قديم ۽ جديد مديني جو جائزو:
مديني جو آڳاٽو نالو يثرب هو، جيڪو حضرت نوح عليھ السلام جي پٽ سام جي نسل مان هڪ شخص هو، جنهن طوفان نوح کانپوءِ انهي سر زمين تي رهائش اختيار ڪئي ۽ سندس نسل به اتي ئي وڌيو ويجهيو. ٻي روايت مطابق ته، اهو ڪنهن ڪافر جو نالو هو، جنهن سان اهو علائقو مشهور ٿيو. يثرب لفظ، ثرب مان ورتل آهي. معنيٰ اٿس گرفتاري يا عذاب. شايد انهي ڪري پاڻ ڪريمن ﷺ هجرت کان پوءِ هتي رهڻ بعد اعلان فرمايو ته، اڄ کان پوءِ هن شهر کي ڪو به يثرب نه سڏي. بلڪه هن کي مدينة النبي (نبي جو شهر) سڏيو وڃي. غلط مفهوم واري نالي جي نحوست به اثر انداز ٿئي ٿي. جنهنڪري پاڻ ڪريمن ﷺ نه رڳو يثرب جو نالو ڦيرائي مدينو رکيو، پر ڪيترن اصحابن ۽ اصحابياڻين جا جاهلاڻا نالا بدلائي سٺي ۽ سهڻي مطلب وارا اسلامي نالا رکيا هئا.
مديني منوره ۾ سڀ کان اول رهڻ وارا جن هتي مهذب نمونه گهر ٺاهيا، باغ باغيچا، پوکون آباديون ڪيون سي عمالقه آڳاٽا عرب هئا. باقي پوئين دور جي عربن جي مديني ۾ آمد، عيسوي سن کان تقريباً ٻه صديون اڳي ۽ اسلام کان ست صديون اڳي ٿي. عربن جي هتي لڏي اچڻ جو اتفاق هي ٿيو جو يمن ملڪ طرف بارش جي پاڻي ذخيره ڪرڻ لاءِ ٺاهيل مآرب نالي بند (ڊيم) ڪنهن خطرناڪ ٻوڏ ۽ طوفان سبب ڀڄي ٽٽي پيو ته، يمن ۽ آسپاس جو سمورو آبپاشي نظام درهم برهم ٿي ويو. جنهن ڪري ماڻهن توڙي زراعت لاءِ پاڻي جي سخت کوٽ ٿي ته، ڏڪاريل عربن اتان لڏ پلاڻ شروع ڪئي. انهي ڪري يمن جا ٻه مشهور قبيلا اوس ۽ خزرج لڏي اچي هميشه لاءِ مديني ۾ رهيا. يهودي، مديني ۾ موجوده عربن کان اڳي اچي رهيا هئا جيئن هڪ تاريخي روايت آهي ته بني اسرائيلن (يهودين) حجاز تي حملو ڪري عمالقه کان اهو علائقو کسي روتو.
اهڙي طرح يهودي، عمالقه کانپوءِ مديني ۾ اچي رهيا. جڏهن ته يهودين جي ٻي وڏي کيپ ان وقت مديني ۾ اچي رهڻ لڳي جڏهن پهرين صدي عيسوي ڌاري يهودين، شام جي عيسائين هٿان لڙائي ۾ بري شڪست کاڌي. وڏي جاني مالي نقصان ٿيڻ بعد هارايل يهودي دربدر ٿي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙي پناهه وٺڻ لڳا پر انهن جي عالمن مديني (يثرب) جو رخ رکيو. ڇو ته، انهن پنهنجي مذهبي ڪتاب توريت ۾ نبي آخر الزمان ﷺجي مديني ۾ اچي رهڻ ۽ اتي ئي سندن آخري آرامگاهه ٿيڻ بابت پڙهيو هو. هنن يهودي عالمن سوچيو ته، انهي آخري پيغمبر ﷺ جي مدد سان عيسائين هٿان هارايل جنگ وري کٽي وٺنداسون، کين پڪ هئي ته، اهو آخري پيغمبر سندن ئي نسل مان ٿيندو ڇو ته، نبوت جو سلسلو حضرت اسحاق جي پٽ حضرت يعقوب (اسرائيل) عليھ السلام جي نسل مان رهيو آهي. اهي ڳالهيون ڳڻي يهودين جو عالم طبقو ۽ سندن حمايتي مديني ۾ اچي رهيا. هجرت جي زماني 622ع ڌاري مديني ۽ اتي جي رهاڪن جو تعارفي جائزو هن ريت آهي ته، يهودي واپاري ۽ ڪاروباري ماڻهو هئا سو 6 7 صديون مديني ۾ رهڻ بعد اتي جي اڇي ڪاري جا مالڪ بنجي ويا. آسپاس جون جاگيرون ۽ شهر جو ڪاروبار سندن ڪنٽرول ۾ هو. باقي عرب گهڻو ڪري شيل شڪار، اٺن ۽ گهوڙن جا ميل، پهلواني جا مظاهرا شراب ڪباب، ڳائڻ وڄائڻ جا شوقين هئا. گذر سفر لاءِ گهڻو ڪري ٻني ٻارو ڪندا هئا.
