مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مڪي شريف جي قديم ۽ جديد تاريخ تي هڪ نظر:

مڪي شريف جي قديم ۽ جديد تاريخ تي هڪ نظر:
جيئن ته اسان سڀ کان پهرين مڪي شريف ۾وارد ٿيا هئاسون انهي ڪري سڀ کان پهرين آئون چاهيان ٿو ته، پڙهندڙن آڏو مڪي شريف جي نئين ۽ پراڻي تاريخ جون ڪي جهلڪيون پيش ڪجن.
جن ماڻهن جي عربن جي تاريخ، سماجي زندگي، سندن ادب ۽ شاعري ۽ قبائلي روايتن تي گهري نظر نه آهي سي هيء سمجهن ٿا ته، مڪو شريف نبوت جي اعلان وقت هڪ معمولي ننڍڙو ڳوٺ هو، جتي کٿن جي ٺهيل تنبن ۽ ديرن کانسواءِ چو طرف اٺن جي جهوڪ، رڍن ۽ ٻڪرين جون واڙيون ۽ گهوڙن جا طنبيلا هئا، بس اهو سندن گذر بسر هو ۽ اهي عرب گهڻو ڪري وادين (ڍورين) جي ڪناري ۽ پهاڙن جي پيرانديء پکڙيل هئا، سندن کاڌو سڪل ماني يا اٺن جو گوشت هو جنهن کي هو چڱي طرح پچائي به نه ڄاڻندا هئا. اٺن جي ڏاس (مِلس/ وارن) مان اڻيل ڪپڙا پهريندا هئا نه سندن کاڌي ۾ مزو هو نه ڪي لباس ۾ دلڪشي. نه خيال ۾ بلندي هئي نه ڪي احساس ۾ نزاڪت ۽ لطافت.
عجمي (غير عربي) زبانن ۾ لکيل سيرت ۽ تاريخ جي عام ڪتابن ۾ مڪي شريف جي انهي نمونه اونداهي ۽ اڻ وڻندڙ يا اڻ سڌريل تاريخ پيش ڪئي وئي آهي جيڪا انهي حقيقت جي بلڪل ابتڙ آهي جيڪا عربي تاريخ جي ڪتابن، ادب ۽ جاهليت جي شعرن ۾ ملي ٿي، جن ۾ مڪي شريف ۽ انهي جي رهاڪن جي عادتن، روايتن، دستور ۽ قانون جو خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. اسان کي مڪي شريف جي بدويانه زندگي کان ابتدائي شهري ۽ تمدني زندگي ۾ داخل ٿيڻ جو ڏس خود قرآن شريف ڏئي ٿو. جيئن سورت شوريٰ جي آيت 7 ۾ فرمايو ويو آهي ته، “۽ اهڙي طرح اسان تو ڏي وحي ڪيوسين عربي قرآن، ته جيئن تون وڏي ڳوٺ (ڳوٺن جي مرڪز/ مڪه) جي رهاڪن ۽ جيڪي ماڻهو ان جي آسپاس رهن ٿا تن کي دوزخ کان ڊيڄارين ۽ انهن کي قيامت جي ڏينهن جنهن ۾ ڪوبه شڪ ناهي ڊپ ڏيارين انهي قيامت جي ڏينهن هڪ جماعت بهشت ۾ هوندي ته هڪ ٽولو دوزخ ۾.” ٻئي هنڌ قرآن شريف جي سورت والتين ۾ فرمايو ويو ته، “انجير جو قسم! ۽زيتون جو ۽ طور سينا جو قسم!!. ۽ هن امن واري شهر (مڪي) جو قسم! !!”ٽين جاءِ تي فرمايو ويو ته، “هن شهر (مڪه) جو قسم ۽ تون به ته انهي ئي شهر (مڪه) ۾ رهين ٿو.” (سورت البلد)
حقيقت هيء آهي ته، مڪو شريف پنجين صدي عيسوي جي وچ ڌاري ئي جهالت جي دور مان نڪري تهذيب جي دور ۾ داخل ٿي چڪو هو. توڙي جو اها تهذيب محدود دائري ۾ هئي. اهو شهر هڪ نظام تحت هلي رهيو هو جيڪو هڪ ٻئي سان ٻڌي، تعاون، سماجي ڀلائي ۽ مختلف شعبن جا ڪم ورهائي کڻڻ جي بنياد تي قائم هو. اهو نظام حضور سائين جي پنجين ڏاڏي قصي بن ڪلاب جي هٿن ۾ هو.
شروع ۾ مڪي جي آبادي قدرتي طور تي بنهه محدود هئي. اهو آبادي وارو حصو ٻن پهاڙين جبل ابو قبيس (جيڪو صفا پهاڙي جي مٿان آهي) ۽ جبل احمر جنهن کي جاهليت ۾ “اعراف” چوندا هئا، جي وچ ۾ واقع هو.
