روضي پاڪ ۾ سرنگهه جا ٻه واقعا:
جيئن ته روضي پاڪ جو ذڪر هلي رهيو آهي انهي ڪري هتي روضي پاڪ سان واسطو رکندڙ هڪ ٻه واقعا بيان ڪجن ٿا.
مديني منوره ۾ پيش ايندڙ تاريخي واقعن ۽ حادثن مان هي به هڪ اهم واقعو آهي ته، جڏهن عباسي خلافت ڪمزور ٿيڻ لڳي، عباسي خلافت ۾ ئي ڪيتريون رياستون ٺهڻ لڳيون. عيسائي، مسلمانن جي سياسي انتشار جو فائدو وٺي مسلمانن تي حمله آور ٿي ڪن علائقن تي قبضو ڪرڻ جا جتن ڪري رهيا هئا. انهي دوران سن 557هه ۾ عيسائين متفقھ فيصلو ڪيو ته، حضور اڪرم ﷺ جو جسم مبارڪ روضي پاڪ مان ڪڍي ڪنهن نامعلوم جاءِ ڏانهن منتقل ڪري ڇڏجي. انهي فيصلي تي عملدرآمد لاءِ هنن ٻه مراڪشي نوجوان تيار ڪيا. جن پاڻ کي اسپين جو رهاڪو سڏائي مسجد نبوي جي هڪ حُجري ۾ اچي رهائش اختيار ڪئي. ظاهري طور ڏاڍا نيڪوڪار، صوم و صلات جا پابند، تقويٰ جا صاحب ۽ پرهيزگاري جا پتلا. خير خيراتون ڪندڙ. جنت البقيع ۽ حضور سائين جي روضي پاڪ جي زيارتن ۾ مشغول. پر سندن اندر ۾ سراسر خباثت ۽ پليدي ڀريل هئي، جو سندن جاءِ وٽان روضي پاڪ ڏانهن رات جو لڪ ڇپ ۾ سرنگهه کوٽڻ شروع ڪيائون. سرنگهه جي جيڪا مٽي ٿيندي هئي سا ڪڏهن جنت البقيع ۾ زيارت جي بهاني وڃي اڇلائيندا هئا تان جو سرنگهه کوٽيندا جڏهن روضي کي وڃي ويجها پهتا ته،کين هي فڪر ٿيو ته، حضور اڪرم ﷺ جو جسم پاڪ ڪهڙي طرح ڪڍي کڻن! اڃا انهي ئي فڪر ۾ هئا ته، سلطان نورالدين محمود زنگي (عابد، زاهد ۽ متفقي پرهيزگار بادشاهه) کي حضور اڪرم ﷺ خواب ۾ زيارت ڪرائي ۽ ٻن ڳوري رنگ ۽ نيرين اکين وارن ماڻهن جون شڪلون ڏيکاري انهن ڏي اشارو ڪري فرمايائون ته “محمود! هنن کان منهنجي جسم جي حفاظت ڪر.” بادشاهه ننڊ مان ڇرڪ ڀري جاڳي پيو ته نفل وغيره پڙهي وري ستو ته، وري ساڳيو ئي خواب ۽ پاڻ ڪريمن جي زيارت ۽ ساڳيو حڪم.