عربن جي طبيعت ۾ ضد، هوڏ، قومي فخر، ڳالهه ڳالهه تان جهيڙو، جي ڪا لڙائي ٿي پئي ته اها ويڙهه ۽ مارا ماري صدين تائين نسل در نسل پئي هلندي هئي. عرب اڪثر ڪري يهودي سياست ۽ سازش جو شڪار ٿي پاڻ ۾ وڙهندا رهندا هئا. يهودين جو سمورو ڪاروبار وياج تي هلندو هو، جيڪو عربن کان ئي وصول ٿيندو هو. ڇو ته، جڏهن عرب قبيلا يهودي سازش سبب پاڻ ۾ وڙهندا هئا ته، کين وڙهڻ لاءِ هٿيارن ۽ جنگي سامان جي ضرورت پوندي هئي ته، کاڌي خوراڪ لاءِ اناج ۽ کاڌي پيتي جي سيڌي سامان جي به گهرج ٿيندي هئي. پوءِ يهودي عربن جون ملڪيتون، زمينون، باغ، وغيره گروي رکي وياج تي ضرورت جو سامان ۽ پيسا وغيره ڏيندا هئا. اهڙي طرح يهودي، عربن کي سدائين لاءِ پنهنجو معاشي محتاج بنائي زيردست ڪريو ويٺا هئا. “ويڙهايو حڪومت ڪريو” وارو فارمولا يهودين وٽان ئي شروع ٿيو آهي. ڪوڙ، ٺڳي، دوکو، غلط پروپيگنڊا، ساڙ ۽ سازش ته يهودين جي اباڻي پر هئي، جنهن تي هو پوري طرح پابند هئا.
جيتوڻيڪ يهودي وڏا مالدار ۽ جاگيردار هئا، هنن چاهيو پئي ته، مديني ۾ پنهنجي مستقل رياست قائم ڪريون، پر چوڌاري عرب سردارن، عرب قبيلن ۽ خود مديني شهر ۾ عرب باشندن جيڪري ائين نه ٿي ڪري سگهيا. معاشي يا اقتصادي وسيلن، ذريعن ۽ حالتن تي پوري دسترس هوندي به سياسي ۽ سماجي طرح يهودي نه ته مقبول عام هئا نه ڪي مضبوط، بلڪه عرب قبيلن جي ڦر مار کان بچڻ لاءِ عرب سردارن کي ساليانه ٽيڪس ڀريندا هئا ۽ اهي سردار ٽيڪس ڏيندڙ يهودين جي جان ۽ مال جا محافظ هئا.