شروع ۾ هتي مڪي جا رهاڪو پنهنجا گهر ۽ انهن جون ڇتيون بيت الله شريف وانگر چوڪنڊيون نه بنائيندا هئا، هو سمجهندا هئا ته، اها ڪعبي جي وڏي بي ادبي آهي انهي ڪري احترام طور گول گهر ٺاهيندا هئا. مڪي شريف جي مالدارن ۽ سردارن جا گهر پٿر جا ٺهيل هوندا هئا، جن ۾ ڪيترائي ڪمرا هوندا هئا. مڪي شريف جي تعمير ۽ ترقي ۾ قصي بن ڪلاب جو سڀ کان وڏ هٿ هو. هن مڪي جي شهر تي پنهنجو قبضو ڄمائڻ لاءِ قريشن کي گڏ ڪري متحد ڪيو ۽ انهن جي رهائش لاءِ جاين، جڳهين جي باقاعده حد بندي ڪئي. هن طرح جو حرم ڪعبه کان اوڀر طرف قريش قبيلا، اولهه طرف لحيان جا قبيلا، اتر طرف لحيان جا قبيلا ته ڪڏهن وري حرب جا قبيلا، ڏکڻ طرف خزاعه جا قبيلا رهڻ لڳا.
مڪي شريف جي انهي آڳاٽي نظام تحت اهم شعبا ۽ کاتا هن طرح هئا.
1. حجابت: بيت الله شريف جي درباني. 2. سقايه: سبيل ۽ پاڻي جو انتظام. 3. رفاده: بيت الله شريف جي حاجين جي ساليانه عام دعوت ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست. 4. ندوه: مجلس شوريٰ/ صلاح مشوري جي ڪاميٽي. 5. لِوا: جنگي معاملن بابت انتظام. جڏهن ته اهي سمورا کاتا اڪيلي قُصي بن ڪلاب جي هٿ ۾ هئا ڇو ته هو پنهنجي قوم قريش ۽ مڪه وارن تي حاوي هو. قُصي جي وفات کانپوءِ مذڪوره عهدن ۽ کاتن جو ورهاڱو هن طرح ٿيو.
1. بني هاشم کي سقايه. 2. بني اُميه کي قريش جو جهنڊو عقاب. 3. بني نوفل کي رفاده. قريش سمجهندا هئا ته حاجي ضيوف الرحمان (خدا جا مهمان) آهن انهي ڪري هر سال پنهنجي طرفان گڏيل رقم خاص انهي دعوت لاءِ رکندا هئا جيڪا حاجين کي مفت کارائي ويندي هئي جنهن جو نالو هنن وٽ رفاده هو. 4. بني عبد الدار کي لِوا، سِدانه ۽ حجابه. ڪعبت الله شريف جي خدمت کي سدانه ۽ حجابه ڪوٺيندا هئا. 5. بني اسد کي کي ندوه جو کاتو ڏنو ويو.
قريش جي مختلف شخصن ۾ جيڪي انتهائي دانا، دورانديش ۽ معزز ترين هئا تن ۾ هيء ذميداريون ورهايل هيون.
1. (حضرت) ابو بڪر (صديق رضه) جيڪو بني تيم قبيلي مان هو تنهن وٽ دِيت (خون بها) ڏنڊ ۽ جرمانه وغيره هئا. يعني ته اهو مڪه جي قديم نظام واري سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس هو جنهن کي ايترا وڏا اختيارات ڏنل هئا.
2. خالد بن وليد وٽ (جيڪو بني مخزوم قبيله مان هو) قبه ۽ اَعنه جو کاتو هو. قبه انهي تنبو کي چوندا هئا جنهن ۾ فوجي ضرورتن جو سامان رکيل هوندو هو. اعنه اهو سامان جيڪو جنگ جي دوران گهوڙن تي رکيل هوندو هو.
3. عمر بن خطاب وٽ سفارت (يعني وزارت خارجه) هئي. جڏهن ڪنهن قبيلي سان جنگ ڪرڻي هوندي هئي ته قريش عمر بن خطاب کي سفير بنائي مخالف ڌر ڏانهن موڪليندا هئا. جيڪڏهن ڪو قبيلو قريشن سان هوڏ ڪندو هو ته ا ن جي مقابلي لاءِ به عمر بن خطاب کي چونڊيندا هئا. اهڙي طرح خارجي توڙي دفاعي معاملا طئي ڪرڻ انهي جي ذميداري هئي.
4. صفوان بن اميه جي ذميداري ۾ اَيسار ۽ اَزلام جو ڪم هوندو هو. اهو هڪ ڍاري جو قسم هو. ايسار ۽ ازلام ٻه تير هوندا هئا جن مان هڪ تي “ها” ۽ ٻئي تي“نه” لکيل هوندو هو. جڏهن به ڪو ڪم ڪرڻو هوندو هئن ته انهي ڪم ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فال ڪڍائڻ لاءِ ايسار ۽ ازلام جو استعمال ٿيندو هو.
