مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

قبا کان واپسي تي ٻين مسجدن جي زيارت:

قبا کان واپسي تي ٻين مسجدن جي زيارت:
مسجد قبا جي زيارت کان فارغ ٿي اسان واپسي ۾ پيدل روانا ٿياسين. ٻڌو هوسين ته قبا کان مسجد نبوي تائين اڌ ڪلاڪ جو پنڌ آهي. واٽ تي مسجد جمعه ڏٺي سون. انهي ئي جاءِ تي پاڻ سڳورنﷺ پهريون جمعو پڙهايو هو. ڇو ته پاڻ سڳورا 12 ربيع الاول سن 1_ هه تي قبا کان مديني روانا ٿيا هئا ته جڏهن انهي جاءِ تي پهتا هئا ته جمعه جي فرض هجڻ جو حڪم نازل ٿيو هو تنهنڪري پاڻ اتي ئي جمعو پڙهايائون. انهي وقت اتي بنو سالم قبيلو رهندو هو، اهو ڳوٺ ئي انهي قبيلي جي نالي سڏبو هو. پاڻ سڳورن جي امامت ۾ هڪ سو ماڻهو شامل هئا. اسان جنهن وقت مسجد جمعه جي ديدار لاءِ پهتا هئاسون ته، مسجد بند پئي هئي. شايد ان جي کلڻ جو وقت نه ٿيو هو تنهن ڪري ٻاهران ديدار ڪري واپس ٿياسون. ڪجهه اڳتي وڌياسون ته، پري کان هڪ مسجد نظر آئي ويجهو پهچڻ تي مسجد جي روڊ ڀرسان تختي لکيل ڏٺي سون ته، حي قبا شارع الضباب (قبا محلو ضباب روڊ) مسجد الامام البغوي تاسيس عام 1/1/1414هه حي البحر (بحر محلو). مسجد جو ٻاهران ئي ديدار ٿيو. اڳتي هلندي “بستان الجذع” (ٿڙهن وارو باغ) آيو جتي کجين جا پراڻا باغ نظر آيا، جيڪي هاڻي ختم ٿي و يا هئا. کجين جا ٿڙ سڪي ڪري رهيا هئا. مين روڊ کان ڪجهه پاسيرا وڃي رهيا هئاسون ته، پري کان هڪ وڏو منارو نظر آيو. جنهن مان اندازو ٿيو ته، اها به ڪا مسجد آهي پڇا ڪرڻ تي خبر پئي ته، اها مسجد بلال آهي، ويجها پهتاسون ته، انهي مسجد جي هيٺان شاپنگ سينٽر هو جتي وڏا عاليشان دڪان ۽ واپاري مرڪز هئا. جڏهن ته، مسجد ٻي منزل تي هئي. ٻارهن ٿيا هئا مسجد جو ديدار ڪيوسين، مسجد اندر شيشن جون ديوارون ڏاڍيون دلڪش هيون. مسجد تمام ڪشادي هئي. مسجد ۾ مردن لاءِ الڳ ته عورتن لاءِ الڳ انتظام هو. مسجد ۾ رکيل پاڻي پي واپس مسجد نبوي ڏي پهچڻ جي ڪئي سون، ڇو ته ظهر نماز جو وقت ويجهو ٿي رهيو هو، مسجد نبوي ۾ ظهر نماز کان فارغ ٿي جاءِ تي ماني کائي آرام ڪيوسون.
وچين نماز مسجد نبوي ۾ پڙهي سڀني دوستن چيو ته، اڄ اڪثر مسجد جو ديدار ٿيو آهي ڇو نه باقي وقت به مسجدن جي ديدار ۾ گذري. سو سڀئي ساٿي گڏجي مسجد نبوي جي باب السلام کان ٻاهر اچي ڏکڻ اولهه طرف ويجهي فاصلي تي مسجد غمامه جو ديدار ڪيوسون. انهي جاءِ تي پاڻ سڳورن جي امامت ۾ سڀ کان پهرين عيد نماز سن 2 هجري ۾ ادا ڪئي وئي هئي، پوءِ به پاڻ سڳوراﷺ اتي ئي عيد نمازون پڙهائيندا رهيا. تنهنڪري انهي جو ٻيو نالو مسجد مصليٰ (مسجد عيد گاهه) به آهي. انهي جاءِ تي پاڻ سڳورنﷺ مينهن لاءِ نماز به پڙهائي هئي. ڪنهن سخت گرمي ۾ انهي جاءِ تي پاڻ سڳورنﷺ مٿان بادل ڇانو ڪري بيٺو هو، عربي ۾ بادل کي غمامه چئجي ٿو جنهن ڪري انهي جو مشهور نالو مسجد غمامه ٿي ويو. پاڻ سڳورن جي دور ۾ مديني جي بازار اتي هوندي هئي جيڪا پوءِ تبديل ڪئي وئي. خيرالقرون واري زماني ۾ مسجد غمامه جي آسپاس حاجين وارا اٺ ويهندا هئا، جنهن ڪري انهي علائقي کي مناخه (جهوڪ/ اٺن جي ويهڻ جي جاءِ) ڪري سڏيو ويندو هو ۽ اتي ڪابه تعميرات وغيره ڪانه هوندي هئي. پوءِ جڏهن جديد دور ۾ نت نيون سواريون آيون ته اها جاءِ کليل فضا هئڻ ڪري ڪشادي هوادار بنجي وئي. پوءِ اتي باغيچا وڻڪار وغيره ڪئي وئي ته جيئن تفريح گاهه جو ڪم ڏئي. اڃا تائين اها جاءِ کليل آهي. مسجد غمامه جي ٻاهران شاهه فهد پنهنجي نالي واري تختي لڳرائي هئي ته، تم ترميمه و تجديده في عهد الملڪ فهد بن عبد العزيز عام 1411هه. (هن مسجد جي ترميم ۽ تجديد شاهه فهد جي دور ۾ سال 1411هه تي مڪمل ٿي.) انهي مسجد غمامه جي ويجهو اتر طرف مسجد ابوبڪر آهي جنهن بابت مشهور محدث ملا علي قاري فرمائي ٿو ته، حضرت صديق اڪبر اتي ڪجهه نمازون پڙهايون هيون. مسجد ابوبڪر کي ويجهو مسجد عمر ۽ ان جي ويجهو مسجد علي آهي.
