عرفات جي ميدان تي:
اسان ڪلاڪ اڌ ۾ مڪي شريف کان عرفات جي ميدان تي 10 وڳي ڌاري اچي حاضر ٿياسون. حاجي سڳورن جي تنبن جو ڇيهه ئي ڪونه هو. ڏينهن تپي چڪو هو ۽ سج مان نڪرندڙ گرمي جا شعلا جسم کي ساڙي رهيا هئا. اسان معلم طرفان الاٽ ڪيل تنبو هٿ ڪرڻ لاءِ معلم واري ڪارڊ جي ڏس مطابق ڳولا ڪرڻ لڳاسون. عام عربن کان پاڪستان جي تنبن بابت پڇڻ تي ڪنهن به صحيح ڏس نه ڏنو، ته هڪ ٻن عرب پوليس وارن کان پڇيو سون جن جي ڏس مطابق روانا ٿياسون ته انهي ئي روڊ تي ٿورو اڳتي هلي ڏسون ته، اسان جي اڳيان ڊاڪٽر غلام محمد ٻگهيو ولد حاجي مٺو ٻگهيو (ڳوٺ گلو ٻگهيو، لڳ مسڻ وڏي) ڊاڪٽر منٺار ٿيٻو (ميرپور خاص) محمد عمر ٻگهيو ۽ سندن اهل خانه وڃي رهيا هئا، شايد اهي به اسان وانگر تنبن جي ڳولا ۾ هئا. مون اڳتي وڌي ويجهو ٿي ساڻن ملڻ جي ڪوشش نه ڪئي ڇو ته، ساڻن ٻار ٻچا گڏ هئا. ڪافي ڳولا ڪرڻ باوجود اسان کي تنبو هٿ نه آيا ۽ ٻيو ته، ڪمزور ۽ بيمار به هئاسون انهي ڪري وڌيڪ پنڌ هلڻ جي سگهه نه ساري، هڪ نم جي وڻ هيٺ اڌو گابري ڇانوَ ۾ ڪي حاجي سڳورا ڪپڙو ٽنگيو ويٺا هئا جن جي ڀر ۾ وڃي ويهي رهياسون. حال احوال پڇڻ تي خبر پئي ته، اهي اتر سنڌ غالباً جيڪب آباد جي پاسي جا بروهي آهن. انهن بروهين ۾ هڪ پوڙهو مرد ۽ اڌڙوٽ عمر جي عورت ۽ سندن هڪ ٻه ٻار به هئا جن اسان کي ماني کائڻ جي صلاح هنئي پر اسان کين صلاح هڻڻ جي شڪريه ادائي ڪندي چيو ته، توهان ڀلي خوب کائو باقي اسان حال سارو پنهنجو بندو بست پاڻ ڪنداسون. چئن پنجن ڏينهن کان ماني نه کائڻ ڪري جيڪو ضعف وڌي ويو هو تنهن لاءِ سوچيم ته، جيتوڻيڪ بخارن سبب وات جو ذائقو خراب ٿي چڪو آهي پر پوءِ به ڪجهه نه ڪجهه کائڻ کپي ته جيئن ڪمزوري به گهٽجي ته طبيعت ۾ به سڌارو اچي. انهي ڪري کاڌي پيتي جي هڪ اسٽال تان هلڪي غذا وٺي آڻي رکيم ۽ پنهنجي رفيق سفر حاجي رحيمڏني سمي سان گڏجي کاڌم. پيٽ قوت ڪري فارغ ٿياسون ته وقت معلوم ڪيوسون. خبر پئي ته، اڃان اڳين نماز جي ٽائيم ٿيڻ ۾ ڪجهه وقت آهي. سو آئون کاڌو هضم ڪرڻ لاءِ ڀر پاسي جي تنبن وٽان چڪر هڻڻ لڳس. اهي تنبو مصر، اردن، عمان ۽ عرب خليجي رياستن جا هئا، انهن تنبن ۾ ويٺل عربن جو روبرو نظارو ڪرڻ سان معلوم ٿيو ته، اهي عرب سڳورا اسان کان ڪيترا حصا وڌيڪ کائڻ پيئڻ ۾ تيز آهن. شايد انهن جي هاضمي جي مشين اسان کان وڌيڪ طاقتور آهي. مون ڏٺو ته، انهن عربن جي تنبن اڳيان ٿڌي پاڻي جا ڪولر رکيا هئا ۽ تنبن اندر قسمين قسمين فروٽن جا ڪريٽ فل ٿيا پيا هئا ته ٻئي پاسي پيڪ ٿيل سندن پسنديده غذائن جا دٻا موجود هئا. انهي وقت قيمتي غاليچن تي ويهي کاڌي پيتي ۾ مشغول هئا ۽ دستر خوان تي رکيل کاڌن جو پري کان نظارو پئي ٿيو. مون اندازو ڪيو ته، اهي ماڻهو اسان کان وڌيڪ صحتمند ۽ سگهارا آهن جنهن جو وڏو سبب سندن کاڌن جو ملاوٽ کان ۽ اتي جي آب هوا جو رطوبت (گِهم، آلاڻ) کان پاڪ ۽صاف هجڻ آهي. ان کانسواءِ سندن معاشي ۽ اقتصادي حالت جو انتهائي بهتر هجڻ به آهي.