اهڙي طرح لڳاتار انهي هڪ ئي رات ۾ ٽي ڀيرا خواب ڏسڻ تي بادشاهه سمهڻ جو ارادو ختم ڪري پنهنجي هڪ ديندار وزير جمال الدين موصلي کي گهرائي ساڻس انهي خواب جو ذڪر ڪيو ۽ مشورو ورتو. وزير چيو ته سائين! مديني منوره هلي روضي پاڪ تي حاضري ڀري پوءِ اتي وڃي انهي حقيقت جو جائزو وٺجي. بادشاهه فوري طور مديني ڏانهن هلڻ جي تياري جو حڪم ڪيو. ويهارو کن خاص وزير، مشير ۽ امير وٺي، وڏو خزانو کڻي بادشاهه شام کان مديني ڏي روانو ٿيو. سورهين ڏينهن اچي مدينه ۾ پهتو. سلطان نورالدين روضي پاڪ ۾ اندر وڃي نفل پڙهيا، قبر سڳوري جي زيارت ڪري ويهي رهيو پر سمجهه ۾ نه آيس ته ڇا ڪري؟ بادشاهه کي فڪرمند ڏسي وزير چيو ته، سائين! جيڪڏهن اهي ٻه ماڻهو توهان جي سامهون آندا وڃن ته ڀلا توهان انهن کي سڃاڻي سگهندو؟ بادشاهه وراڻيو ته هائو! پوءِ وزير مديني جي سڀني رهاڪن کي پڙهو ڏيئي گهرايو ته، اڄ بادشاهه سلامت مديني جي رهاڪن کي پنهنجي هٿ سان تحفا ۽ خيرات ڏيڻ گهري ٿو سو سڀ مرد حضرات اچي وٺي وڃن. سڀئي ماڻهو آيا بادشاهه سان هٿ ملائيندا خيراتون ۽ تحفا وٺندا ويا هليا. پر بادشاهه حيران ٿي ويو ته، اهي ٻه ماڻهو ته، نظر ئي نه آيا. تنهن تي بادشاهه ماڻهن کان پڇيو ته، ڀلا اڃا به ڪي ماڻهو رهجي ويا آهن يا نه؟ ماڻهن وراڻيو ته سائين! ٻه بزرگ ڪو نه آيا آهن جيڪي عام طرح ماڻهن جي ميل جول، خوشي غمي ۽ دنيا جي ڪمن ڪارين کان بلڪل پري الله الله ويٺا ڪن. بادشاهه زور ڀريو ته، اهي ضرور بضرور حاضر ڪريو! جڏهن انهن کي بادشاهه جي سامهون حاضر ڪيو ويو ته، ڏسندي ئي بادشاهه کين سڃاڻي ورتو. بادشاهه کانئن پڇيو ته، ڪٿي جا آهيو؟ وراڻيائون ته،مراڪش جا آهيون، هن سال حج تي آيا هئاسون ۽ هتي هي پورو سال روضي رسول وٽ رهڻ جو عهد ڪري ويهي رهيا آهيون. پوءِ بادشاهه، وزير ۽ ماڻهن سميت انهن ٻنهي جي جاءِ رهائش تائين ويو جتي ڪافي مال دولت ٻه قرآن شريف ۽ ڪجهه ڪتاب نظر آيس. پر ٻي ڪا به شئي ڏسڻ ۾ نه آئي. بادشاهه تحقيق خاطر انهي جاءِ جي آسپاس چڪر هڻڻ لڳو ته الله تعاليٰ کيس دل ۾ هي ڳالهه وڌي ته، ڪمري ۾ وڇايل تڏي تي پيل مصلو کڻي کنيائين ته، تڏي هيٺ ڪاٺ جا تختا ظاهر ٿيا. جڏهن اهي تختا هٽايائين ته سرنگهه ظاهر ٿي پئي، جيڪا سڌي روضي پاڪ ڏي وڃي رهي هئي. اها سرنگهه ڏسي ماڻهن کي سخت حيرت ٿي. جو جن کي هنن پوتي پاڪ نسورو نيڪ پئي سمجهيو تن جا لڪ ڇپ ۾ اهڙا بڇڙا ڪرتوت ڏسي سڀ ماڻهو انهن “نام نهاد بزرگن” کان نفرت ڪرڻ لڳا. اهو راز کلڻ تي بادشاهه انهن تي سختي ڪئي ۽ سچي ڪرائي. جن چيو ته اسان عيسائي آهيون. اسان کي پنهنجي عيسائي بادشاهه مراڪشي حاجين جي ويس ۾ مديني موڪليو ته جيئن حضور اڪرم ﷺ جو خاڪي جسم ڪڍي ٻئي ڪنهن هنڌ کڻي وڃون. بس انهي اقراري بيان کانپوءِ بادشاهه انهن جو جلاد هٿان سر قلم ڪري، لاشن کي باهه ڏيئي ساڙائي ڇڏيو. ماڻهن جي ويس ۾ انهن سوئرن کي سزا ڏيڻ بعد سلطان نورالدين روضي پاڪ جي چوڌاري هڪ وڏي اونهي کاهي کوٽائي، جنهن ۾ سيهو گرم ڪري پلٽائي ڇڏيائين ۽ هميشه لاءِ روضه اطهر جي حفاظت ٿي وئي.
ٻئي واقعي جو خلاصو هي ته، پاڻ ڪريمن ﷺ ۽ سندن ٻنهي يارن حضرت ابو بڪر ۽ حضرت عمر جي خاڪي جسمن کي ابوفتوح جي اڳواڻي ۾ اتان روضي مان کوٽي کڻي، مصر ۾ شيعه عبيدي خاندان جي بادشاهه حاڪم طرفان ٺهرايل قبي ۾ دفن ڪرڻ جي ناپاڪ ڪوشش لاءِ منصوبو جوڙيو ويو. پر اتفاق سان ابو فتوح جي مديني ۾ پهچڻ تي اهو راز پڌرو ٿي پيو ته ماڻهن جي سخت رد عمل جي ڊپ کان ابو فتوح پنهنجي منصوبي ۽ گرو شيطان سميت واپس ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.