5. حارث بن قيس وٽ نظم و ضبط ۽ ڳوٺاڻي ڊسيپلين ۽ بتن جي نالي تي گڏ ڪيل مال جي سنڀال هئي. اهي ذميداريون ۽ عهدا انهن شخصن کي ابن ڏاڏن کان نسل در نسل حاصل هئا. جيئن ته مڪو شريف غير آباد ۽ نا قابل ڪاشت هو جتي پوکڻ لاءِ نه ته پوکي لائق زمين هئي ۽ نه ڪي پاڻي. انهي ڪري مڪي جي رهاڪن جو گذر سفر واپار تي هوندو هو. قريش واپار جي سانگي سال ۾ ٻه سفر ڪندا هئا هڪ گرمين ۾ شام ملڪ ڏانهن، ٻيو سرديء جي موسم ۾ يمن ملڪ ڏانهن، جهڙي طرح قرآن شريف به سورت قريش ۾ انهي ڳالهه ڏي اشارو ڪيو آهي.
واپاري لاڳاپن ۽ سرگرمين، واپار جي سامان آڻڻ ۽ نيڻ ۾ مڪو شريف ان وقت عروج تي هو. مڪي جا واپاري آفريقا ۽ ايشيا جي مختلف ملڪن جو سفر ڪندا رهندا هئا ۽ هر ملڪ جون اڻ لڀ شيون، تحفا، مشهور ۽ خاص خاص شيون يا اهي شيون جن جي سندن ملڪن کي ضرورت هئي پاڻ سان آڻيندا هئا. آفريقا مان جيڪي شيون گهرائيندا هئا تن ۾ کونئر، هاٿيء جا ڏند (عاج) سون، آبنوس جون ڪاٺيون، يمن ملڪ مان چمڙو، اگربتي، لوبان ۽ ڪپڙا، عراق مان گرم مسالا، هندستان(سنڌ وغيره) مان سون، ٽين، جواهر عاج، صندل جون ڪاٺيون، گرم مصالحا ۽ زعفران، مصر ۽ شام مان مختلف قسم جا ٺهيل تيل، اناج جون جنسون، هٿيار، ريشم ۽ شراب شامل آهي.
مڪي جون عورتون به واپار ڪنديون هيون. يعني ته اهي عورتون پنهنجي طرفان ڪو نمائندو / مير منشي مقرر ڪري ان جي وسيلي واپار ڪنديون هيون. شام ۽ ٻين ملڪن ۾ انهن عورتن جا واپاري قافلا ويندا هئا. حضرت بي بي خديجه بنت خُويلد ۽ حنظليه ام ابي جهل واپار ۾ وڌيڪ مشهور هيون. مطلب ته مڪوشريف واپار ۾ گهڻو اڳتي هو. جنهن جو ثبوت هن ڳالهه مان به ملي ٿو ته، قريشن جو واپاري قافلو جيڪو بدر جي لڙائي جي موقعي تي شام کان موٽيو هو سو هڪ هزار اٺن تي مشتمل هو ۽ انهي تي پنجاهه (50) هزار دينار (گينين/ سون جي سڪن) جي قيمت جو سامان لڏيل هو.
بنو اميه ۽ بنو مخزوم قبيلا خاص ڪري دولت مندي ۾ مشهور هئا. جڏهن ته وليد بن مغيره، ابو لهب (اصل نالو عبدالعزيٰ) ابو اُحيحه، عبد الله بن ربيعه، عبد الله بن جدعان به ذاتي طور تي ناليرا شاهوڪار هئا، جڏهن ته قريشن مان عباس بن عبد المطلب به دولتمند شخص هو جنهن جو مسلمان ٿيڻ کان اڳ وڏو وياجي ڪاروبار هلندو هو.
مڪي شريف جي انهن آڳاٽن ماڻهن جي نظر ۾ صنعت ۽ حرفت (ڪاريگري ۽ هنر مندي) جي ڪا خاص اهميت نه هئي بلڪه هو ان کي گهٽ نظر سان ڏسندا هئا ۽ پاڻ لاءِ ڪو هنر يا ڌنڌو ۽ حرفت جو ڪم عيب ۽ عار سمجهندا هئا. هنري ڌنڌا غلامن يا عجمي/ غير عرب ماڻهن لاءِ خاص سمجهندا هئا. اهو ئي سبب هو جو قريشن ۾ هنري ماڻهو بلڪل نه هئڻ برابر هوندا هئا.
