عمره جا احڪام:
1) احرام: شرط (ٻاهريون فرض)
2) طواف رمل سان گڏ: رڪن (اندريون فرض)
3) سعي: واجب
4) مٿي جا وار ڪوڙائڻ يا ڪٽائڻ: واجب
نوٽ: ڪن طواف کي رڪن (فرض)، پر رمل کي سنت قرار ڏنو آهي.
حج جي ادا ڪرڻ جا ٽي طريقا آهن جنهن ڪري سڃاڻپ خاطر ادائگي جي انهن ڌار ڌار طريقن سبب، انهن جا نالا به مختلف آهن. اسان ٽنهي طريقن جا احڪام لکي ٿا ڇڏيون. گهڻو ڪري پاڪستاني ۽ هندستاني حج تمتع ڪندا آهن.