انهن سڀني مسجدن کي ڏسڻ سان خبر پئي ته اهي مسجدون ترڪن جون ٺهرايل آهن. سڀني مسجدن تي اهو ساڳيو بورڊ لڳل هو جيڪومسجد غمامه تي لڳل آهي. انهن مسجدن جي ديدار کان واندا ٿي اڳتي وڌياسون ته پري کان پٿرن جي اوساري سان ٺهيل هڪ مسجد نظر آئي. هڪ ٻه روڊ پار ڪري مسجد کي ويجها پهتاسون. مسجد بند پيل هئي مين گيٽ تي سنگ مر مر جي تختي تي لکيل هو ته، اها مسجد سعودي اوقاف وارن جي نه پر، آثار قديمه جي تحويل ۾ آهي ڇو ته اثري جو لفظ عربي ۾ آثار قديمه لاءِ استعمال ٿئي ٿو. مسجد جي عمارت ٻڌائي رهي هئي ته، ترڪن جي يادگار آهي. مسجد جا منارا ڊگها ۽ سنها پٿر جي اوساري سان اهڙي ته ڪاريگري سان ٺاهيل هئا جو ڏسي عجب ٿيو. مسجد جي مين گيٽ واري سنگ مر مر جي تختي تي سن 1334هه لکيل هو. آثار قديمه وارن مسجد جي ڀر ۾ بهترين پارڪ ٺاهي ڇڏيو هو. مون پنهنجي ساٿين کي چيو ته، هتي ويهي ٿڪاوٽ به لاهيون ته، بوتلون پي شام جي پهر جي وڻندڙ هوا جو لطف به وٺون. پارڪ ۾ ڇٻر تي ويهي بوتلون پي واپس ٿياسون ۽ سانجهي نماز اچي مسجد نبوي ۾پڙهي سون.
مديني شريف ۾ اسان کي ٻه ڏکيائون پيش آيون هڪ ته، ڪو گائيڊ/ رهبر ڪونه هو. ۽ نه وري شهر جو نقشو هو جو ان جي آڌار تي اهم جاين، پاڻ سڳورنﷺ ۽ صحابه ڪرام جي يادگار مقامات کي ڏسي سگهون ٻيو ته، وقت بنهه ٿورو هو جنهن ۾ ڇا ڪجي ڇا نه ڪجي؟
مٿان وري سعودي حڪومت، جديد ترقياتي ۽ توسيعي پروگرامن جي آڙ ۾ جيڪي به پاڻ سڳورن توڙي صحابه ڪرام سان وابسته يادگار هئا تن کي ڊاهي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي اوچتو آيل نئون ماڻهو ڪيئن سمجهي ۽ معلوم ڪري ؟ سعودي حڪومت جي انهي رويي اڳوڻي تاريخ ئي ميٽي ڇڏي آهي. اسان جيڪي سيرت ۽ تاريخ جي ڪتابن ۾ پاڻ سڳورن ۽ صحابه ڪرام سان لاڳاپيل جاين جو ذڪر پڙهون ٿا هتي سعوديه ۾ انهن جاين جو نالو نشان هٿ ئي نه ٿو اچي. آئون سمجهان ٿو ته، انهن يادگارن کي قائم رکڻ سان شريعت جي ڪهڙي خلاف ورزي ٿيڻ جو انديشو آهي؟ جيڪڏهن پوڄا پاٽ جي ڊپ کان ڪيو ويو آهي ته ان لاءِ انتظام ڪري سگهجي ٿو. بهرحال تڪ تي ۽ پنهنجي خيال سان جيڪي ڏسي سگهياسون، سو پڙهندڙن آڏو پيش پيا ڪريون. آئون سمجهان ٿو ته، ناواقفيت جيڪري ممڪن آهي اسان کان ڪيتريون اهم جايون رهجي به ويون هونديون. تنهن هوندي به الله جا ڪروڙين ڪرم جو اسان گنهگارن کي حبيب عربي ﷺ جي پاڪ سرزمين اکين سان ڏيکاريائين ۽ ڪجهه ڏينهن مدينه جي فضا ۾ ساهه کڻڻ جو موقعو نصيب ڪيائين. فلله الحمد.
ڪهان مين اور ڪهان يه نگهت گل
نسيم صبح تيري مهرباني.
(ڪٿي آئون ڪٿي وري هي گل جي سرهاڻ ڀري خوشبو،
اي صبح جي هير اهي سڀ تنهنجون مهربانيون آهن)