هر حاجي لاءِ خاص هدايتون:
جڏهن به الله تعاليٰ حج جي سعادت ماڻڻ لاءِ توفيق بخشي ته، روانو ٿيڻ کان پهرين ڪنهن اعتماد ۽ ڀروسي جوڳي ديني عالم کان حج جا ارڪان سکي چڱي طرح سمجهي وٺڻ بهتر آهي. اهڙي عالم وٽ وڃجي جنهن خود به حج ڪيو هجي، ڇو ته، اهو نه رڳو پاڻ احڪام پڙهيو هوندو پر خود عملي تجربو به هوندس ۽ انهي سفر بابت ڪي ضروري ڳالهيون به وٽانئس پڇي وٺجن. ڇو ته حج تي روانو ٿيڻ کانپوءِ سعوديھ ۾ اهڙو ماڻهو ملڻ مشڪل ٿي پوندو. اتفاق سان ڪو ملي ته ٻي ڳالهه آهي. باقي سموري دنيا مان آيل لکين ماڻهن جي رش ۾ ڪنهن کان ۽ ڪٿي وڃي پڇبو؟ سفر لاءِ گهربل سامان جيترو مختصر هجي ته بهتر، اجايو بار ۽ وزن به سفر ۾ تڪليف ۽ پريشاني جو ڪارڻ ٿئي ٿو.
جيڪڏهن حج جي روحاني ۽ مادي فائدن حاصل ڪرڻ جو ارادو هجي ته هيٺين ڳالهين تي عمل ڪرڻ ضروري آهي.
1. نيڪوڪار، اهل علم جي ساٿ ۽ صحبت ۾ رهجي.
2. پنهنجي گروپ واري، پاڙيسري جو ايذاءُ برداشت ڪجي، پر پنهنجي هٿ ۽ زبان سان انهي کي نه ڏکوئجي.
3. هر معاملي ۾ سهڻي روش، ڳالهائڻ ٻولهائڻ، ڏيتي ليتي، اٿي ويٺي وغيره سنجيدگي، وقار ۽ سٺو سلوڪ اختيار ڪجي.
4. ڏندڻ ڏيڻ جي پابندي ڪجي. پنهنجي عزيزن لاءِ زمزم ۽ کجور جو تحفو وٺي وڃجي. ڇو ته انهن ٽنهي شين جي حديثن ۾ تمام وڏي فضيلت آئي آهي.
5. عورتن سان ڪلها گسائڻ کان پاسو ڪجي نه ڪي انهن ڏي ارادي سان نظر ڪجي. اهڙي طرح جيڪڏهن پاڻ سان گڏ ڪا عورت آهي ته، ان کي به هدايت ڪجي ته هلندي ڦرندي مردن کان پاسي رهي.
6. پنهنجي آس پاس طواف ڪندڙ، حجر اسود کي چمندڙ، سعي ڪندڙ، رمي ڪندڙ ماڻهن جي انهي نيڪ عمل کي ڏسي خوش ٿجي، ۽ انهي مان دلي طرح لطف اندوز ٿي سبحان الله، الحمدلله، الله اڪبر جو ورد ڪجي.
7. گار گند، جهيڙي جهڳڙي، ۽ هر قسم جي برائي کان پاسو ڪجي ته جيئن خدا وٽ حج قبول پوي.
8. بد اخلاقي، سگريٽ، ٻيڙي پيئڻ، گهٽ وڌ ڳالهائڻ ۽ ڏاڙهي ڪوڙڻ کان پرهيز ڪجي.
9. سودي سٽ ۽ ڏيتي ليتي ۾ سخاوت جو مظاهرو ڪجي ته جيئن رب جو رحم ۽ سخاوت حاصل ٿئي. پنهنجا اخلاق سڌارجن؛ ۽ ڪنهن به ماڻهو کي ڪا اولي ڳالهه ڏسندي به نه جهڻڪجي. بلڪ پيار ۽ محبت سان سمجهائجي نه ته پنهنجو رستو وٺجي.
10. پنهنجو وقت بازارن، خريد و فروخت، اجاين ڪچهرين ۾ ه وڃائجي. ڇو ته هِتي انهي مقصد لاءِ ڪو نه اچبو آهي.
شال رب سائين اسان سڀني کي ٻنهي حرمن (مڪي ۽ مديني) جي ادب احترام ۽ حج عمره جي آدابن شرطن کي ڪماحقھ ادا ڪرڻ ۽ پنهنجي پاڻ کي سنوارڻ سڌارڻ جي توفيق بخشي. آمين.