آڳاٽي دور جي مڪي شريف جو اخلاقي پاسو بنهه ڪمزور هو چند جاهليت وارين روايتن کانسواءِ جوا جو ڪاروبار عام جام بلڪه ان تي فخر ڪندا هئا. شراب، عيش عشرت، ڳائڻ وڄائڻ، راڳ رنگ ۽ نچڻ ڪڏڻ جون محفلون ته ٿينديون ئي ٿينديون هيون. ناحق، بي انصافي، ظلم ۽ ناجائز ڪمائي کي سندن سماج ۾ بري نظر سان ڏٺو نه ويندو هو. انهي دور جي اخلاقي پهلو کي مڪي شريف جي اصلي رهاڪو حضرت جعفر بن ابي طالب، نجاشي بادشاهه اڳيان پيش ڪيو هو ته، “اي بادشاهه! اسان جاهل (ڄٽ) قوم هئاسون، بت پوڄيندا هئاسون، مُردار کائيندا هئاسون، هر قسم جي بي حيائي ڪندا هئاسون، مائٽيون ٽوڙيندا هئاسون، پاڙيسري سان برو برتاءُ ڪندا هئاسون ۽ ڏاڍو هيڻي کي کائي ويندو هو.”
مذهبي پاسو وري اخلاق کان به وڌيڪ ڪمزور هو، جهالت عام هئي، بتن جي پوڄا هنن پنهنجي پاڙيسري قومن وٽان سکي ورتي هئي جا سندن دلين ۾ گهر ڪري وئي هئي، بتن سان ته کين عشق هو. جنهن جو اندازو هن مان ڪري سگهجي ٿو ته، ڪعبي اندر ۽ اڱڻ ۾ ٽي سو سٺ (630) بت رکيل هئا جن ۾ سڀني کان وڏو بت “هُبل” هو. اهو بت ڪعبي جي وچ ۾ هڪ کڏي جي مٿان رکيل هو جتي باسون وغيره گڏ ٿينديون هيون. اهو بت ڳاڙهي عقيق جو ٺهيل هو ۽ انسان جي شڪل ۾هو. جڏهن ان جو سڄو هٿ ڀڄي پيو هو ته، قريشن انهي جو سونو هٿ ٺهرائي لڳايو هو. بت، مڪي شريف جي گهٽي گهٽي ۾ هوڪو ڏيئي وڪيا ويندا هئا. ٻهراڙيء جا ماڻهو پسند ڪري خريد ڪرڻ بعد وڃي گهر جي سونهن ڪندا هئا. اهو هو ڇهين صدي عيسوي جي وچ جو مڪو، جيڪو پاڻ سڳورن جي نبوت کان اڳ اسان کي نظر اچي ٿو، جنهن جو قديم تاريخ جي حوالي سان مختصر خاڪو پيش ڪيو ويو آهي. اها تاريخ 704ع کان پوءِ جي تهذيبي دور جي آهي جيڪڏهن ڪنهن کي اڃا به وڌيڪ تفصيل جي ضرورت آهي ته سيرت ۽ تاريخ جا ڪتاب نظر مان ڪڍي.
هاڻي اسان موجوده دور جي مڪي شريف جو تاريخي جائزو پيش ڪريون ٿا ته جيئن قديم ۽ جديد تاريخ پڙهندڙ جي سامهون هجي.
مڪي شريف جي قديم تاريخ جي ابتدا ته حضرت ابراهيم ۽ ان جي فرزند حضرت اسماعيل عليهما السلام کان ٿئي ٿي جنهن کي هينئر لڳ ڀڳ ساڍا چار يا پنج هزار سال ٿيا آهن.
انهي آڳاٽي دور ۾ مڪو شريف معمولي ڳوٺ هو جيڪو چند گهرن يا چند قبائلي خاندانن تي مشتمل هو، ان وقت ان جي آدمشماري توڙي ايراضي محدود هئي پر موجوده وقت ۾ مڪه شريف جي آدمشماري 6 لک (600000)آهي جڏهن ته موجوده ايراضي چار هزار اٺ سو ايڪڙ ٿيندي. آدمشماري جي مٿئين انگ ۾ حج جي مهينن دوران چئوڻ پنجوڻ تي واڌ اچي ويندي آهي. مڪو شريف سمنڊ جي سطح کان 303 ميٽر مٿي آهي. هتي جي آب هوا گرم خشڪ هوندي آهي. سرديء جي وقت سردي زور هوندي آهي جڏهن ته، اونهاري ۾ گرميون چوٽ جون ٿين ٿيون.
مڪو شريف سعوديه جي مشهور بين الاقوامي شهرن ۽ ٻن مقدس (پاڪ) شهرن مان هڪ آهي.
سعودي شهنشاهيت کان اڳي ترڪيء جي عثماني خلافت جي ماتحت هتي گورنر هوندو هو جنهن کي ان وقت جي اصطلاح ۾ “شريف مڪه” ڪري سڏيو ويندو هو. اهو لقب اهڙو هو جيئن اسان جي سنڌي بادشاهن کي آڳاٽي دور ۾ “ڄام”، ايران جي بادشاهه کي “ڪسريٰ” ۽ روم جي بادشاهه کي “قيصر” سڏيو ويندو هو.
سعودي شهنشاهيت جي ابتدا 23 سيپٽمبر 1932ع کان وٺي هن وقت تائين مڪي شريف کي جديد دور جي تقاضائن مطابق دنيا جي بين الاقوامي شهرن کان به وڌيڪ خوبصورت ۽ وڻندڙ بنايو ويو آهي.
مڪو شريف هن وقت تعمير ۽ ترقي جي اهڙن مرحلن مان گذري رهيو آهي جنهن جو مثال هتي جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي. وڏي کان وڏيون اسڪيمون، عظيم تعميراتي منصوبا به هتي ايتري ٿوري عرصي ۾ مڪمل ٿي رهيا آهن جنهن کي دنيا جي ڪنهن به ملڪ ۾ سالن جي اندر به مڪمل نه ٿوڪيو وڃي. شايد دنيا جا ٻيا ملڪ اهڙي تيز رفتار ترقي کان محروم آهن.
سعودي حڪومت پنهنجي ترجيحي پروگرامن ۾ مڪه ۽ مديني جي تعمير ۽ ترقي کي اوليت ڏيئي ڏينهن رات ٻنهي شهرن کي هر لحاظ کان خوبصورت بنائڻ ۾ رڌل آهي. اهو ئي سبب آهي جو سعوديه جي بجيٽ جو وڏو حصو انهن ئي شهرن جي منصوبن تي خرچ ٿئي ٿو.
حڪومت کان علاوه سعودي باشندا به انهي نيڪ ڪم ۾ شريڪ ڪار آهن. مختلف تجويز ڪيل منصوبن کي پورو ڪرڻ لاءِ سعودي شهنشاهيت جون جمله وزارتون ۽ انهن جا ماتحت شعبا، پرائيويٽ کاتا، ادارا ۽ مختلف ڪمپنيون بنا ڪنهن رک رکان جي همه تن مصروف آهن.
ترقياتي منصوبن کي پايه تڪميل تائين پهچائڻ ۾ وڏي مشڪلات هيء هئي جو مڪو شريف مضبوط ڪارن پهاڙن جي گهيري ۾ آهي. صديون اڳي رهندڙ ماڻهن پنهنجا رهائشي گهر وغيره غير مهذب نمونه ٺاهي زندگي جا ڏينهن پئي گذاريا، پر هن جديد سائنسي دور مطابق وڌندڙ آبادي کي منظم ڪرڻ، انهن لاءِ پاڻي، بجلي، رستن ۽ زندگي جي ٻين ضرورتن کي آساني سان ماڻهن تائين پهچائڻ ڪو سولو ڪم نه هو. وڌيڪ هي ته، پنڌرهين صدي هجري جي اوائل کان حاجين جي تعداد ۾ ڌڙا ڌڙ واڌارو ٿيڻ لڳو جنهنڪري اڳوڻا انتظام به ناڪافي ثابت ٿيا بلڪه نون انتظامن جي سخت ضرورت پيش آئي. علاوه ازين دنيا جي هڪ ارب کان وڌيڪ مسلمانن جو قبلو جيڪو هن شهر مڪي جي پوري وچ تي هئڻ ڪري هر سال ماڻهن جي اچ وڃ به نون انتظامن ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي.
مڪي شريف جي شهر کي جديد طرز تي خوبصورت ۽ پر ڪشش بنائڻ جي سرڪاري طرح ذميداري هتي جي بلديه تي آهي جيڪا مختلف پراجيڪٽ ۽ پلاننگز طئي ڪري پنهنجو ڪم ڪندي رهي ٿي.
ترقياتي ڪمن ۾ پراڻن رهائشي علائقن جي جديد طرز تي تعمير، پاڻي جي سپلائي جو نظام، گندي پاڻي ۽ برسات وغيره جي پاڻي جو نيڪال، بجلي جو سسٽم، کاڌي پيتي جي شين ۽ ضرورت جي سامان جي فراهمي، تجارتي مال و اسباب، آبادي وارين پهاڙين کي روڊن رستن ۽ سرنگن ذريعي ملائڻ، گهرو ۽ واپاري سامان جون مختلف بازارون ۽ مارڪيٽون، ورڪشاپ، ڪار پارڪنگ وغيره شامل آهن. شهر جي صفائي لاءِ بلديه طرفان ست هزار ورڪر جديد سائنسي طريقن مطابق صفائي جو ڪم ڪن ٿا. صفائي جو اهو عملو مسلمانن جي غريب ملڪن جهڙوڪ: بنگله ديش، پاڪستان سريلنڪا ۽ انڊيا وغيره مان گهرايو وڃي ٿو. انهي عملي ۾ ڪوبه غير مسلم نه هوندو آهي ڇو ته هن پاڪ شهر ۾انهن جي داخله تي بندش آهي.