گهڙي ساعت جي تنبن واري نظاري کان واپس ورندي هڪ نظر چو طرف ڊوڙائي ڏٺم ته، عرفات جو ميدان، دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان آيل انسانن سان ائين سٿيو پيو هو جيئن پري کان سمونڊ پاڻي سان ڀريل نظر ايندو آهي. انسانن جو هي عظيم الشان انٽرنيشنل اجتماع ڏسي مون کي ياد آيو ته، هن دنيا جي خاتمي کانپوءِ آخرت جي ڏينهن به ائين ئي حاضر ٿي خدا جي سامهون حساب ڪتاب لاءِ پيش ٿيڻو آهي. شال رب سائين اسان کي سيد المرسلين ﷺ جي جماعت مان اُٿاري ۽ صالح مسلمانن سان گڏ شافع محشر جي شفاعت جو حقدار بنائي. (آمين)
عرفات جو هي ريگزار ميدان ٻن ميلن جي ايراضي تي پکڙيل آهي. جنهن ۾ جبل رحمت ۽ مسجد نمره ٻه مقدس جايون آهن. مسجد نمره ۾ ٽي لک نمازين لاءِ گنجائش آهي. حاجين جي سهولت خاطر عرفات جي ميدان تي سعودي سرڪار پاران هڪ لک نمن جا وڻ لڳايا ويا آهن جن جون چڪيون پاڪستان مان کڻي سعوديه پهچايون ويون هيون. هن وقت اهي نمن جا وڻ ننڍين ٻٻرين جيتراآهن جن جي اڌو گابري ڇانوَ ٽانڊن جهڙي گرمي ۾ حاجين لاءِ وڏو اجهو آهي. ان کانسواءِ انهي حج واري ڏينهن تي، ساڙيندڙ گرمي واري ماحول کي خوشگوار ۽ فرحت بخش فضا ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ هنڌين ماڳين ڊگهن پائپن ذريعي پاڻي جا پريشر ڦوهارا به چالو ڪيا وڃن ٿا، جن جي وسندڙ سنهي بوندار بهاري پيدا ڪريو ڇڏي، اهي ڦوهارا فقط حج واري ڏينهن يعني 9 ذوالحج تي چالو ڪيا وڃن ٿا، باقي ڏينهن ۾ بند رهن ٿا.
