مديني ۾ خانگي تعليمي ادارا:
مديني يونيورسٽي بابت معلومات لکڻ وقت، دل ۾ هي خيال آيو ته هتي سرڪاري تعليمي ادارن کان علاوه خانگي تعليمي ادارا ڪهڙا؟ ڪٿي؟ ۽ انهن جو نصاب تعليم ڇا آهي؟ انهي سوال جو جواب تفصيل سان هن ڪري ملي نه سگهيو جو اسانکي مدينه منوره ۾ رهڻ جو وقت بنهه ٿورو ۽ اتي جي اصلي رهاڪن سان ڪا به سڃاڻپ نه هئڻ سبب اهو سوال سوال ئي رهيو. البت ڪن دوستن کان معلوم ڪرڻ تي ٻن ٽن ديني درسگاهن جا نالا معلوم ٿيا جتي قرآن ۽ حديث ۽ فقھ وغيره جي تعليم ڏني وڃي ٿي. جهڙوڪ: مدرسھ محموديھ، مدرسھ شهابيھ، مدرسھ علوم شرعيھ.
مدرسه علوم شرعيھ بابت ڪجهه وڌيڪ معلوم ٿيو ته، اهو مدرسه حضرت شيخ الاسلام سيد حسين احمد مدني جي ڀاءُ حضرت مولانا محمود احمد مدني 1340هه ڌاري اڄ کان 78 سال اڳ قائم ڪيو. مدرسه علوم شرعيھ جي محل وقوع مسجد نبوي جي ڀر ۾ شارع ملڪ عبدالعزيز تي آهي. انهي مدرسه مان هيستائين سوين نه پر هزارين عالم فاضل تيار ٿي سعودي عرب توڙي ٻين اسلامي ملڪن ۾ ديني خدمت سرانجام ڏيئي رهيا آهن. هن مدرسه جو تمام وڏو ڪتبخانو آهي. جتي هر ڪنهن لاءِ مطالعه ۽ علمي استفاده جي سهولت موجود آهي. اهو مدرسه حنفي مسلڪ وارن جو آهي ۽ ان جي نصاب ۾ فقھ حنفي جا ڪتاب شامل آهن جيتوڻيڪ شاگردن جي واقفيت خاطر ٻين مسلڪن جا ڪتاب به درس ۾ شامل آهن. هن مدرسي جي فراغت واري سنَد کي سعودي حڪومت گريجوئيشن جي برابر تسليم ڪيو آهي.
اڄ شام جو مدينه منوره ۾ رهندڙ پاڪستاني پٺاڻن اسان جي دعوت ڪئي هئي. اسان جو گروپ انهي دعوت ۾ شريڪ ٿيو ۽ ٻيا به ڪافي مهمان هئا. دعوت ۾ انتهائي سادگي ۽ بي تڪلفي هئي. کاڌي پيتي کانپوءِ ڪچهري ۾ سعوديھ حڪومت جي ڪارڪردگي ۽ شيخن جي ڪفالت (ضمانت) جي آڌار تي رهي ڪمائيندڙ ۽ ڪاروبار ڪندڙ پاڪستانين بابت ڳالهه ٻولهه ٿي. اسان جي ميزبان پنهنجي پنج ماڙ فليٽ بابت ٻڌايو ته، اهو منهنجي ڪمائي مان ٺهيو آهي ۽ الحمدلله منهنجو هتي مديني ۾ سٺو ڪاروبار آهي، پر اهو سڄو عرب شيخ جي ڪفالت ۽ ضمانت تي آهي. ڪاغذن ۾ هن فليٽ جو مالڪ آئون نه پر عرب شيخ آهي. حالانڪه مونکي هتي مديني ۾ رهندي ۽ ڪمائيندي 50 سال ٿي ويا آهن پر پوءِ به اسان کي نيشنلٽي (سعودي شهريت) نه ٿي ملي. عرب شيخ جيڪي اسان جا ڪفيل آهن تن جي هر فرمائش، انگل آرا برداشت ڪرڻا پون ٿا. ڪفالت جو عيوض / اجرت جيڪي به گهرن ٿا سو کين ساليانه يا ماهوار ڏيڻو پوي ٿو. اسان جي مجبوري هي آهي جو ڪروڙن جي ڪاروبار تان هٿ به ڪيئن کڻون؟ اهي ڳالهيون ٻڌي مون کي عربن جي بي رخي تي بيحد عجب ٿيو. دل ۾ چيم ته شايد اصل عرب جن ۾ ڪهل ۽ رحم هو تن جي وڃڻ تي نقلي عربن ۾ نه رحم رهيو نه ڪي ڪهل. افسوس! رحمت للعالمين ﷺ جي امتين ۾ رحم جي رتي به نه رهي!! حالانڪه پاڻ ڪريمن ﷺ جو فرمان هڪ جاءِ تي هي آهي ته، ڌرتي وارن تي رحم ڪر ته آسمان وارو توتي رحم ڪري. ٻي جاءِ تي ته دڙڪي واري انداز ۾ آهي ته، جيڪو ننڍن تي ڪهل نه ٿو ڪري ۽ وڏن جو ادب نه ٿو ڪري ته اهو اسان مان ناهي.
سعودي حڪومت کان اڳي نيشنلٽي (شهريت) وغيره جون اهي پابنديون ڪو نه هيون. مثال طور جيڪڏهن اسان سعودي حڪومت کان اڳ واري حجازتي نظر وجهنداسون ته انهي ترڪي واري خلافت عثمانيھ جي دور ۾ ڪاجهل پل ڪا نه هئي. نه اچڻ تي اعتراض نه وڃڻ تي بندش. مڃون ٿا ته، وقت جي رفتار ۽ بدلجندڙ حالتن مطابق اهڙا قاعدا قانون ٺاهڻ ۽ انهن تي سختي سان عمل ڪرڻو پوي ٿو پر هتي عربن وٽ ته اجائي سختي آهي. حوالي خاطر هتي ذڪر ڪريون ٿا ته: