مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مدينه يونيورسٽي جو تعارف:

مدينه يونيورسٽي جو تعارف:
اسلامي يونيورسٽي مدينھ منوره (جنهن جو عربي نالو الجامعة الاسلامية بالمدينة المنورة) سعوديھ جي اٺن يونيورسٽين ۾ قائم ٿيڻ جي اعتبار سان ٻيو نمبر يونورسٽي آهي. جيتوڻيڪ تعلق جي لحاظ کان هي سعودي عرب ۾ آهي پر پنهنجي اعليٰ مقصد جي لحاظ کان اها هڪ بين الاقوامي اسلامي ادارو آهي.
مدينھ يونيورسٽي جو بنياد 1381هه / 1961ع ڌاري پيو ۽ ساڳي سال کان پڙهائي به شروع ڪئي وئي. هن يونيورسٽي جي قائم ڪرڻ جا ڪي خاص مقصد هي آهن:
1. تعليم جي ذريعي اسلام جو صحيح ۽ سچو پيغام دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين پهچائڻ.
2. سماج ۾ اسلامي روح پيدا ڪرڻ ۽ ان جي تازگي ۽ توانائي لاءِ بهتر انتظام ڪرڻ ته جيئن هڪ اهڙو سماج وجود ۾ اچي جيڪو توحيد ۽ رسالت جي اصولن تي قائم هجي.
3. علمي جستجو، بحث مباحثا ۽ تحقيقات، مطالعي جو انتظام ڪرڻ ۽ اڻ لڀ علمي ڪتابن جو ترجمو ۽ انهن تي ڪيل تحقيقي ڪم جي نشرو اشاعت ڪرڻ ته جيئن اسلامي سماج جون ضرورتون پوريون ٿي سگهن.
4. اهڙا فرد تيار ڪرڻ جيڪي اسلام جي جملي علوم و فنون ۾ پوري دسترس ۽ مهارت رکندا هجن.
5. اسلامي ورثي کي سهيڙي سميٽي محفوظ ڪرڻ ۽ انهي جي ڇپائي جو انتظام ڪرڻ.
6. اسلام جي خدمت جي مقصد سان مختلف اسلامي درسگاهن سان رابطو پيدا ڪرڻ.
مدينه يونيورسٽي جو انتظامي ڍانچو سعودي حڪومت جي مڪمل ڪنٽرول ۾ آهي. حڪومت پنهنجي ساليانه بجٽ ۾ هن يونيورسٽي لاءِ رقم جو وڏو حصو رکندي آهي. هن جو رئيس اعليٰ (صدر ۽ سرپرست) وقت جو بادشاهه هوندو آهي. رئيس الجامعة (چانسلر) جو عهدو، مفتي اعظم جي حوالي هوندو آهي ان جي سپرد ڪيل ڪمن کي نائب رئيس الجامعة (وائس چانسلر) پورو ڪندو آهي. گهڻو ڪري وائس چانسلر مدينه منوره ۾ رهندو آهي. وائيس چانسلر کي هڪ سعودي وزير جون سهولتون حاصل هونديون آهن. يونيورسٽي جا سمورا ڪم ڪار هڪ ڪميٽي جي ذمي آهن. جنهن کي المجلس الاعليٰ للجامعة چون ٿا. يونيورسٽي جي تعليمي معيار کي بين الاقوامي معيار مطابق برقرار رکڻ ۽ ان ۾ سڌارا آڻڻ لاءِ هڪ اعليٰ مشاورتي ڪميٽي به آهي. جنهن جا ميمبر دنيا جي مختلف اسلامي ملڪن مان کنيا وڃن ٿا. هن يونيورسٽي ۾ سعودي شاگرد ويهه سيڪڙو کان مٿي ڪونهي. باقي سمورا شاگرد دنيا جي 110 ملڪن مان آهن. يونيورسٽي جي زيرانتظام تعليمي معيار ٽن قسمن جا آهن.
پهريون اعليٰ تعليم: هن جا نوَ شعبا آهن جن ۾ تفسير، حديث، فقھ، اصول فقھ، دعوت، عقيده،لغت، ادب، بلاغت شامل آهن. انهي ۾ داخلا لاءِ گريجوئيٽ هئن لازمي آهي. اعليٰ تعليم حاصل ڪندڙ شاگردن کي ماهوار 525 ريال اسڪالرشپ (وظيفه) به ڏنو وڃي ٿو.
هي ڊپارٽمينٽ يونيورسٽي جي ٻين فيڪلٽيز کان الڳ آهي. هن جا خصوصي ٽي درجا آهن. درجھ عاليھ / بيچلر، درجھ عالميھ / ماسٽر ڊگري، درجھ عالميھ عاليھ / پي ايڇ ڊي، پر انهن مان به ٻه پويان درجا تعليمي حوالھ سان وڌيڪ اهم آهن. انهن خصوصي درجن لاءِ 900 ريال تائين ماهوار وظيفو مقرر آهي.