نماز لاءِ وضو ڪري تيار ٿي ويٺا هئاسون ته، ٿوري دير ۾ مسجد نمره جي بلند منارن تان اذان جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. بانگ ختم ٿيڻ تي نفل ۽ سنتون پڙهي واندا ٿياسون ته ماڻهن جو ٽيو حصو تنبن مان نڪري ٻاهر اچي صف بندي ڪرڻ لڳو، جڏهن ته حاجين جو چوٿون حصو پنهنجي تنبن ۾ ئي هو. انهن پنهنجي نماز اتي ئي پڙهي پر اڪثر خلق مسجد نمره جي امام پويان اقتدا ۾نماز لاءِ صفون ٻڌيو بيٺي هئي. حالانڪه مسجد نمره اسان کان گهڻو پري هئي ۽ وچان ڪيترائي روڊ هئا پر پوءِ به امام صاحب جي اقتدا ۾ نماز پڙهڻ خاطر ماڻهو صفون ٺاهيو بيٺا هئا. شرعي احڪام جي لحاظ کان جيئن نماز با جماعت لاءِ صف بندي ضروري آهي تيئن اقتدا ( امام جو پوئلڳ ٿي بيهڻ) لاءِ به ضروري آهي ته، امام ۽ مقتدي (پوئلڳ/ جماعتي) جي وچ م ڪو وڏو ميدان، خالي جاءِ جنهن ۾ ٻه صفون ٿي سگهنديون هجن، عام شاهراهه، مين روڊ جنهن جي وچان هجڻ ڪري صفون هڪ ٻئي کان الڳ هجن ۽ اهو روڊ اهڙو هجي جو اتان کان سامان ڍوئيندڙ وڏيون گاڏيون ٽريلر وغيره گذري سگهندا هجن ۽ امام ۽ مقتدي جي وچان ڪو تنبو يا جاءِ وغيره نه هجي پر جيڪڏهن اهي مٿي ذڪر ڪيل شيون امام ۽ مقتدي جي وچان حائل هونديون ته اقتدا صحيح نه ٿيندي. اهڙي صورت ۾ بهتر آهي پنهنجي گروپ جي ڪنهن عالم دين، يا نماز جي مسئلن کان واقفيت رکندڙ ڪنهن نيڪ ماڻهو کي پنهنجي ئي تنبو ۾ امام بنائجي ۽ ان پويان اڳين نماز اڳين جي وقت ۾، ۽ وچين نماز وچين جي وقت ۾ معمول مطابق پڙهجن. پر جيڪڏهن ڪو به ماڻهو امام بنجڻ تي راضي نه هجي ته هر شخص پنهنجي نماز الڳ پڙهي.
ڪنهن به حالت ۾ فقط ريڊيو يا لائوڊ اسپيڪر جي آواز تي ڪٿي به نماز پڙهڻ نه گهرجي. ڇو ته ريڊيو، لائوڊ اسپيڪر يا ٽيپ رڪارڊ وغيره جو آواز پڙلاءُ (صداءِ باز گشت) مثل آهي، ان کي شريعت ۾ اصل آواز جي حيثيت نه ڏني وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو ريڊيو تان نشر ٿيندڙ اذان ۽ فرض نماز يا تراويح وغيره ۾ امام جي قرئت ۽ تڪبيرن هڻڻ جي آواز ٻڌڻ جي باوجود به ريڊيو کي سامهون رکي انهي جي پويان اقتدا ڪري نماز پڙهڻ کان شريعت ۾ منع ٿيل آهي. شايد حج تي ايندڙ ماڻهو اهڙن مسئلن ڏي ڌيان نه ٿا ڪن يا ته کين اهڙي تربيت ۽ تعليم نه ٿي ڏني وڃي. هي ڳاله ياد رکڻ کپي ته، جڏهن امام جي پويان اقتدا صحيح نه ٿيندي ته اهڙي صورت ۾ امام جي پويان پڙهيل نماز به نه ٿيندي. اها وضاحت انهن ماڻهن لاءِ ڪئي اٿئون جيڪي عرفات ۾ حج جي موقعي تي مسجد نمره جي امام پٺيان نماز پڙهڻ جي نيت ڪري بيهن ٿا. البت اهي ماڻهو جيڪي مسجد نمره کان پري ڪونهي بلڪه مسجد جي احاطي ۾ آهن ته انهن جي اقتدا صحيح ٿيندي ۽ سندن امام جي پويان نماز به درست ٿيندي.
