زيارت مسجد قبلتين ۽ قبله جي تبديلي:
اڄ اربع جي وچين نماز پڙهڻ بعد دوستن جو مشورو ٿيو ته، هينئر مسجد قبلتين جي زيارت لاءِ هلجي. سو ٽيڪسي ذريعي وڃي اتي پهتاسون. هي مسجد قبلتين، مسجد نبوي کان لڳ ڀڳ 3 ميل پري آهي. مسجد اسلامي تاريخ جي هڪ اهم واقعي يعني قبلي جي تبديلي واري حڪم جي يادگار نشاني آهي انهي حڪم جو حالات ۽ واقعات جي لحاظ کان پس منظر هن طرح آهي ته، حضور اڪرم ﷺجو هي طريقو هوندو هو ته، جن ڳالهين بابت وحي ذريعي ڪو حڪم پهتل نه هوندو هو ته، انهي بابت آڳاٽن نبين جو طريقو اختيار ڪندا هئا. انهي ڪري پاڻ جن ڏينهن ۾ مڪي ۾ هئا ته به بيت المقدس ڏي اهڙي نموني منهن ڪري بيهندا هئا جو ڪعبت الله شريف به سامهون هوندو هئن ته بيت المقدس ڏي به رخ هوندو هو. ڪعبت الله ڏي هن ڪري ته، اهو حضرت آدم کان وٺي سڀني نبين جو قبلو ۽ توحيد جو پهريون مرڪز هئڻ سان گڏ، اتي حج به ادا ڪيو وڃي ٿو. بيت المقدس ڏي هن ڪري ته، حضرت يعقوب، يوسف، حضرت موسيٰٰ وغيره کان وٺي حضرت عيسيٰ عليهم السلام تائين ايندڙ سڀني بني اسرائيلي پيغمبرن جو قبلو رهيو آهي. انهي ڪري پاڻ مڪي شريف ۾ اڪثر ڪري ڪعبت الله وٽ اهڙي هنڌ بيهي نما زپڙهندا هئا جو ڪعبي ڏي به رخ ٿئي ته، بيت المقدس ڏي به مهاڙ هجي.
جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ ۽ اصحاب سڳورا هجرت ڪري مديني پهتا ته کين بيت المقدس ڏي منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ٿيو. تان جو 16_17 مهينا انهي حڪم جي تعميل ۾ گذريا. هن حساب سان ته، پاڻ ڪريم ﷺربيع الاول مهيني جي شروع ۾ هجرت ڪري مديني آيا هئا ته هڪ روايت مطابق هجرت جي ٻئي سال رجب جي 15 تاريخ اڱاري يا سومر ڏينهن، ٻي روايت مطابق ته، پنڌرهن شعبان سن 2 هجري تي ڪعبت الله ڏي منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ٿيو. مديني ۾ بيت المقدس ڏي منهن ڪري نماز پڙهڻ وارن ڏينهن ۾، پاڻ سڳورن کي قبلي جي تبديلي جو ڏاڍو انتظار هو. جنهن جا خاص ڪري ٻه ڪارڻ هئا. هڪ ته، پاڻ ڪريمن ﷺسميت سڀني مهاجر اصحابن جي پرورش ۽ پالنا ڪعبت الله جي سايه ۾ ٿي هئي. جنهن ڪري فطري طرح ڪعبي جي محبت ۽ تعظيم سندن نس نس ۾ سمايل هئي. ٻيو ته، يهودين کي جڏهن الله تعاليٰ دين جي امامت ۽ مذهبي اڳواڻي تان معزول ڪري ڇڏيو هو ته، هي ضروري ٿي پيو ته، دين کي يهودي روايات ۽ طور طريقن کان جد اڪيو وڃي، ته جيئن خدا جو دين هر اعتبار سان پنهنجي خالص شڪل ۾ ظاهر ٿئي. انهي مصلحت خاطر ۽ ڪعبت الله سان دلي محبت سبب پاڻ ڪريم ﷺقبلي جي تبديلي جي انتظار ۾ هئا. پاڻ دلي طرح چاهيائون پئي ته، هاڻي بيت المقدس بجاءِ بيت الله ڏي منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ٿئي. جيڪو نيٺ هجرت جي ٻئي سال نازل ٿيو. جيتوڻيڪ يهودين تمام گهڻو شور ۽ اجايو اعتراض ڪيو. اصحابن ۾ شڪ شبها وڌائون. پر الله تعاليٰ جو حڪم پرندو آهي ٽرندو ڪونهي. سو ساڳي هميشه برقرار رکيو ويو. موجوده مسجد قبلتين جيتوڻيڪ جديد تعمير آهي پر اها هڪ عظيم يادگار آهي. قبلي واري حڪم پهچڻ کان اڳ پاڻ سڳورا بعض اصحابن سميت انهي جاءِ تي رهندڙ انصار صحابه جي هڪ قبيلي بنو سلمھ جي هڪ شخص بشر بن براءِ (انصار صحابي) جي ماءُ بي بي اُم بشر جي عيادت لاءِ هلي آيا هئا ته پاڻ ڪريمن ۽ ساڻن گڏ آيل اصحابن لاءِ کاڌي پيتي جو به انتظام ڪيو ويو. ماني کائڻ بعد ام بشر پاڻ ڪريمن ﷺکان مومن ۽ ڪافرن جي روحن بابت ڪي سوال پڇيا. تان جو اڳين نماز جو وقت ٿي ويو ته اصحابن سڳورن، پاڻ سڳورن جي امامت ۾ بنو سلمھ قبيلھ جي مسجد ۾ ظهر نماز پڙهڻ شروع ڪئي. اڃا ٻه رڪعتون پڙهي ٽين رڪعت جي رڪوع ۾ هئا ته، وچ نماز ۾ وحي آئي جنهن ۾ قبلي جي تبديلي جو حڪم هو ته، پاڻ ڪريم ﷺحڪم ملنديئي منهن ڦيرائي مڪي طرف بيت الله / ڪعبت الله ڏي ڪيو. ظاهر آهي ته، هلندڙ نماز ۾ اها اوچتي تبديلي اصحابن سڳورن لاءِ حيران ڪندڙ ضرور هئي. پر آثارن مان انهن کي به هي اميد هئي ته، اڄ سڀان قبلي جي تبديلي جو حڪم اچڻ وارو آهي ۽ ٻيو ته کين هن ڳالهه جو به يقين هو ته، پيغمبر جو ڪو به فعل ۽ ڪو به قول خدا جي مرضي کان ٻاهر ڪونهي. انهي ڪري اصحاب سڳورا به بنان چون چرا جي پاڻ ڪريمن جي منهن ڦيرائڻ سان ئي مڙي ويا. هن طرح جو جيڪي پويون صفون هيون سي مُڙي اڳيان ٿي ويون ته اڳيون صفون پويان ٿي ويون. رڳو رخ ئي بدلايا ويا جيڪي اصحاب جتي هئا سي اتي ئي بيٺا رهيا. فقط پاڻ ڪريم ﷺاتر طرف کان ڦري ڏکڻ طرف جماعت جي اڳيان اچي بيٺا. جيتوڻيڪ هلندڙ نماز ۾ امام سان گڏ پوري جماعت جي بيهڻ جي جاءِ ۾ مٽا سٽا ٿي پر جيئن ته اهو خدائي حڪم هو تنهنڪري نماز جي صحت تي ڪو به اثر ڪو نه پيو. اسلام ۾ اها واحد مسجد آهي جنهن ۾ ٻه رڪعتون بيت المقدس ڏي، ته باقي ٻه رڪعتون ڪعبت الله ڏي منهن ڪري پڙهيون ويون. انهي ئي سبب ڪري انهي مسجد کي قبلتين (ٻن قبلن واري) سڏيو وڃي ٿو. اها مسجد جنهن جي اڄ زيارت نصيب ٿي سا مسجد نبوي کان 3 ميلن جي فاصلي تي، مديني شهر کان اولهه اتر طرف، موجوده مسجد خمسه کان اولهه طرف اڌ ميل پنڌ تي وادي عقيق جي اوچائي تي، بير رومھ جي ويجهو واقع آهي. حقيقت ۾ بيت المقدس ڏي منهن ڪرڻ جو حڪم ۽ اهو مسلمانن جو قبلو مقرر ٿيڻ ان وقت جي عرب مسلمانن يعني اصحاب سڳورن لاءِ وڏي آزمائش هئي. ڇو ته ان وقت جا قريش مسلمان هجن يا ڪافر سڀني کي ڪعبت الله سان بي انتها محبت ۽ عشق هو. جنهن جو ظاهري وڏو ڪارڻ، سندن ڪعبت الله جو پاڙيسري هجڻ، ان جي خدمت جي ذميداري ۽ متولي هجڻ آهي. ڪعبت الله جي ڪري ئي قريشن جا ويندڙ واپاري قافلا يمن ۽ شام ملڪن تائين محفوظ هئا. ڪو به عرب قبيلو هنن جي قافلن کي ڦرمار جهڙو نقصان پهچائڻ کان ڊڄندو هو ڇو ته هنن جي ذهن ۾ ابن ڏاڏن کان وٺي هي ڳالهه ويٺل هئي ته، قريش کي ڦريندا لٽينداسين ته اسان تي ڪعبي جي پِٽ پوندي. بهرحال اصحابن جي ڪعبي سان بيحد محبت هئڻ سبب الله تعاليٰ آزمائڻ پئي گهريو ته، اصحاب سڳورا، سندن مرضي جي بلڪل خلاف، حڪم جي تعميل ڪن ٿا يا نه؟ پر تجربي ثابت ڪيو ته، اصحابن سڳورن هميشه پنهنجي مرضي کي مد نظر نه رکيو، بلڪه خدا ۽ رسول جي مرضي کي پنهنجي مرضي ۽ خواهش تي ترجيح ڏيئي هر حڪم تي لبيڪ چئي اطاعت ۽ تقويٰ جو پورو پورو ثبوت ڏنو. سو هن بيت المقدس جي قبله هجڻ واري حڪم ۾ به پوري تعميل بجا آندائون. جڏهن انهي آزمائش ۾ پورا لٿا ته پيغمبر ڪريم ﷺ۽ سندن اصحابن جي دلي تمنا مطابق هميشه هميشه لاءِ قبلي طور ڪعبت الله ڏي منهن ڪري نماز پڙهڻ جو حڪم ٿيو. سورت بقره جي آيت 144 ۾ آيل قبلي جي تبديلي واري حڪم جو مفهوم هن طرح آهي ته، اي حبيب عربي! اوهان جون نگاهون گهڙي گهڙي آسمان ڏي کڄن ٿيون. شايد ڪنهن دلي خواهش سبب اهڙي اشتياق سان بار بار ٿا ڏسو. اسان توهان جي منهن مٿي ڪري نهارڻ کي ڏسون پيا. هاڻي توهان جي تمنا پوري ڪجي ٿي. بس جنهن پاسي توهان جو رايو ۽ راضپو آهي انهي طرف کي ئي هميشه لاءِ قبلو مقرر ڪري ٿا ڇڏيون. انهي سان ماڻهن تي هي ڳالهه به پڌري ٿي وڃي ته، رضاءِ رسول ئي رضاءِ خدا آهي. پاڻ ڪريمن جي تابعداري کي ڇڏي خدا جي رضا حاصل نه ٿي ڪري سگهجي. هاڻ توهان پنهنجو منهن مبارڪ مسجد الحرام ڏانهن ڦيرايو اهو حڪم نه رڳو توهان لاءِ بلڪ توهان جي پوري امت جتي به هجي، چاهي بيت المقدس ۾ ئي هجي ته به منهن هن قبلي مسجد الحرام / ڪعبت الله ڏي ڪرڻو آهي.
قبلي ڏي منهن ڪرڻ واري حڪم ۾ بيت الله يا ڪعبت الله جو نالو نه روتو ويو بلڪه مسجد الحرام چئي، امت لاءِ وڌيڪ آساني پيدا ڪئي وئي. ڇو ته ڪعبت الله / بيت الله ته هڪ گهر آهي، جنهن ڏانهن رخ جو صحيح طرف ان وقت ئي ممڪن آهي جڏهن اهو سامهون هجي، پر دنيا جي دور دراز ملڪن لاءِ ته، هڪ وسيع جاءِ هئڻ کپي. انهي ڪري مسجد الحرام (جنهن ۾ ڪعبت الله به شامل آهي) جو نالو ورتو ويو. اهو ڪشادو ايريا ڪعبت الله جي چوڌاري گهيرو ڪيل آهي. ڪنهن پاسي کان 15_16 ميل ته، ڪنهن پاسي کان 7_8 ميلن تائين حرم آهي جيڪو سمورو مسجد الحرام جي حڪم ۾ آهي. بيت الله کي قبلو مقرر ڪرڻ جو هڪ ظاهري سبب هي به آهي ته، اهو پوري دنيا جي وچ ۾ آهي. هر ملڪ جي ماڻهو لاءِ اچڻ جو پنڌ هڪ جيترو ٿيندو. ٻيو ته باطني ۽ روحاني فيض، رب جي خصوصي رحمتن ۽ برڪتن جي بارش به رات ڏينهن ڪعبي تي وسندي رهي ٿي. قبلي جي تبديلي واري حڪم بعد، مديني (مسجد نبوي) ۾ پهرين نماز جيڪا ڪعبت الله ڏي منهن ڪري پڙهي وئي سا وچين نماز هئي. مواصلاتي نظام نه هئڻ سبب اها خبر قبا وارن کي ٻئي ڏينهن پئي، جڏهن انهن فجر جي نماز پئي پڙهي ته پوءِ انهن به ڪعبت الله ڏي منهن ڪيو.