يهودي صدين تائين پنهنجي قومي ثقافت ۽ مذهبي روايتن کي قائم رکندا آيا. هنن پاڻ کي عرب قوميت ۾ ضم ڪري عربي ثقافت اختيار نه ڪئي. مديني ۾ رهندي به مدني نه ٿيا بلڪ اها ئي اباڻي پر ۽ قومي ڪلچر، ضرورت خاطر عربي ٻولي به ڳالهائيندا هئا پر پنهنجي اباڻي ٻولي عبراني کي ساهه سان سانڍيو آيا. مديني کي هنن پنهنجي اباڻي ڌرتي ۽ قومي وطن طور تسليم نه ڪيو. ڄمڻ مرڻ، رهڻ ڪهڻ، کائڻ پيئڻ مديني جي ڌرتي تي هئن پر واکاڻيندا وري فلسطين کي پيا هئا. مديني جي سرزمين ۽ اتي جي اصلي رهاڪن ته، هنن بي گهر ڏتڙيل يهودين کي پناهه ڏني هئي. اتي جي ڌرتي ۽ ڌرتي جي رهاڪن عربن سان سندن ڌنڌا ڪاروبار ۽ آمدني وابسته هئي. انهي ئي ڌرتي جي اپت، هنن جو روزگار هئي. يهودين کي ته انهي ملڪ ۽ اتي جي رهواسين جو قدر ڪرڻ کپي ها پر اهي يهودي عربن جا ٿورا هن طرح لاهيندا هئا جو انهن سادن سودن عربن کي سازشون ڪري پاڻ ۾ ويڙهائي ڇڏيندا هئا. عربن جي ٻن وڏن قبيلن اوس ۽ خزرج کي ته، هنن يهودين ڪڏهن به ٺهڻ نه ڏنو. ڇو ته هنن کي پڪ هئي ته، جيڪڏهن عرب پاڻ ۾ متفق ٿي ويا اته پوءِ سندن خير ڪونهي نه سياسي بالادستي رهندي نه ڪي معاشي ۽ اقتصادي طرح کين برتري حاصل هوندي. شايد اڄ ڪلهه پوري دنيا تي انهن ئي يهودين جي ديرينه سياست ڪارفرما آهي جو مسلمانن سان به اهو ئي حشر آهي جيڪو آڳاٽن عربن سان مديني ۾ رهڻ وارن يهودين ڪيو هو.
هي حقيقت آهي ته، يهودين جي سازش ايڏي ته خطرناڪ ۽ اونهي آهي جو هڪ ڀيري جمال ناصر چيو هو ته، جيڪڏهن سمنڊ ۾ ٻه مڇيون وڙهندي ڏسو ته، سمجهو ته اتي به يهودي سازش ڪم ڪري رهي آهي.
مديني ۾ ان وقت سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ڪو به سکيا گهر ڪو نه هو جتي اتي جي باشندن جي تعليم تربيت ٿئي ۽ اخلاقي اصلاح ٿئي. البت يهودين جي مذهبي تعليم لاءِ ڪي خاص درسگاهه ”مدراس“ نالي سان هئا. جن ۾ يهودين کانسواءِ عربن جي اولاد کي داخلا نه ٿي ملي. فقط يهودي عالمن جي اولاد کي انهن درسگاهن ۾ پڙهايو ويندو. يهودين کان عرب اڪثريت ۾ هئا.
مديني جي عرب آبادي گهڻن معاملن ۾ قريش مڪي جي پوئلڳ هئي. مڪي وارن قريشن کي ڪعبي جو متولي، مذهبي اڳواڻ، عقيده توڙي عمل ۾ پوئلڳي جي لائق سمجهندا هئا. اهڙي طرح مديني جي عرب اوس ۽ خزرج قبيلي کي، قريش مڪھ نج نبار (شريف) سمجهندا هئا. انهي ڪري ساڻن سڱابندي به ڪندا هئا. جيئن قريشن جي سردار هاشم بن عبد مناف (پاڻ سڳورن جي پڙ ڏاڏي) مديني جي خزرج قبيلي جي هڪ پاڙي بني عدي بن نجار مان سلميٰ ڌي عمرو جو سڱ وٺي شادي ڪئي هئي. جنهن مان کيس پاڻ سڳورن جو ڏاڏو عبدالمطلب ۽ ان جي ڀيڻ رقيه ڄاوا هئا.