هتي عرفات ۾ اڳين ۽ وچين نمازون ملائي پڙهڻ واجب ناهن بلڪه “جمع بين الصلواتين” (ٻئي نمازون اڳين ۽ وچين ملائڻ) سنت آهي. پر امام ابو حنيفه وٽ عرفات ۾ اڳين ۽ وچين جون نمازون ملائي، اڳين جي وقت ۾ پڙهڻ لاءِ هي شرط آهي ته، ٻنهي نمازن ۾ وقت جو بادشاهه يا سندس نائب، قاضي (جج) يا ته ان جو ڪو گورنر امام هجي. مسجد نمره ۾ اهڙوئي امام نماز پڙهائي ٿو. انهي ڪري فقط اتي ٻئي نمازون ملائي پڙهي سگهجن ٿيون. پر اڳين ۽ وچين امام پٺيان ملائي پڙهڻ کانپوءِ اڳين جون سنتون ڪونه پڙهبيون. هنڪري ته وچين نماز جو فرض پڙهڻ کانپوءِ اڳين جي سنت ۽ نفل پڙهڻ جي اجازت ڪونهي. ڇو ته، شريعت ۾ وچين نماز پڙهڻ کانپوءِ ڪوبه نفل پڙهڻ جائز نه آهي.
جيڪڏهن ڪي ماڻهو پنهنجي تنبو ۾ اڪيلا جماعت ڪري نماز پڙهن ٿا ته انهن کي کپي ته، اڳين جي نماز اڳين جي وقت ۾ پڙهن ۽ ان جون پهريون ۽ پويون سنتون به پڙهن ۽ وري وچين نماز وچين جي وقت ۾ پڙهن. ڪي اڻ واقف ماڻهو انهي ڳالهه تي اعتراض ڪن ٿا ۽ چون ٿا ته، تنبو ۾ به ٻئي نمازون ملائي پڙهن ۽ انهي سلسلي ۾ “بخاري ۽ مسلم” جي حديثن جو حوالو ڏين ٿا ته، پاڻ ڪريمن ﷺ جن اهي ٻئي نمازون ملائي پڙهيون هيون. تنهن لاءِ ياد رکو ته، حضور سائين جي امامت ۾ سڀني اصحابن سڳورن سندن ئي پويان نمازون پڙهيون هيون، انهي ڪري ملائي پڙهيائون. رسول الله ﷺ جي موجود هوندي اصحاب سڳورا پنهنجي تنبو ۾پنهنجي الڳ جماعت ڪرڻ جو سوچي به نه ٿي سگهيا. انهي ڪري ڪنهن به ماڻهو جي چو چوا جو خيال نه ڪجي ۽ پنهنجي الڳ جماعت ڪجي يعني ته اڳين نماز اڳين جي وقت ۾، ۽ وچين نماز وچين جي وقت ۾ پڙهجي. انهي سلسلي ۾ نه رڳو امام ابو حنيفه جي بلڪه امام ابو يوسف، امام محمد ۽ پوين سڀني حنفي عالمن جي متفقه فتويٰ اها ئي آهي.
بهرحال اسان اڳين نماز جون فرض سنتون وغيره پڙهي واندا ٿياسون جڏهن ته مسجد نمره جي امام ۽ ان جي اقتدا ڪندڙن اڳين ۽ وچين قصر ڪري (سفر واريون ٻه ٻه رڪعتون ڪري) پڙهيون. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته، حج واري موقعي تي عرفات ۾ نماز پڙهائڻ لاءِ امام رياض شهر مان هوائي جهاز ذريعي آندو وڃي ٿو جيڪو مسافر هوندو آهي ۽ هتي اچي سفر نماز پڙهائيندو آهي.