مڪي شريف ۾ روڊ رستن جي سهولت ايتري آهي جو ڏسندڙ حيران رهجو وڃي. ننڍي توڙي وڏي سفر لاءِ هنڌين ماڳين ٽرانسپورٽ موجود آهي. سعودي جي سرڪاري ٽرانسپورٽ ڪمپني جنهن جو عربي نالو “النقل الجماعي” ۽ انگريزي ۾ مختصر نالو “SAPT CO” (يعني سعودي عرب پبلڪ ٽرانسپورٽ ڪمپني) آهي تنهن سميت 13 ڪمپنيون ٻيون به ساڳي خدمت ۾ مصروف آهن. هر هڪ گاڏي بهترين پوزيشن ۾ اڪثر ڪري ايئر ڪنڊيشن نظر ايندي. انهن ٽرانسپورٽ ڪمپنين ۾ پنڌرهن هزار ماڻهن کان به وڌيڪ ملازم آهن.
ضروريات زندگي جو سامان هر جاءِ تي آساني سان ملي سگهي ٿو. هر شي خالص ۽ تازي. کائڻ پيئڻ جون شيون هجن توڙي عام استعمال يا گهر ۾ رکڻ يا وڪري جهڙيون هجن. جيتوڻيڪ اسان جي ملڪ جي ڀيٽ ۾، سعودي ۾ وڪجندڙ شيون مهانگيون آهن پر خالص، نج، تازيون، کوٽ ۽ ملاوٽ کان پاڪ آهن. جيڪڏهن ڪنهن دڪان تي اگهه پار ۾ گهٽ وڌائي به ٿئي ٿي ته اها نوڪرن جي هٿان ٿئي ٿي جيڪي بنگالي، انڊين سريلنڪائي وغيره هوندا آهن. پاڪستاني ماڻهن جو سعوديه ۾ سٺو رڪارڊ ناهي انهي ڪري خريد فروخت جهڙي ڪاروبار تي پاڪستاني کي نه ٿو رکيو وڃي. جيڪڏهن ڪٿي پاڪستاني آهن به سهي ته اهي پراڻا ملازم آهن.
مڪي شريف جا اهي پاڙا ۽ محلا جيڪي حرم شريف جي ويجهو ويجهو آهن، سي ڳتيل آبادي وارا آهن. البت جيڪي حرم کان ٻه ٽي ڪلو ميٽر پري آهن جهڙوڪ شارع حسان بن ثابت ۽ شارع منصور يا اهڙي طرح منيٰ ڏي ويندڙ روڊ طرف ته اهي محلا يا رهائشي گهر تمام ويڪرا ڪشادا آهن. اتي اڃا آبادي گهاٽي يا ڳتيل ڪونهي.
مڪي شريف ۾حرم ڪعبه کان ڏکڻ اتر ڪنڊ تي مشهور بازار “الغزه” ڏسڻ وٽان آهي. انهي بازار کي پاڪستاني عام طرح “ڇپرا بازار” ڪري سڏين ٿا. اصل ۾ اها ٽنڊي الهيار شهر جي “بند بازار” وانگر هئي پر هاڻي انهي جي اندر بند بازار جو ڪو به آثار ڪونهي. انهي بازار جي هڪ حصه ۾ وري نئين بازار ٺهرايل آهي، جنهن ۾ زمين اندر تهه خاني جي صورت ۾ به بازار ٺهيل آهي. اها بازار سعودي شهزادي عبد الله بن عبد العزيز جيڪو هن وقت سعودي شهنشاهيت جو ولي عهد (بادشاهه جو نائب) به آهي اتي هڪ پلاٽ خريد ڪري تعمير ڪرائي هئي. حقيقت ۾ اها بازار گهمڻ کانپوءِ ڏسندڙ ماڻهو جو گمان ٿيندو ته آئون يورپ جي ڪنهن وڏي شاپنگ سنيٽر جو نظارو ڪري رهيو آهيان. اسان فقيرن اهڙيون بازارون ته خواب ۾ به نه ڏٺيون هيون سو اها بازار ڏسندي حيرت جي حد نه رهي. بس ڪمال آهي ڏوڪڙن جو جيڪو اهڙا رنگ ۽ رونقون ٿو ڏيکاري. اسان جو هڪ دوست چوندو هو ته، جي دولت آهي ته، دنيا به بهشت ٿيو پوي ۽ جي عمل چڱا آهن ته آخرت بهشت ٿيندي. جيئن ته سعوديه ۾ تعليم تي تمام گهڻو توجهه ڏنو وڃي ٿو تيئن مڪه ۾ به ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا ڪيترا ئي تعليمي ادارا نظر ايندا، جيڪي پرائمري کان ويندي ڪاليج ۽ يونيورسٽي تائين آهن. شاگردن کي سرڪار پاران ڪتاب، ڪاپيون قلم ڊريس وغيره فري فنڊ ۾ مهيا ڪيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٽرانسپورٽ جي سهولت به ميسر آهي. هتي تعليم لازمي آهي. اهو ئي سبب آهي جو هتي جو ماڻهو 95 سيڪڙو پڙهيل آهي. اسان وٽ جيئن ميڊيم انگلش وارو عذاب آهي تيئن هتي ڪونهي. بلڪه پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين مادري ٻولي عربي ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي. فزڪس، ڪيميسٽري، ميٿاميٽڪس، سائنس، انجنيئرنگ، ڊاڪٽري وغيره سڀ جا سڀ عربي ٻولي ۾ پڙهايا وڃن ٿا. مادري ٻولي ۾ پڙهڻ ڪري اتي جو ٻار آساني سان ڏکئي ۾ ڏکيا مضمون حل ڪري وڃي ٿو. مڪي شريف ۾ هنڌين ماڳين پرائمري، مڊل، سيڪنڊري ۽ هائر سيڪنڊري اسڪول ڏسڻ ۾ ايندا. اسان هتي فقط هڪ مرڪزي تعليمي اداري جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا. اهو ادارو هڪ اسلامي يونيورسٽي آهي جنهن کي “جامعه ام القريٰ” جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سعوديه جي ستن يونيورسٽين مان هڪ اها مڪي واري يونيورسٽي اهي، جنهن جون شاخون پوري سعودي عرب ۾ پکڙيل آهن. جامعه ام القريٰ مختلف ڪاليجن جهڙوڪ: شريعت اسلاميه ڪاليج، عربي لينگوئيج ڪاليج، ايڊيوڪيشن ڪاليج طائف، ايڊيوڪيشن ڪاليج، انجنيئرنگ ۽ سائنس ڪاليج تي مشتمل آهي. انهن ڪاليجن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ پنجاهه کان وڌيڪ مختلف علمن ۾ اسپيشل ڪورس، گريجوئيشن وغيره جا ڊپارٽمينٽ آهن. ام القريٰ يونيورسٽي مڪه جي ماتحت جيڪي انسٽيٽيوٽ ۽ سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن تن ۾ اهم مرڪز هي آهن.
1) عربي ٻولي کان نا واقفن لاءِ مرڪز.
2) تعليم ۽ تربيت جو مرڪز.
3) اسلامي تحقيقات ۽ اسلامي ورثه جو مرڪز.
4) انگريزي ٻولي جو مرڪز.
5) حج سان واسطو رکندڙ تحقيقات جو مرڪز.
6) اسلامي تعليم جو مرڪز.
7) انجنيئرنگ مرڪز.
8) اسلامي تعليم جو مرڪز اعليٰ.
ام القريٰ يونيورسٽي مڪه جي ڪل ايريا ڏيڍ ڪروڙ چورس ميٽر آهي.
مڪي شريف ۾ پيئڻ جو پاڻي پهرين کوهن مان ڪڍيو ويندو هو. اهي کوهه بنهه ڳاڻ ڳڻيا ۽ وڌندڙ آبادي جي پيش نظر اڻ پورا هئا. انهي ڪري سعودي عرب سرڪار پاران ڳاڙهي سمنڊ جي ڪناري تي “شعيبه” نالي جاءِ تي سمنڊ جي کاري پاڻي کي صاف ۽ مٺو بنائڻ لاءِ هڪ ڪارخانو لڳايو ويو آهي، جيڪو هڪ لک تيرهن هزار پنج سو ڪيوبڪ ميٽر پاڻي صاف ڪري مٺو بنائي ٿو. مذڪوره ڪارخانه مان صاف ۽ مٺو ٿي نڪرندڙ پاڻي مڪي شريف جي پوري آبادي لاءِ ڪافي ٿي وڃي ٿو. اسان اهو پاڻي پي ڏٺو هو جيڪو اسان جي سنڌ جي ڪن جاين تي نڪرندڙ نلڪن جي ٻاڙي پاڻي جهڙو هو. يعني ته اهو پاڻي پيئڻ لاءِ ته ايترو مزيدار ڪونهي البت سخت ضرورت ۾ پي سگهجي ٿو باقي پيئڻ کانسواءِ ٻين ضرورتن جهڙوڪ وهنجڻ، ڪپڙا ۽ ٿانو ٿپا ڌوئڻ، گل ٻوٽن وغيره لاءِ خوشي سان ڪم آڻي سگهجي ٿو ۽ حقيقت ۾ مڪه جا ماڻهو اهو پاڻي پيئڻ ۾ ٿورو باقي ٻين ضرورتن ۾ گهڻي کان گهڻو استعمال ڪن ٿا. مڪي شريف ۾ هلندي ڦرندي نظر آيو ته، ڪيترائي ٽينڪر پاڻي جا ڀرجي پيا ايندا هئا ۽ دڪانن يا گهرن آڏو بيهي انهن کي پائيپن ذريعي پاڻي پيا ڏيندا هئا. جنهن بابت هڪ دوست ٻڌايو ته، جڏهن حج جي موسم ٿيندي آهي ته، سپلائي ٿيندڙ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ ٿي ويندي آهي پوءِ مڪه شهر کان ڪجهه پري آسپاس جي ٽيوب ويلن، ڍورن ۽ تلائن ۾ ذخيري ڪيل پاڻي مان ٽينڪر ڀرجي ايندا آهن جنهن جي مقرر چارج انهي ڪم ڪرڻ وارن ٺيڪيدارن کي ادا ڪبي آهي. اهڙيطرح پاڻي جي کوٽ گهربل مقدار تائين پوري ٿيندي آهي.