مڪي شريف وانگر مديني ۾ به ڪو قاعدو قانون، حڪومت وغيره ڪا نه هئي. فقط سرداري قبائلي نظام هو. شهر جو ڪاروهنوار، ماڻهن جا سماجي مسئلا، جهيڙن جهٽن جا فيصلا، سردارن جي رحم ڪرم تي هئا. اڳي ڪا حڪومت رهي هجي ته ممڪن آهي باقي پاڻ ڪريمن جي نبوت وقت نه مڪي ۾ حڪومت هئي نه ڪي مديني ۾. شايد رب کي ائين ڪرڻ سان دنيا کي هي ٻڌائڻو هو ته، هتي حڪومت ۽ نظام فقط حضور اڪرم صلي الله عليھ و آلھ وسلم جو هلندو ۽ رهندو. تنهنڪري انهن ٻنهي شهرن کي رب طرفان بنان حاڪم ۽ حڪومت جي رکيو ويو. واقعي به حضور اڪرم ﷺ مديني ۾ اچي هڪ باقاعده اسلامي رياست جو بنياد رکيو جنهن جو عملي طرح نفاذ خلافت راشده ۾ ٿيو. ڇو ته پان ڪريمن ﷺ جي وقت ۾ هرکاتي ۽ محڪمي جي باقاعده تشڪيل ڪو نه ڏني وئي هئي. بلڪه هڪ راڄوڻي نظام هو پر انهي نبوي دور جي اسلامي اصولن تحت حضرت عمر جي دور ۾ ته هر کاتو، ان جا ملازم، دفتر، پگهار، ڊيوٽيون، مقرريون ۽ بدليون وغيره هڪ طئي ٿيل قانون مطابق جاري ڪيون ويون.
مديني جو علائقو مڪي جي ڀيٽ ۾ زراعتي ۽ ٻني ٻاري جي لائق هو. جيتوڻيڪ زرخيزي جي باوجود غذائي پيداوار جي لحاظ کان خود ڪفيل نه هو. غذائي کوٽ سبب شام ۽ ٻين علائقن مان کاڌي پيتي جون شيون گهرايون وينديون هيون. مديني جي زرعي جنسن جي پيداوار ۾ مختلف اناج، ڀاڄيون ۽ کجور شامل هئي. هتي پاڻي جو نظام نهري نه هو بلڪ کوهن تي هُرلا يا نار چاڙهي فصلن ۽ باغن کي آباد ڪيو ويندو هو. حضور ﷺ جي نبوت واري زماني ۾ مدينو ڪافي ترقي ڪري چڪو هو. ان وقت به شهر ۾ ڪافي بازارون هيون. جن ۾ هڪ بازار خاص سون ۽ چاندي جي هئي، جنهن تي يهودين جو قبضو هو. ڪپڙي جي خاص بازار ۾ سوٽي، اوني ڪپڙي کان سواءِ رنگين غاليچا، گل ٻوٽن وارا پردا عام طرح موجود هئا. عطر ۽ مشڪ جي بزار الڳ هئي. ڏيتي ليتي ۽ سودي سٽ ۾ گهڻن ئي قسمن جي واپار جا طريقا هلنڙ هئا، جن مان بعض طريقن کي اسلام برقرار رکيو ته بعض بلڪل ختم ڪيا ويا، خاص ڪري اهي طريقا جن ۾ دوکو، ٺڳي، جوا، اڻ ڏٺي جا اڪا سودا، ماپ تور ۾ کوٽ ۽ وياجي ڪاروبار وغيره شامل هئا.
عورتن ۾ چرخو چورڻ، سٽ ڪتي ڌاڳا ٺاهڻ، ڪپڙو اڻڻ، سلائي ڪرڻ، ڪپڙو رڱڻ جهڙا ڌنڌا عام جام هئا.
شهر ۾ رازڪي، لوهارڪي، واڍڪي ۽ درزڪي ڌنڌي به ڪافي ترقي ڪئي هئي. مدينو منوره پاڻ ڪريمن ﷺ جي زماني ۾ تهذيب ۽ تمدن جي دور ۾ داخل ٿي چڪو هو. ڪافي هنڌن تي ٻه ٻه ماڙ گهر به ٺهڻ لڳا هئا. ڪچي سر عام جام ٺاهي پئي وئي. استعمال جي ٿانوَن ۾ شيشي، پٿر جا پيالا، ويهڻ لاءِ ڪرسيون، کٽون، پلنگ (تختا) ته وري مختلف قسمن جا زيوَر ڪنگڻ، بازو بند، ڪڙيون، هسلي، واليون، منڊيون، سونا هار، موتين جا هار استعمال ٿي رهيا هئا.
