ابو ايوب انصاري جا مهمان:
ڏاچي جي ويهڻ واري جاءِ کي سامهون گهر جو ڌڻي خوشي مان نه ٿي ماپيو. جو کيس سيد المرسلين جي ميزباني جو شرف نصيب ٿيو هو. تنهن ويرم ئي ڪا نه ڪئي جو پاڻ ڪريمن ﷺ جي لهڻ بعد پاکڙا پلاڻ کڻي ۽ ڏاچي ڪاهي وڃي گهر ۾ پهچايائين. ۽ پنهنجي ٻه ماڙ گهر ۾ پاڻ سڳورن کي هلي آرام ڪرڻ لاءِ عرض ڪيائين. جنهن ڀلاري کي رسول الله ﷺ جي ميزباني جو شرف نصيب ٿيو هو تنهن جو اصل نالو ته خالد بن زيد پر مشهور ابو ايوب انصاري سان آهي.
حضرت ابو ايوب جو اهو گهر اصل ۾ اسلام کان 700 سو سال اڳ يمن جي بادشاهه تبع جي ٺهرايل ماڙي هئي. اها ماڙي جنهن نيت سان ٺهي هئي تنهن جو سبب هي ٿيو جو اهو بادشاهه اڀرندي جا ملڪ فتح ڪرڻ جي ارادي سان يمن کان هتي مديني ۾ اچي نڪتو. ان وقت جي يثرب جي رهاڪن ساڻس لڙائي بجاءِ صلح ڪئي ۽ پوءِ پنهنجو پٽ اتي حاڪم بڻائي پاڻ هليو ويو. بادشاهه جي وڃڻ بعد يثرب وارن پٽ کي قتل ڪري ڇڏيو. اها خبر جڏهن بادشاهه کي پهتي ته، وڏو لشڪر وٺي يثرب (مديني) تي ڪاهي آيو ۽ قتلام شرع ڪيائين ۽ قسم کنيائين ته، جيستائين هن شهر کي تباهه نه ڪندس تيستائين واپس نه ورندس. ڪافي رتو ڇاڻ تي ان وقت جا يهودي عالم بادشاهه وٽ ويا ۽ کيس سمجهيائون ته، تون جو هن شهر کي برباد ڪرڻ جو قسم کڻي ويٺو آهين سو تنهنجو اهو قسم ڪڏهن به پورو نه ٿيندو. ڇو ته، ،الله تعاليٰ هن شهر کي پنهنجي خاص پناهه سان محفوظ رکيو آهي هن کي برباد ڪرڻ جي نيت وارو خود برباد ٿي ويندو. هن ڪري ته هي شهر نبي آخرالزمان جي آخري منزل ۽ آرامگاهه ٿيندو. تنهن ڪري اهڙي ارادي کان باز اچي وڃ. ان کانسواءِ يهودي عالمن کيس خون خرابي کان بچڻ جون هدايتون به ڪيون هيون ته، انهي بادشاهه پنهنجو ارادو بدلائي، توبهه تائب ٿي يهودي مذهب مطابق ايمان آڻي مسلمان ٿيو ۽ پوءِ نبي آخر الزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي رهائش لاءِ ٻه ماڙ محل (گهر) ٺهرائي هڪ منظوم خط لکي مهر بند ڪري يهودي عالمن جي حوالي ڪيائين ۽ کين هي تاڪيد ڪيائين ته جيڪڏهن سندن زماني ۾ نبي آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ ظاهر ٿئي ته، کيس رهائش لاءِ هي گهر ۽ هي خط پيش ڪجو. يهودي عالمن مان هڪ عالم کي انهي گهر ۽ خط جي سنڀال تي متولي مقرر ڪري واپس يمن هليو ويو. انهي ئي عالم جي اولاد مان حضرت ابو ايوب انصاري جي حصي ۾ اهو گهر به آيو ته اهو خط به. سو پاڻ سڳورا ﷺ خدا جي منشا مطابق انهي ئي گهر ۾ اچي سڪونت پذير ٿيا ته ڪجهه گهڙيون آرام ڪرڻ بعد کين حضرت زيد بن ثابت وڏو طباق ثريد جو آڻي پيش ڪيو. جيڪو پاڻ ڪريمن وڏن وڏن اصحابن کي سڏي ساڻن گڏجي کاڌو. (هن ثريد ۾ ماني جا ڀور،ا گيهه ۽ کير گڏيل هئا نه ته اڪثر ڪري ثريد عربن جي اهڙي کاڌي کي چئجي ٿو جنهن ۾ ٻوڙ جي رس ۾ ماني ڀور ڪري ملائي وئي هجي. ثريد پاڻ سڳورن ﷺ جو پسنديده کاڌو هو.) پوءِ اهو خط به آڻي سندن خدمت ۾ پيش ڪيو ويو جنهن ۾ هي شعر لکيل هئا ته:
شهدت اعليٰ احمد انھ رسول من الله باري النسم.
فلو مد عمري اليٰ عمره لکنت وزيرا لھ و ابن عم.
ترجمو: آئون شاهدي ڏيان ٿو ته، بيشڪ احمد الله جو سچو رسول آهي، جيڪڏهن جيئرو رهيس ته سندس ساٿي ۽ مددگار ٿي رهندس.