386هه ۽ 411هه جي وچ ۾ پيش آيل هڪ واقعي ۾ ته، سڌو سنئون حضرت ابو بڪر صديق ۽ حضرت عمر فاروق جا روضي پاڪ مان جسم پاڪ کوٽي وڃڻ لاءِ باقاعده 40 تربيت يافته ماڻهن جو جٿو حلب شام مان اچي کوٽائي جي سمورن اوزارن ٽيڪم، بيلچن، هٿوڙن، وڏاڻن سميت مديني پهتو. مديني جي گورنر کي جيڪو شيعه هو وڏي رقم ڏيئي راضي ڪيو ويو ته انهي به اجازت ڏني پوءِ جڏهن اهو ٽولو کوٽائي جو سامان کڻي وهاڻي رات مسجد نبوي ۾ منبر رسول ﷺ وٽ پهتو هو ته اوچتو زمين ڦاٽي پئي ۽ انهن چاليهن ڄڻن کي سندن بيلچن سميت ڳڙڪائي وئي. بدنيت ماڻهو جا ٻئي جهان برباد. (معاذ الله) گورنر انهن ماڻهن جي واپسي جو پئي انتظار ڪيو. جڏهن تمام گهڻي دير ٿي ته، حرم نبوي جي خادمن جي سربراهه شمس الدين صواب کي گهرائي پڇيو ويو. جنهن اچي ٻڌايو ته، اهي ماڻهو سڀ جا سڀ زمين ۾ دٻجي زمين دوز ٿي ويا. گورنر کي پهرين ته، اعتبار نه آيو پر پوءِ جڏهن انهي واقعي واري هنڌ اچي اکين سان آثار ۽ نشانيون ڏٺائين ته پڪ ٿيس ۽ ٻين کي به ٻڌائڻ لڳو ته، ڪو به گستاخ رسول ۽ گستاخ صحابه خدا جي پڪڙ کان نه هِتي نه هُتي بچي ٿو سگهي! ۽ نه وري ڪنهن کي اهڙي بي ادبي ڦٻي ويندي.
حقيقت ۾ اهي واقعا عبرت لاءِ ڪافي آهن.
اڄ 4 محرم 1418هه مطابق 10 مئي 1997ع ڇنڇر جي فجر تي موذن مسجد نبوي جي حي علي الصلواة واري سريلي پرسوز آواز اگهور ننڊ مان جنجهوڙي جاڳايو ته، رب جي توفيق سهارو ڏيئي آڻي مسجد نبوي ۾ امام علي عبدالرحمان حذيفي جي امامت ۾ اقتدا جي نعمت نصيب ڪئي فللّھ الحمد.
دستوري ذڪر اذڪار، تلاوت، اشراق وغيره کان پوءِ ٻاهر نڪري نيرن پاڻي ڪئي سون. معمول مطابق ساڍي اٺين ڌاري روضي پاڪ تي حاضر ٿي صلوات سلام عرض ڪري آرام سان وڃي رياض الجنت ۾ نفل پڙهياسون. هاڻي مديني ۾ گرمي وڌي رهي آهي. حج تي آيل ماڻهن جي واپسي شروع ٿيڻ ڪري رش گهٽجي رهي آهي. هاڻي ڪنهن به زيارت ۾ ڏکيائي نه ٿي ٿئي نه ته ڪجهه ڏينهن اڳ رياض الجنت ۽ روضي پاڪ تي حاضري لاءِ واندڪائي ۽ وار کائي جو ڏاڍو انتظار ڪرڻو ٿي پيو. جيتوڻيڪ ڏينهن تپندو تيز ٿيندو وڃي پر اسان پنهنجي معمولات ۾ همھ تن مصروف ڇو ته،
تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي،
متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پرين جو.
منهنجا ساٿي پنهنجي پنهنجي پروگرام سان هيڏانهن هوڏانهن ويا هليا ته، مون وري قلم ڪاغذ کڻي پنا ڪارا ڪرڻ شروع ڪيا. ها! اڄ اردني شاگرد وٽان مليل مديني يونيورسٽي جو پراسپيڪٽس ۽ داخله فارم سامهون هئم. جنهن مان ڪجهه ضروري معلومات پڙهندڙن تائين پهچائڻ لاءِ هنن سٽن ۾ سهيڙڻ شروع ڪيم.