مدينو شهر ايراضي جي لحاظ کان، مڪي کان ننڍو هو پر اتي جي رهاڪن جي گهڻ قوميت ۽ مذهبن جي ڪثرت سبب مڪي شريف مان هجرت ڪري آيل مسلمانن لاءِ هڪ پيچيده معاشرو هو. ڇو ته مسلمانن جي مقابلي ۾ مڪي شريف جا رهاڪو هڪ ئي قوميت وارا قريش ۽ هڪ ئي مذهب ڪفر ۽ بت پرستي وارو هو. پر هتي مديني ۾ مسلمانن جي اچڻ سان مذهبي لحاظ کان مختلف جماعتون سامهون آيون. جهڙوڪ: يهودي، عيسائي، عرب بت پرست.
اڳي مسلمان فقط بت پرست ڪافرن سان منهن ڏيو بيٺا هئا پر هاڻي ته اسلام جي دعوتي ڪم ۾ يهودي عيسائي به بت پرستن سان گڏجي اسلام جو مقابلو ڪرڻ لڳا. پر مسلمانن لاءِ اڃا به وڌيڪ ڏکي صورتحال ان وقت سامهون آئي جڏهن مسلمانن ۾ اهڙو ٽولو شامل ٿيو جيڪو منهن ۾ ته موسيٰ جهڙو هو، پر اندر ۾ ابليس کان وڌيڪ خطرناڪ هو. اهو ٽولو منافقن جو هو جنهن ظاهري طرح ڪلمو پڙهي پاڻ کي مسلمان ته ڏيکاريو پر اندر ۾ اهو ئي ڪفر ۽ اسلام خلاف سازش ۽ ڪٽر دشمني ڀريل هئي. انهن منافقن جي ٽولي جا ماڻهو اڪثر ڪري يهودي ۽ عيسائي هئا. انهي ٽولي ۾ عرب بنهه ٿورا هئا ڇو ته عرب گهڻو ڪري ڪٻٽي پاليسي وارا نه هئا. اهي يڪ سخنا ماڻهو هڪ ئي ڳالهه تي ڄمي بيهڻ وارا هئا يا ته ڪفر تي هئا يا اسلام سان گڏ. اهو فريب ٻيائي دوکو يهودين وٽ هو. انهي ڪري پيغمبر ڪريم ﷺ جي مديني ۾ اچڻ ۽ رهڻ سان اسلام، مسلمانن ۽ خود حضور ﷺ کي سندن ڪم ۾ وڌيڪ ڏکيائون پيش آيون.
پر الله تعاليٰ جي مدد، فتح ۽ نصرت سبب مديني منوره ۽ ان جي آسپاس اسلام ڏينهون ڏينهن وڌندو رهيو ۽ يهودي سازشون توڙي ڪافرن جون هٿياربند ڪاهون، چڙهايون ۽ لڙايون ناڪام ٿينديون رهيون. مديني جي رهاڪن عرب قبيلن اوس ۽ خزرج ته حضور ﷺ جي مديني ۾ اچڻ کان به اڳ اسلام قبول ڪرڻ شروع ڪيو هو. انهن مان ئي مسلمان ٿيندڙ ڪن بااثر هستين جي دعوت تي ۽ خدا جي حڪم مطابق جڏهن پاڻ ﷺ مديني ۾ لڏي اچي رهيا ته، تقريباً انهن ٻنهي قبيلن اوس ۽ خزرج جي ماڻهن مان سڀئي اسلام آڻي چڪا هئا ته پاڻ ڪريم ﷺ انهن ٻنهي قبيلن جون پراڻيون دشمنيون ختم ڪرائي منجهن مواخات (ڀائپي) پيدا ڪري ڇڏي. جنهن ڪري اهي هميشه لاءِ پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ويا ته وري اسلام ۽ مسلمانن جا بهترين مددگار ثابت ٿيا. انهن ئي ڀلارن کي قرآن شريف انصار (مددگار) سڏيو آهي. پاڻ ڪريمن جي ڏهه ساله مدني زندگي اڪثر ڪري