جيئن ته قبلي جي تبديلي کان اڳ مسجد نبوي جو قبله رخ اتر طرف بيت المقدس ڏي هو، سو بدر جي لڙائي (17 رمضان بروز جمعھ سن 2هه) کان ويهه ڏينهن اڳ يعني 26_27 شعبان 2هه ڌاري بند ڪري ڏکڻ طرف مڪي شريف ڏي ڪعبت الله ڏانهن ڪيو ويو.
مسجد قبلتين جي اندر اتر طرف واري انهي محراب واري ونگ يادگار طور موجود آهي جنهن جي مٿان قبلي جي تبديلي واري آيت لکيل آهي. انهي محراب جا فقط نشان قائم رکيا ويا آهن، باقي پورو محراب بند ڪيل آهي. هينئر مسجد جو محراب معمول مطابق ڏکڻ طرف قبله رخ ڪعبت الله ڏي آهي.
مسجد قبلتين جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم هن کان اڳي وقت بوقت ترڪ بادشاهن پئي ڪيو پر سعودي جي دور ۾ هن جي ٻه ڀيرا تعمير ۽ توسيع ٿي چڪي آهي. موجوده تعمير ۽ توسيع شاهه فهد جي دور جي آهي. موجوده عمارت تمام ڪشادي، بلند ۽ هوادار آهي. هن مسجد جا ٻه بلند بالا منارا ۽ 20 فوٽ کان وڌيڪ گولائي وارا ٻه وڏا گنبذ آهن. مسجد جي پکيڙ 3920 چورس ميٽر آهي.
مسجد قبلتين جي زيارت ڪري سانجهي نماز اچي حرم مدني مسجد نبوي ۾ ادا ڪئي سون. اڃا سانجهي نماز جو فرض پڙهي رهيا هئاسون ته، مينهن جي ڦڙ ڦڙ شروع ٿي. آئون روضي جي سامهون وارين ڇٽين هيٺان بيٺو هئس. جڏهن مينهن جو وسڪارو وڌيو ته، ڇٽي مان سنها سنها ڦڙا وسڻ شروع ٿيا. ڏاڍو لطف اچي رهيو هو. ٿڌي هوا ۽ سنهي بوند هيٺ بيٺل، سامهون وري رسول جو روضو ته سڄي کٻي رحمت ئي رحمت هئي. فرض نماز بعد زوردار وسڪارو ٿيو. مسجد جي بلبن ۽ ٽيوب لائٽن تان به مينهن جو پاڻي پئي وهيو ته هيٺ پاڻي ڇر ڪري ڇٽين واري حصي ۾ گلمن غاليچن مٿان وهڻ لڳو. ايتري ۾ صفائي وارا پهچي ويا. جن گلم غاليچا ويڙهي کڻي ورتا ۽ وهندڙ پاڻي صفا ڪيو. اسان اتان کان پوئتي هٽي وڃي سنت ۽ ذڪر اذڪار ۾ مشغول ٿياسون. سمهڻي نماز پڙهي ٻاهر نڪتاسون ته، آسمان بادلن ۾ گهيريو پيو هو. هر طرف ٿڌي هوا، موسم اهڙي ته خوشگوار ڪري ڇڏيو جو پورو مدينو فل ايئرڪنڊيشن پئي محسوس ٿيو. جاءِ ڏي ويندي دوستن کي چيو هئم ته، پنهنجي نمازن جو چاليهو پورو ٿيڻ تي قدرت واري هي برڪت ڀري ٿڌي هير موڪلي نه رڳو پاڻ لاءِ بلڪه باقي رهيل سڀني حاجين لاءِ قبوليت جو نياپو ڏنو آهي.
اها هير به ته بهشتي هوائن جو جهوٽو آهي. سو هتي مديني ۾ اٺ ڏينهن رهندي پڇاڙي ته، بهتر پئي ٿئي شل آخرت به ائين موچاري ٿئي. دل ۾ اها ئي دعا گهرندا جاءِ تي اچي پهتاسون.