مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

مديني ۾ ٻاهرين مسلمانن جو اچي رهڻ:

مديني ۾ ٻاهرين مسلمانن جو اچي رهڻ:
ترڪن جي خلافت عثمانيھ جي دور ۾، مديني منوره ۾ ٻاهرين ماڻهن جي اچي رهڻ تي ڪا به پابندي ڪا نه هئي. انهي ڪري دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مسلمان لڏي اچي مديني منوره ۾ رهڻ لڳا. اهڙي طرح مديني مان لڏي ٻين مسلمان ملڪن ڏي وڃي رهڻ جي به اجازت هئي. شايد اهڙين پابندين جي شروعات پهرين عالمي لڙائي کانپوءِ ٿي آهي. جنهن بعد هر ملڪ پاران اهڙا قاعدا قانون جوڙيا ويا آهن جو هاڻي ڪو به پنهنجي خيال ۽ مرضي سان ڪنهن به ملڪ ۾ وڃي رهڻ لاءِ آزاد ۽ خود خيال، خود مختيار ڪونهي بهرحال عجمي ملڪن مان جيڪي ماڻهو مديني ۾ اچي رهيا تن ۾ سنڌي، هندي، افغاني، بخاري، مصري، شامي، ترڪ، مراڪشي، تڪزوني، آفريقي، حبشي، جاوي، انڊونيشي، ملائي، چيني وغيره قابل ذڪر آهن. انهن سڀني ۾ هندستاني مسلمانن جو انگ وڌيڪ هو. انهن هندستانين ۾ ڪي مشهور خاندان به هئا جهڙوڪ: مجددي خاندان جو وڏو ۽ سربراهه مشهور بزرگ شيخ محمد معصوم هو. اهو خاندان رامپور (انڊيا) مان لڏي آيو هو. بخارا ۽ وچ ايشيا جي علائقن جا مسلمان هن خاندان جا عقيدتمند هئا. اهڙي طرح فيض آباد (انڊيا مان لڏي آيل سيد خاندان جو سربراهه مولانا سيد حبيب الله شاهه هو. جيڪو پاڻ به بزرگ عالم باعمل ته، ساڻس گڏ لڏي آيل سڀئي فرزند به وڏا عالم ۽ پرهيزگار هئا. اصل ۾ اهو خاندان مديني منوره جو ئي رهاڪو هو. جيڪو ٽين صدي هجري ڌاري مديني شريف مان نڪري چار پنج سو سال جي عارضي سفر کان پوءِ ترمذ، لاهور کان ٿيندو اچي ٽانڊه (انڊيا) ضلع فيض آباد ۾ رهائش پذير ٿيو هو پر 1316هه مطابق 1918ع ۾ تقريباً هڪ هزار سال کانپوءِ وري پنهنجي موروثي وطن مديني ڏانهن لڏي وڃي رهيو. سيد حبيب الله شاهه سان گڏجي آيل پٽن جهڙوڪ: مولانا سيد صديق احمد، سيد احمد، شيخ الاسلام حضرت مولانا سيد حسين احمد مدني (منهنجي استاد حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري جو استاد ۽ مرشد) سيد محمود احمد شاهه وغيره مان مولانا سيد حسين احمد مدني ته دنيا جو مڃيل عالم باعمل، جمعيت علماءِ هند جي حوالي سان سندن قيادت کي بين الاقوامي شهرت ۽ عزت حاصل آهي. شيخ الهند محمود حسن جي وفات کان پوءِ کيس شيخ الهند جو اتفاق راءِ سان جانشين مقرر ڪيو ويو، سيد حبيب الله شاهه انهن ڏينهن مديني جي مسجد اجابت ۾ قرآن جي تفسير، فقھ، عقائد بابت درس ۽ وعظ تقريرون ڪندو هو. ڪجهه وقت پوءِ سيد حبيب الله جي فرزند سيد محمود احمد مدني مسجد نبوي جي ويجهو هڪ ديني درسگاهه مدرسه علوم شرعيھ جو بنياد رکيو. جنهن بابت مٿي مختصر ذڪر ٿي گذريو. اهو مدرسو مني صدي کان به مٿي گذرڻ باوجود ڏينهون ڏينهن ترقي ڪري رهيو آهي. انهي ئي مدرسي ۾ شيخ الحديث محمد زڪريا سهارنپوري جي زندگي جا آخري ڏينهن گذريا. سيد حبيب الله جو ٽيون نمبر ۽ سڀني کان وڌيڪ پيارو پٽ شيخ الاسلام حضرت مولانا سيد حسين احمد مدني پنهنجي پيء سان گڏ ته مديني ۾ اچي رهيو پر وري ڪن سببن ڪري هندستان موٽي ويو ۽ پوءِ وقفه بوقفه سندس مديني ۾ اچڻ ۽ رهڻ ٿيو. مديني ۾ پاڻ جيترو وقت به رهيا سو ديني تعليم خاص ڪري حضور جي قدمن ۾ رهي حديث جو درس ڏيندي گذاريائون. مديني ۾ سندس رهڻ جو عرصو 1317هه کان 1335هه تائين رهيو. جيڪو ڪڏهن ست سال، ڪڏهن چار سال، ڪڏهن ٻه يا ٽي سال، اهڙي طرح پاڻ حضور صلي الله عليھ و آلھ وسلم جي قدمن ۾ رهي پنڌرهن سال مسجد نبوي ۾ درس حديث ڏيندا رهيا پر پوءِ به نه وڏائو نه هٺ، ايتري عاجزي ۽ ڪسر نفسي جو انهي جو مثال نه ٿو ملي. الحمدلله علمي فيض حاصل ڪرڻ جي لحاظ کان، روحاني ذڪر ۽ دين جي صحيح فڪر جي نسبت سان انهن ئي ڀلارن شيخ الاسلام حضرت سيد حسين احمد مدني ۽ شيخ الهند محمود حسن سان اسان جو به تعلق آهي. انهن بزرگن جي واسطي سان اسان جو روحاني رشتو مديني ۽ مديني جي مير ﷺ سان ڳنڍيل آهي. شال انهي نسبت جيڪري مون گنهگار جي آخرت موچاري ٿئي ۽ يوسف عليھ السلام واري دعا ”الحقني بالصالحين“ اسان پاران قبول پوي. آمين ثم آمين.
سيد حبيب الله ۽ سيد محمود احمد مدني جي هڪ مشهور لائبريري به آهي جيڪا مسجد نبوي کان اولهه ڏکڻ ڪنڊ طرف العنبريھ نالي علائقي ۾ واقع آهي.