سعودي شهنشاهيت جي باني شاهه عبد العزيز 1357 هه ۾ مڪي شريف ۾ ڪعبت الله جي غلاف (جُهل) ٺاهڻ جي ڪارخانه جو بنياد رکيو، جنهن ۾ ڪم ڪندڙ هيٺئين کان مٿئين عمله تائين سڀ جا سڀ سعودي جا اصلي باشندا آهن. اڳتي هلي مذڪوره ڪارخاني کي جديد طرز تي تعمير ڪيو ويو جنهن جو افتتاح 1395 هه/1975ع ۾ ان وقت جي ولي عهد شهزاده فهد بن عبد العزيز (موجوده سعودي شهنشاهه) ڪيو هو. انهي ڪارخاني ۾ انتهائي جديد اوزار ۽ مشينري لڳل آهي پر ان هوندي به غلاف تي قرآني آيتن، سورتن جي سون ۽ چاندي جي تارن سان ڪڙهائي (ڀَرت) جو سمورو ڪم هٿ سان ڪيو وڃي ٿو ته جيئن سعوديه جو هنري ورثو ڪنهن حد تائين قائم رهي ته وري انساني ڪمال ۽ هٿ جي ڪاريگري به برقرار رهي.
غلاف ٺاهيندڙ ڪارخانه ۾ اڍائي سو ماڻهو ڪم ڪن ٿا. سڄي سال ۾ ٺهندڙ هڪڙي غلاف تي هڪ ڪروڙ ستر لک سعودي ريال خرچ اچي ٿو.
مڪي شريف ۾ضروريات زندگي جون جملي شيون ٻاهران گهرايون وڃن ٿيون. اناج ڦل فروٽ وغيره مان هڪ به شي مڪي جي سر زمين جي ناهي ڇو ته هتي جي سرزمين قرآن جي اصطلاح ۾ “غير ذي زرع” (يعني “اها سر زمين جيڪا پوکي لائق نه هجي”) آهي. کير، لسي، ملائي، ڌونئرو، مختلف فروٽن جا جوس، مکڻ، گيهه وغيره سڀ ٻاهران پيڪ ٿيل پهچن ٿا.
مڪي شريف ۾ روڊن جو ڄار وڇايل آهي ٻيو ته اهي روڊ ڀر وارن جبلن مان سرنگهون ڪڍي مڪي کان ٻاهر وارن علائقن تائين پهچائي انهن علائقن کي مڪي سان ڳنڍيو ويو آهي. ڪٿي ڪٿي اهي روڊ تهه خاني جي صورت ۾ به آهن. هر هڪ روڊ ون وي آهي جنهنڪري رش جي باوجود ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ نه ٿي ٿئي. اسان ترقياتي اسڪيمن بابت وزارت تعميرات ۽ وزارت داخله جي دفترن سان رابطو ڪيو پر حج دوران آفيسون بند هونديون آهن يا انهن کي ٻئي هنڌ شفٽ ڪيو وڃي ٿو انهي ڪري ڪوبه پتو پئجي نه سگهيو. جيڪي ڪجهه نظر آيو سو هتي لکيو اٿئون. ممڪن آهي ڪيتريون اهم ڳالهيون رهجي ويون هجن.
مڪي شريف جي موجوده احوال جو جائزو پيش ڪرڻ کانپوءِ وري سلسليوار ڳالهه ڏي اچون ٿا.
حرم مڪه ۾ هلندي، ويهندي، نماز پڙهندي ۽ دعائون گهرندي جيڪي مشاهدا ٿيا تن جو مختصر نمونه ذڪر ڪريان ٿو. اختصار جي ڪري ڪيتريون ڳالهيون ڇڏي ڏنيون اٿم. البته جن واقعن منهنجي دل کي ڪنهن نه ڪنهن طرح متاثر ڪيو سي پڙهندڙن آڏو پيش ڪريان ٿو.