نماز کان فارغ ٿيڻ بعد حج جو خطبو شروع ٿيو جيڪو هر سال وانگر سعودي جي مفتي اعظم شيخ عبد الله بن عبد العزيز بن باز ڏنو. ڪي ان کي شيخ عبد العزيز بن باز به سڏين ٿا. موصوف اکين کان صفا معذور آهي پر سندس خطبو نهايت بليغانه ۽ عالمانه هوندو آهي. سندس خطبي ۾ قرآن ۽ حديث جي نقطه نظر سان ڪيترائي موضوع پيش ٿين ٿا جن ۾ خاص ڪري مسلمانن جي مذهبي ۽ ثقافتي، اخلاقي ۽ علمي صورتحال سان گڏ احڪام اسلام جي پابندي تي زور ڏيڻ، دين تي ثابت قدمي سان قائم رهڻ، پاڻ ۾ ڀائيچاري جي فضا برقرار رکڻ، اسلام جي دشمن قوتن خلاف جهاد ڪرڻ، حق جو ڪلمو چوڻ جهڙا موضوع شامل هوندا آهن. خطبي جي اختتام تي اجتماعي دعا ٿي ته، مسلمانن جي گريه زاري سا ن گهريل دعائن عرفات جي پٿريلي ميدان کي پاڻي ڪري ڇڏيو. اهو اهڙو ته عجيب منظر هو جو ان جو نقشو چٽي ڏيکارڻ قلم جي وس ۾ ڪونهي، ڇو ته اهو نظارو فقط ٻن قدرتي مشينن ذريعي محسوس ۽ محفوظ ڪري سگهجي ٿو هڪ ته ڏسڻ واريون اکيون هجن ۽ ٻيو ته ٻڌڻ وارا ڪن هجن جڏهن ته منهنجي قلم ۾ نه ته قوت بصارت (ڏسڻ واري طاقت) آهي نه ڪي قوت سماعت (ٻڌڻ واري طاقت)، انهي ڪري دعا ٿو ڪريان ته پڙهندڙن کي الله تعاليٰ اهو ديدار نصيب ڪري جو اهڙا مشاهدا ماڻين. (آمين)
دعا کان واندا ٿي پنهنجي پنهنجي ٺڪاڻي تي ٿانيڪا ٿياسين ته ذڪر تسبيح تلاوت وغيره شروع ٿي ويو. مو نکي ا نوقت امام بيهقي جي بيان ڪيل حديث جيڪا حضرت جابر رضي الله عنه روايت ڪئي آهي ياد آئي ته، پاڻ سڳورن فرمايو ته، جيڪو مسلمان يوم عرفه (حج جي ڏينهن) سج لڙڻ کانپوءِ قبلي ڏي منهن ڪري هي پڙهي،
1، لاالهٰ الا الله وحده لاشريڪ له له الملڪ وله الحمد و هو عليٰ ڪل شيء قدير (سؤ ڀيرا)،
2، قل هو الله احد (پوري سورت)سؤڀيرا،
3، درود ابراهيمي سان گڏ و علينا معهم سؤ ڀيرا ته، الله تعاليٰ ملائڪن کي فرمائيندو ته، اي منهنجا ملائڪو! انهي ٻانهي جو ڪهڙو اجورو هئڻ گهرجي جنهن منهنجي پاڪائي ۽ وڏائي، تعريف ۽ تعظيم ڪئي، ۽ منهنجي رسول تي درود موڪليو. اي ملائڪو! توهان شاهد هجو ته مون انهي ٻانهي کي بخش ڪري ڇڏيو ۽ انهي جي شفاعت قبول ڪئي.
اها حديث ذهن ۾ ايندي مٿي ذڪر ڪيل تسبيحون پڙهڻ لڳس. ٿوري دير کانپوءِ ماڻهو اٿي بيهي دعائون ذڪر وغيره ڪرڻ لڳا جنهن کي شرعي اصطلاح ۾ وقوف عرفات سڏيو وڃي ٿو. وقوف معنيٰ بيهڻ يعني اٿي بيهي الله کي پڪارڻ ۽ ٻاڏائڻ. وقوف عرفات لاءِ هرو ڀرو ڪو اٿي بيهڻ شرط يا واجب ناهي بلڪه مستحب (بهتر) آهي. ويهندي، ليٽندي، جيئن به ٿي سگهي سمهندي جاڳندي وقوف ڪرڻ جائز آهي. پر وقوف لاءِ بنان عذر ليٽي پوڻ مڪروهه آهي. وقوف عرفات ۾ رڳو هڪڙي ڳالهه واجب آهي سا هي ته، جيڪو ماڻهو ڏينهن جو زوال (سج لڙڻ) کانپوءِ ۽ سج لهڻ کان اڳ وقوف ڪري تنهن لاءِ سج لهڻ تائين عرفات ۾ رهڻ واجب آهي. يعني ته عرفات ۾هوندي سج لهي. پر جيڪو ماڻهو 9 ذي الحج جي ڏينهن حاضر نه ٿي سگهيو ۽ ڏهين تاريخ جي رات ۾ اچي وقوف ڪري ته، ٿوري وقت جي رهڻ سان به اهو واجب ادا ٿي ويندو. وقوف جي رهڻ سان به اهو واجب ادا ٿي ويندو.
وقوف جي وقت اسان ڏٺو پئي ته، ماڻهو ڌڙا ڌڙ جبل رحمت تي چڙهي رهيا هئا. حالانڪه اها پڌري غطلي آهي بلڪه سنت جي مخالفت ۽ بدعت آهي. ڇو ته، حجت الوداع جي موقعي تي پاڻ سڳورا ﷺ جبل رحمت تي نه چڙهيا هئا، بلڪه پاڻ ڪريمنﷺ ته، انهي جبل جي هيٺاهين ۾ وقوف فرمايو هو.
وقوف وارو وقت گهڻي کان گهڻي توبه ڪرڻ، استغفار پڙهڻ، تلاوت قرآن ۽ حمد و ثنا، درود ۽ ذڪر اذڪار ڪرڻ جو آهي. خدا جي سامهون سچي نيت سان روئي معافي جي درخواست ڪرڻ جو وقت آهي اهڙي وقت دعائن جي قبوليت يقيني آهي. ڇو ته، انهي وقت خدا تعاليٰ طرفان ميدان عرفات تي رحمتن جي پالوٽ هوندي آهي ۽ موجود ٻانهن جا ٽوٽل ننڍا ۽ وڏا گناهه معاف ٿي وڃن ٿا.
وقوف عرفات ۾ جنهن ڪم ڪرڻ سان دم (يعني ڏنڊ ۾ قرباني ڪرڻ) لازم ٿيو پوي سو فقط هڪ آهي ۽ اهو آهي واجب ڪم جو ڇڏڻ. يعني ته، سج لهڻ کان پهرين عرفات جي حد مان ٻاهر نڪري هليو وڃڻ. هتي عرفات بابت چند ڳالهيون لکڻ کانپوءِ خيال آيم ته، پڙهندڙن کي حج جي احڪامات جي مختصر معلومات ڏجي ته بهتر ٿيندو. انهي ڪري چند ضروري ڳالهيون پيش ڪجن ٿيون.
حج اسلام جي پنجن رڪنن مان هڪ اهم رڪن ۽ فرض عبادتن ۾ هڪ وڏي درجي واري عبادت آهي. هر مسلمان عاقل بالغ سرندي واري دولت مند تي حج فرض آهي.صحت ۽ سرندي جي باوجود حج نه ڪرڻ وارو گناهگار ٿيندو ۽ کانئس آخرت ۾ سخت پڇاڻو ٿيندو. جيڪڏهن ڪو مسلمان، حج کي فرض ڪري نه مڃيندو ته اهو ڪافر ٿي ويندو. (نعوذ بالله) هڪ حديث ۾ آهي ته، جنهن وٽ سفر حج جو ضروري سامان هجي ۽ وٽس اهڙي سواري به هجي جيڪا کيس بيت الله شريف تائين پهچائي سگهي ٿي ته پوءِ به اهو حج نه ٿو ڪري ته ڪو فرق ناهي جو اهو ماڻهو يهودي يا عيسائي ٿي مري. ۽ اها سموري ڳالهه هن ڪري آهي جو الله تعاليٰ خود قرآن شريف ۾ فرمايو آهي ته، الله جي لاءِ بيت الله شريف جو حج فرض آهي انهن ماڻهن تي جيڪي انهي بيت الله شريف تائين وڃڻ/ پهچڻ جي طاقت رکن ٿا.
جيڪي ماڻهو طاقت هوندي به حج تي نه ٿا وڃن سي ته برابر تنبيه لائق آهن، پر جيڪي ماڻهو حج جا احڪام سکڻ کانسواءِ، ۽ انهي راه جا آداب معلوم ڪرڻ کانسواءِ حج تي هليا وڃن ٿا اهي به ته تنبيه جا لائق آهن. هي ڳالهه سڀ ڄاڻن ٿا ته، سکڻ کانسواءِ ڪابه شئي حاصل نه ٿي ٿئي. پر هيڪاري هي ڪيڏي نه ناداني آهي جو جنهن فرضي عبادت کي زندگي ۾ فقط هڪ ڀيرو ادا ڪرڻ لاءِ نڪرن ٿا ليڪن ان جي سکڻ جو ۽ دل ۾ خدا ۽ رسول جي محبت وسائڻ جو ۽ عشق و محبت جا جذبا پيدا ڪرڻ جو ذرو به فڪر نه ٿا ڪن.
