مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

حرم ۾ پهرين نماز ۽ جاءِ رهائش:

حرم ۾ پهرين نماز ۽ جاءِ رهائش:
بهرحال هڪ ٻئي جا مٿا ڪوڙي واندا ٿياسون ته، فجر نماز جو وقت ٿي ويو هو هتي جي مسلڪ مطابق فجر نماز سوير پڙهي ويندي آهي. هتي جا اڪثر ماڻهو حنبلي ۽ ڪجهه شافعي مسلڪ جا آهن جيڪي فجر/ پرهه واري ٻانگ کان ٿوري وقفي بعد نماز فجر پڙهن ٿا. نماز کان واندا ٿي سڌا قصر نسيم آياسين جيڪا حرم شريف جي بنهه ويجهو آهي. قصر نسيم هوٽل جي مالڪ حافظ حفيظ الرحمان صاحب نيرن پاڻي جي صلاح هنئي پر اسان چيو ته، اسان کي نيرن نه کپي پر اسان کي سمهڻ لاءِ ڪو ڪمرو ڏسيو. ڇو ته ڏينهن رات مسلسل سفر اسان کي بنهه ٿڪائي ساڻو ڪري ڇڏيو آهي. حافظ صاحب اسان کي پنهنجي هوٽل جي هڪ ڪمري ۾ آرام ڪرڻ جي بهترين جاءِ ۾ موقعو فراهم ڪري پاڻ هليو ويو ته اسان ليٽندي ئي وڃي ننڊ جي ڀاڪر ۾ پياسون. ننڊ اهڙي ته آئي جو مون ته، ٽنگ ٻانهن به نه چوري هوندي. جڳ جو ڪوبه پتو ڪونه هو. ٻنپهرن ڌاري مون کي ننڊ مان زوري اٿاريائون ته اهو ڇنڇر جو ڏينهن اپريل جي 5 تاريخ هئي. قصر نسيم هوٽل جي مالڪ حافظ صاحب جي ڀائيٽي قاسم جي جاءِ لاءِ ڳالهائي طئي ڪيوسون. مهيني جي رهڻ لاءِ مسواڙ سورهن سؤ ريال (تقريباً ساڍا سورهن هزار روپيا پاڪستاني) گاڏي ۾ سامان رکي مسواڙ تي ورتل جاءِ ڏي روانا ٿياسون. مذڪوره جاءِ جَروَل پاڙي (حي جَروَل) ۾ آهي. اسان جي جاءِ جي محل وقوع هن طرح هئي ته، شارع جبل ڪعبه وارو مين روڊ حرم شريف کان اتر اولهه ڪنڊ ڏي گهڻو اڳتي وڃي ٿو ته، واٽ تي ٻه ٽي موڙ اچن ٿا نيٺ ڳچ پنڌ ڪرڻ کانپوءِ هڪ چوڪ اچي ٿو ته انهي چوڪ جي ڀر ۾ اولهه طرف مسجد خيمه آهي ۽ چوڪ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي سعوديه جي پراڻي بلڊنگ آهي، جيڪا اڳي ڪورٽ هئي پر هاڻ انڊيا جي مڪتب 60 وارن حاجين جي رهائش لاءِ مخصوص آهي. اهڙي طرح انهي چوڪ کان ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي هڪ پراڻو کوهه آهي جنهن جو نالو “بيرذي طويٰ” آهي. مذڪوره چوڪ کان ٻه ٽي قدم ڏکڻ طرف روڊ ڏيئي اچبو ته روڊ لڳ هڪ پنچر جو وڏو دڪان آهي انهي ايريا ۾ پنچر جو اهو هڪ ئي دڪان آهي جنهن جي مٿان “بنشر علي” (يعني علي جو پنچر وارو دڪان) لکيل آهي. بس انهي دڪان جي لڳ اتر طرف گهٽي آهي اڳتي هلبو ته اسان واري مسواڙي جاءِ پري کان پڌري نظر ايندي، جنهن جي وڏي سڃاڻپ اها آهي ته پراڻي جاءِ پٿرن جي اوساري سان چار ماڙ بلڊنگ ترڪي دور جي يادگار بنجي پنهنجي پوڙهپڻ جو پئي اعلان ڪندي. جهڙا اسان پاڻ هئاسون اهڙي ئي جاءِ ملي. شاهه جي چوڻ مطابق ته،
جهڙو پنهون پاڻ، تهڙي سٽا ساٿ جي.