عرب ڪافرن ۽ يهودين منافقن سان دفاعي لڙاين ۾ گذري. جڏهن 8 هجري ۾ پاڻ ڪريمن ﷺ هٿان مڪو شريف فتح ٿيو ته، ڪفر جو نالو نشان ميٽجڻ لڳو. عرب ڪافر يا ته لڙاين ۾ مارجي ويا يا ته مسلمان ٿي ويا، يا ته مڪو ۽ مدينو ڇڏي ٻين ملڪن ڏي ڀڄي ويا. باقي يهودين کي سندن اسلام دشمني، سازش سرگرمين ۽ منافقانه ڪردار سبب نه رڳو مديني مان پر خيبر جي علائقي مان به نيڪالي ڏيئي عرب ملڪ خاص ڪري مڪي ۽ مديني کي پاڪ ڪيو ويو،پر افسوس! ته اهي ئي يهودي ۽ عيسائي سعودي بادشاهت جي نه رڳو سهاري بلڪه ان جا چوڪيدار بنجي عربن جي علائقي ۾ وري اچي خيمه زن ٿيا آهن.
حضور اڪرم ﷺ جي مديني ۾ اچڻ ۽ اتي اسلامي رياست جي بنياد وجهڻ کان پوءِ مدينو، مدينو ٿيو، نه ته اڳي يثرب پيو سڏبو هو. مدينو منوره اسلامي تاريخ جو عيني شاهد آهي. تقدير واري مديني جي ماڳ جا ڀاڳ ڀلا ڪيا جو هن ڀلاري ڀون کي اسلام جي بين الاقوامي دعوت ۽ آفاقي پيغام جو مرڪز ۽ دنيا ۾ پهرئين اسلامي سماج جو مثالي تربيت گاهه بنايائين. هتان ئي اسلام جي ترقي ۽ نشر و اشاعت ٿي. هتان ئي اصحابن سڳورن جي جهاد في سبيل الله سبب دنيا تائين اسلام کي وڌڻ ويجهڻ ۽ پکڙڻ جو موقعو مليو.
الله تعاليٰ هن ئي پاڪ ڌرتي تي اسلام جي جملي احڪامات جي نزول سان گڏ، اڌ قران شريف پيغمبر ڪريم ﷺ تي نازل فرمائي هن ڌرتي کي وحي جي منزلگاهه بنجڻ جو شرف بخشيو. مديني ۾ ئي قرآن شريف جي سورتن ۽ آيتن کي سهيڙڻ، ترتيب و تدوين، ڪتابي صورت ۾ قرآن شريف جو نسخو لکي تيار ڪرڻ جو ڪم تڪميل تي پهتو ۽ پوءِ باقي دنيا ڏي انهي ئي نسخي جا نقل پوري ديانتداري سان لکي روانا ڪيا ويا.
ڀلا هن کان وڌيڪ ٻيا نصيب ڪهڙا جو الله تعاليٰ هن موچاري ماڳ کي آخري پيغمبر ﷺ جو دارالهجره ۽ آخري آرامگاهه بنائي، هن جو مُلهه عرش کان به مٿي ڪري ڇڏيو.
مديني خيرالقرون جو دور به ڏٺو ته، انهي عرصي ۾ خلافت صديقي، خلافت فاروقي، خلافت عثماني ۽ ڪجهه ڏينهن خلافت مرتضوي جو سونهري دور به ڏٺو.
خلافت راشده جو اسلامي شورائي نظام به هتان ئي متعارف ٿيو. اڄ به مديني جون فضائون، اسلامي مساوات، رواداري، انساني همدردي، نيڪي جي حڪم ۽ برائي کان روڪ، عدل و انصاف ۽ بنان مت ڀيد خدمت خلق جي خوشبو سان واسيل آهي. شايد انهي ئي برڪت سان انسانيت جي احترام، همدردي، رحم ڪرم ۽ نرم مزاجي جهڙا اعليٰ اخلاق هتي جي رهاڪن ۾ ملن ٿا.