پوري حياتي ۾ حج هڪ ڀيرو ادا ڪرڻ فرض آهي، بحيثيت مسلمان حج ته سڀني تي لاڳو فرض آهي پر ان جي ادا ڪرڻ جو وقت تڏهن آهي جڏهن ڪو مسلمان پنهنجي ضروريات زندگي کان ايتري بچت رقم رکندو هجي جو انهي مان حج جو خرچ آساني سان پورو ٿي سگهي. ان سان گڏ هي به ڌيان ۾ رهي ته، اهو ايترو شاهوڪار هجي جو جيستائين حج تان موٽي اچي تيستائين سندس ٻارن ٻچن جي کاڌي پيتي، ڪپڙي لٽي، بيماري سيماري وغيره لاءِ گهربل پيسو ڏوڪڙ ۽ سامان سيڌو موجود هجي. ماڻهن ۾ هي ڳالهه عام طور مشهور آهي ته، جيڪڏهن غير شادي شده/ ڪنواري ڇوڪري گهر ۾ ويٺل هجي ته، جيستائين ان جي شادي، نڪاح جو بندوبست نه ٿو ٿئي تيستائين اهڙي گهر جو ڌڻي حج ادا ڪري نه ٿو سگهي. حقيقت ۾ اها ڳالهه غلط آهي ڇو ته، ڪنهن به بالغ ڪنواري ڌي جي شادي جو بندوبست انهي جي حق ادائي الڳ ذميداري آهي ۽ حج جي ادائيگي جو فرض الڳ آهي. پر جيئن ته حج تي وڃڻ کان پهرين حقوق العباد جي ادائگي ۾ نياڻي جو بار لاهڻ به شامل آهي انهي ڪري جيئن ڏيتي ليتي قرض وغيره جهڙا حقوق ادا ڪري پوءِ حج تي روانو ٿبو آهي تيئن نياڻي جو به اهڙو بندوبست ڪري پاڻ کي آجو ڪري پوءِ حج تي وڃڻ کپي.
ڪوشش ڪري حج جي سفر خرچ لاءِ حلال ڪمائي استعمال ڪري، حرام ملڪيت هن اهم عبادت ۾ استعمال ڪندو ته، کيس ڏاڍا خراب نتيجا ڀوڳڻا پوندا. جيئن نماز لاءِ ڪپڙي، جاءِ ۽ بدن جو پاڪ هجڻ شرط/ فرض آهي تيئن حج لاءِ استعمال ٿيندڙ مال اسباب حلال پاڪ ڪمائي هجي. ورنه ته، حرام ملڪيت مان حج ڪرڻ ائين آهي جيئن بنا وضو يا تڙ سان نماز پڙهڻ. يعني ته ثواب ۽ بخشش بجاءِ گناهه ۽ عذاب. (رب تعاليٰ معاف فرمائي)
حديث شريف ۾ آهي ته حج ادا ڪرڻ ۾ جلدي ڪريو، ڪهڙي خبر ته ڪا بيماري اچي ڪڙڪي يا ضرورت ۽ کپت اچي ورائي! ٻي حديث ۾ آيو ته، حج نڪاح کان به پهرين ادا ڪريو!!
ڪن ماڻهن وٽان ٻڌڻ ۾ آيو ته، ڪنهن عمرو ڪيو ته، ان تي حج فرض ٿي ويو، سو اها ڳالهه غلط آهي. جيڪڏهن اهو سرندي وارو ناهي يعني جيڪڏهن ان وٽ ايتري ملڪيت ناهي جو حج ادا ڪري سگهي ته انهي تي عمره جيڪري حج فرض نه ٿو ٿئي. جيتوڻيڪ اهو عمرو حج جي مهينن ۾ ڪيو وڃي، پوءِ به انهي عمره جيڪري حج فرض نه ٿيندو.