ٻيو، يونيورسٽي سطح جو معيار تعليم: هن معيار تحت پنج فيڪلٽيز/ ڪاليج ڪم ڪري رهيا آهن. 1. کلية الشرية: هن فيڪلٽي جا ٽي ڊپارٽمينٽ آهن. قسم الفقھ، قسم اصول الفقھ، قسم القضاء والسياسة الشرعية... هن فيڪلٽي جو تعليمي مدو چار سال آهي. هن ۾ پڙهندڙ هر شاگرد کي 525 ريال ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو.
2. ڪلية الدعوة واصول الدين: هن جا چار ڊپارٽمينٽ آهن. قسم العقيده، قسم الدعوة، قسم التاريخ الاسلامي، قسم الاعلام. هن فيڪلٽي جو تعليمي مدو به چار سال.
3. ڪلية القرآن الڪريم والدراسات الاسلامية (قرآن شريف ۽ اسلام جو مطالعو) هن جا ٻه ڊپارٽمينٽ آهن. قسم التفسير و علوم التفسير، قسم القرات. هن فيڪلٽي جي هر شاگرد کي ماهوار 775 ريال اسڪالرشپ ڏني وڃي ٿي.
4. کلية اللغة العربية: هن جا ٻه ڊپارٽمينٽ آهن.
قسم اللغويات، قسم البلاغة و الادب. هن فيڪلٽي جو تعليمي مدو ٻه سال آهي.
5. ڪلية الحديث الشريف والدراسات الاسلامية. (حديث شريف ۽ اسلامي مطالعو) هن جا ٻه ڊپارٽمينٽ آهن. قسم فقھ الحديث، قسم علوم الحديث. ٽيون، معيار تعليم ما قبل الجامعھ آهي. جنهن ۾ پرائمري، مڊل ۽ سيڪندري ليول جي تعليم اچي وڃي ٿي. انهي تعليم لاءِ الڳ انسٽيٽيوٽ آهن جن جي نگراني يونيورسٽي انتظاميھ ڪري ٿي. هاءِ اسڪول سطح جي سيڪنڊري ايڊيوڪيشن جو تعليمي مدو ٽي سال آهي. هن ۾ پڙهندڙ هر شاگرد کي 375 ريال وظيفو ڏنو وڃي ٿو.
مدينھ يونيورسٽي جي نگراني ۾ ٻه الڳ دار الحديث به آهن جن مان هڪ مدينھ منوره ۾ قائم آهي ته ٻيو مڪي مڪرمھ ۾. دارالحديث جي ابتدائي مرحله جي هر شاگرد کي 225 ريال ماهوار وظيفو ڏنو وڃي ٿو. علاوه ازين غير عرب شاگردن کي عربي ٻولي سيکارڻ لاءِ هڪ خصوصي شعبو “تعليم اللغة العربية لغير العرب” يونيورسٽي طرفان قائم آهي جنهن ۾ عربي ٻولي سکڻ، پڙهڻ، ڳالهائڻ، لکڻ وغيره جو بهترين انتظام آهي.
يونيورسٽي ۾ مختلف ملڪن جي شاگردن لاءِ “خاص داخلا ڪوٽا” رکيل آهي. انهي مطابق پاڪستان جا هر سال 16 شاگرد ۽ آزاد ڪشمير جا 5 شاگرد کنيا وڃن ٿا.
پاڪستان جي معياري مدرسن جي فارغ تحصيل شاگردن کي يونيورسٽي جي هاءِ اسڪول جو امتحان ڏيڻو پوي ٿو. ڪاميابي جي صورت ۾ ڪلية الشريعة يا ڪلية الدعوة و اصول الدين جي پهرئين سال ۾ داخلا ڏني وڃي ٿي.
داخلا جي لاءِ ڄمار جي حد هي آهي ته، يونيورسٽي جي سطح کان هيٺين تعليم جي مرحله متوسطھ لاءِ 18 سال، ۽ مرحلھ ثانويھ لاءِ 20 سال، باقي يونيورسٽي ليول جي تعليم لاءِ 25 سالن کان وڌيڪ ڄمار نه هجي.
قرآن فيڪلٽي (ڪلية القرآن الڪريم) ۾ داخلا وٺندڙ لاءِ ٻين شرطن سان گڏ قرآن شريف جو حافظ مع تجويد هئڻ ضروري آهي. البته ٻين شعبن لاءِ قرآن شريف ناظره مع تجويد لازمي آهي.