پراڻي بلڊنگ جي ٽي ماڙ تي اسان جو ڪمرو ايترو ننڍڙو هو جنهن ۾ اسان چار ڄڻا فقط سمهي سگهياسون ٿي. باقي سامان رکڻ جيتري به وڌيڪ جڳهه نه هئي. انهي ڪري هر ڪنهن پنهنجي سيرانديء سامان رکي ڇڏيو. اها جاءِ سعودي حڪومت وٽ حاجين جي رهائش لاءِ رجسٽر ٿيل نه هئي جيڪڏهن حڪومت کي اهڙو اطلاع ملي ها ته ڪر مالڪ کي سزا ۽ جرمانه لڳائي ها، پر اسان جي حال وٽان اها جاءِ مناسب هئي البت حرم شريف کان 20_25 منٽن جي پيدل هلڻ واري فاصلي تي هئي. باقي جيڪي جايون حڪومت طرفان رجسٽر ٿيل هيون تن جي في ماڻهو جو ڪرايو سورهن سؤ کان ارڙهن سؤريال تائين هو. ايتري وڏي رقم ڀرڻ جي باوجود فقط سمهڻ جيتري جاءِ ملي ٿي. انهي ڪري اسان مطمئن ٿي وياسون ۽ گڏجي رهڻ جي صورت ۾ طئي ڪيوسون ته، ٻوڙ پنهنجو ٺاهبو باقي ماني مسجد خيمه واري چوڪ وٽ دڪان تان يا ان کان ڪجهه اڳيان واري نانوائيء کان وٺي اچبي. اسان جي ساٿين ۾ عبد الغني سومرو بهترين بورچي هو تنهن کي ٻوڙ رڌڻ لاءِ مقرر ڪيو ويو باقي ماني وٺي اچڻ جو ڪم منهنجي ۽جاويد جي حوالي ڪيو ويو. اهڙي طرح رهائش ۽ کاڌي پيتي جو ڪم باقاعده مستقل نمونه سيٽ ٿي ويو. جيئن ته ضروريات زندگي ۾ اهي ٻئي شيون اهم هيون سو خدا جي فضل سان اها اون به لٿي.
مون پنهنجو ٽائيم ٽيبل ٺاهي ڇڏيو جنهن مطابق ماني کائڻ، آرام ڪرڻ، حرم ۾ نماز جي ادائگي لاءِ وقت، حرم ۾ ويهي بيت الله جو ديدار، ذڪر، تلاوت، تسبيح ۽ طواف وغيره ڪرڻ. جيڪا به توفيق ملي پوري ڪوشش ڪندو رهيس. البته ان وچ ۾ ڪن خاص جاين جي زيارت لاءِ به وڃڻ ٿيندو هو پر اتان کان واپس ورڻ لاءِ تمام گهڻو سعيو ڪندو هئس. ڇوته آئون مڪي شريف جون جايون يا بازارون ته ڏسڻ ڪونه ويو هئس انهي ڪري مون وس آهر اجايو وقت نه وڃايو. سڀني ساٿين کان آئون انتهائي مصروف رهندو هئس ڇو جو مون کي پنهنجي مشاهدات ۽ ڏٺل منظرن کي پنهنجي ڊائري ۾ قلمبند به ڪرڻو پيو ٿي. انهي لکڻ لاءِ مون رات جو سمهڻي نماز کان پوءِ وارو هڪ ڪلاڪ مقرر ڪيو. ڏينهن جو مون وٽ اڇا پنا ۽ قلم ساڻ هوندو هو جتي به ڪا اهڙي جاءِ يا ڪو اهڙو ڏسڻ لائق ڏيک يا لکڻ جهڙي ڳالهه هوندي هئي ته، اتي جو اتي ڪاغذ تي نوٽ ڪري ڇڏيندو هئس، پوءِ رات جو ويهي ڊائري تي تفصيل لکي ڇڏيندو هئس. هن سفر نامه ۾ اهي ئي ڳالهيون ذڪر ڪيل آهن جيڪي حج واري موقعي تي مون ڊائريء جي پنن تي لکي ڇڏيون هيون. انهن ۾ ٻيو ڪوبه نئون اضافو ڪيل ناهي هونئن ته گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو پر هتي فقط اهو ئي لکبو جيڪو سفر دوران سامهون نظر آيو.