مسجد نبوي اندر زيارت جون جايون.
هونئن ته مسجد نبوي جي ٻاڙي ٻاڙي نور عليٰ نور آهي. مگر رياض الجنھ ۽ ان جي چوڌاري گهيري ۾ بيٺل ست ٿنڀا، وچ ۾ مصليٰ رسول (پاڻ ڪريمن جي نماز پڙهڻ جي جاءِ) برڪت ۽ مغفرت، فيض ۽ فضيلت، درجي ۽ ثواب جا سونهري يادگار آهن. انهن مان هڪ ٿنڀو اسطوانه حنانه به آهي. اهو ٿنڀو محراب النبي جي ويجهو آهي. شروع ۾ جڏهن اڃا مسجد نبوي جو منبر نه ٺهيو هو ته، پاڻ سڳورا کجي جي ٿڙ کي منبر طور استعمال ڪري انهي ٿنڀي واري جاءِ تي خطبو ڏيندا هئا. پوءِ جڏهن منبر ٺهي آيو ته، کجي جي ٿڙ کي هٽائي مسجد جي ڪنڊ ۾ رکايو ويو ۽ منبر تي بيهي خطبو ڏنائون ته، اهو کجي جو ٿڙ ائين روئڻ شروع ٿيو جيئن ڪو اٺ جو گورو (ڦر) ماءُ جي وڇوڙي ۾ رڙندو آهي. اهو ٻڌي پاڻ سڳورن ﷺ خطبو ڇڏي انهي ٿڙ کي پرچائڻ لڳا ته، تون اسان سان دنيا ۾ به گڏ هوندين ته آخرت ۾ به گڏ هوندين. انهي تسلي تي ٿڙ جو روڄ راڙو بند ٿيو پر ماٺ ڪرڻ تي به ٻار وانگر سڏڪا پئي ڀريائين. اهو ٿڙ ته پاڻ ڪريمن ﷺ انهي هنڌ دفن ڪرائي ڇڏيو البت انهي جي يادگار طور هاڻي اتي ٿنڀو ٺهيل آهي جيڪو اسطوانه حنانه جي نالي سان مشهور آهي. علاوه ازين روضو پاڪ به مسجد نبوي جي احاطي اندر آهي، تنهنڪري انهي جو ذڪر خير به هتي پيش ڪجي ٿو.