي پاڪستاني عدالتن مان حقدار کي حق تڏهن ملندو جڏهن وٽس ٽي شيون هجن. هڪ ته، قارون وارو خزانو هجيس، ٻيو ته حضرت ايوب عليه السلام وارو صبر هجيس ۽ ٽيون ته، حضرت نوح عليه السلام جي ڄمار هجيس. جيڪڏهن ڪنهن فريادي وٽ اهي ٽيئي شيون هونديون ته اميد آهي ته، ان کي عدالت مان حق رسائي ٿيندي. ميجر صاحب اهو ٻڌي ٽهڪ ڏيڻ لڳو. وڌيڪ چيائين ته تنهنجي تبصري ۽ تجزئي کي آئون پنهنجي ڊائري ۾ نه پر دل جي دفتر ۾ محفوظ ڪري رکندس. تنهنجي ڪچهري منهنجي دل کي ڏاڍو متاثر ڪيو آهي. اصرار ڪندي چيائين ته، توهان کي هندستان اچڻ جي دل سان دعوت ڏيون ٿا، مهرباني ڪري ضرور اچجو. مون کيس چيو ته دعوت قبول آهي جڏهن قسمت ٿي ته انشا الله توهان وٽ ضرور اچبو. پوءِ ميجر صاحب مون کان ڳوٺ جو پورو پتو وٺي، پنهنجي مڪمل ايڊريس منهنجي حوالي ڪئي. موڪلائڻ وقت ميجر صاحب چيو ته، خط ذريعي ضرور رابطو ڪجو. منهنجي اٿڻ تي منهنجا دوست به اٿي هلڻ لاءِ روانا ٿيا. سعودي شهزادن جي هوٽل مان ٻاهر آياسون ته، سانجهي نماز جو وقت ٿي چڪو هو ته حرم شريف ۾ وڃي حاضري جو شرف حاصل ڪيم. فلله الحمد.