ماڪوڙين جي الوداع:
10 وڳي ڌاري جاءِ تي اچي ماني کائي سمهي پياسون. اڳين نماز مهل جاڳي ڏسون ته، اسان جي ڪمري جو فرش ماڪوڙين سان سٿيو پيو آهي. پٽ تي ماڪوڙين جا وڏا وڏا ڇٽ، مانارن وانگر ڏسي حيران ٿي وياسين ته، هن ڪمري ۾ ڪڏهن به ڪا مک ماڪوڙي نظر نه آئي، اڄ هي مخلوق ڪٿان اچي وئي! مون کي ياد آيو ته، هي سمجهدار جيت آهي، جو قرآن شريف جي هڪ سورت ۾ ماڪوڙين جي راڻي جي ڏاهپ جو واقعو ذڪر ٿيو آهي، جنهن ڪري پوري سورت جو نالو نمل (ماڪوڙي) رکيوويو آهي. منهنجي هڪ ساٿي انهن ماڪوڙين کي مارڻ جي رٿا ڪئي پر مون کيس روڪيو ۽ چيو مانس ته، اهي ويچاريون اسان جي جسم تي چڙهي گهمي رهيون آهن پر پوءِ به ڪنهن کي چڪ ڪونه ٿيون هڻن ته، خواه مخواه اهو ڪمزور جيت ماري ڇا ڪبو؟ هي ويچاريون ته پاڻ کي الوداع ڪرڻ آيون آهن. پاڻ ته هونئن ئي ڪلاڪ ٻن کانپوءِ وڃڻ وارا آهيون. پوءِ اهو پاپ ڇو ڪريون؟ مون کي حيرت ٿي ته، ڳوٺ هوندا آهيون ته گهر ۾ ڦرندڙ ماڪوڙيون هڪ نه ٻئي ڀاتي کي چڪ ضرور هڻنديون آهن پر هي سَوَن هزارن جي تعداد هوندي، هڪ به چڪ هڻي ايذائي ڪونه پئي. اڳين نماز بعد ماني کائي، بچيل ماني ڀور ڪري ماڪوڙين کي قوت ڏيئي، ڪمرو خالي ڪري حرم شريف ڏانهن روانا ٿياسون ته جيئن وچين نماز تائين آخري گهڙيون اتي گذاريون.