مدينو انهن سڀني معرڪن جو رڪارڊ محفوظ رکي ٿو جيڪي اسلام جي فداڪار اصحابن سڳورن ۽ اسلام دشمن ڪافرن وچ ۾ ٿيا هئا. پوءِ اهي معرڪا چاهي اُحد جي ميدان ۾ ٿيا هجن يا بدر جي کوهه وٽ. حُنين جي ماٿري ۾ ٿيا هجن يا خندق جي موقعي تي.
اسان جي قلمي تحرير انهن بي مثال سونهري ڪارنامن کي پنهنجي محدود صفحن ۾ سمائي پوري جو پورو رڪارڊ محفوظ نه ٿي ڪري سگهي. البت مديني جي فضا انساني تاريخ جي انهن سونهري ڪارنامن ۽ انقلابي معرڪن جي پوري عڪس بندي ڪري رڪارڊ محفوظ ڪري ڇڏيو آهي، ته وري مديني جي ڌرتي جهاد في سبيل الله ۾ وهندڙ شهيدن جي ڳاڙهي رت ۽ سندن پاڪ جسم جي وار وار کي ۽ انهن مجاهدن جي تلوارن سان ڪٽجندڙ ڪافرن جي پليت جسم کي به محفوظ ڪري ورتو آهي، جيڪي آخرت ۾ الله جي عدالت آڏو پيش ڪيا ويندا.
حقيقت ۾ انهن سڀني ڪارنامن جي معيار ۽ مرتبي جو صحيح اندازو ان وقت ئي ڪري سگهبو.
باقي اسان واريون اڌوريون تحريرون انهن ڪارنامن کي صحيح ۽ سالم رڪارڊ طور سهيڙي نه ٿيون سگهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته، رسمي طرح ڪتابي حوالي طور ڪي ڳالهيون پيش ڪري سگهجن ٿيون.
حضور اڪرم ﷺ مديني کي حرم جو درجو ڏنو ۽ هن حرم مدني جي حد چوڌاري 4 4 فرلانگ مقرر ٿي، هڪ فرلانگ 4 ڪلوميٽر جو.
اهڙي ريت چئن ئي طرفن مان هر هڪ طرف 16 ڪلوميٽر تائين حرم مدني جي حد رکي وئي. حرم جو مطلب ته، احترام واري جاءِ، جتي هر جاندار جو رت وهائڻ، قتل ڪرڻ منع هجي. انهي ڪري مديني منوره احترام ۽ ادب جي لحاظ کان، مڪي شريف کان گهٽ ڪونهي. هتي مسجد نبوي ٻيو حرم (يعني حرم مدني) آهي جنهن جو تقدس حرم مڪي جهڙو آهي. مديني منوره جي حديثن ۾ ڪافي فضيلت آئي آهي پاڻ سڳورن مختلف وقتن تي مديني جا ڪيترائي نالا ٻڌايا آهن جن جو تعداد به 95 کي پهچي ٿو. انهن گهڻن نالن مان مديني منوره جي شان جو پتو پوي ٿو.
مدينھ منوره مسلمانن لاءِ هڪ اهم روحاني مرڪز آهي جنهن جي زيارت جي سڪ ۽ سڌ هر مسلمان جي ايمان جو حصو آهي. شايد انهن ئي فضيلتن سبب اسان جا وڏا، اڪابر ۽ اولياء مديني ۾ مرڻ ۽ اتي جي پاڪ مٽي ۾ دفن ٿيڻ کي پاڻ لاءِ عظيم سعادت سمجهندا آيا آهن. شال رب سائين اسان جو خاتمو ايمان تي ڪري ۽ مديني جي مٽي نصيب فرمائي. آمين ثم آمين.
پاڻ ڪريمن ﷺ کانپوءِ واري مديني جي سياسي سماجي، اقتصادي ۽ معاشي تاريخ مٿي اختصار سان بيان ڪرڻ بعد هاڻي موجوده سعودي حڪومت واري دور ۾، مديني تي هڪ نظر وجهنداسون.
1344هه کان اڳ يعني سعودي بادشاهه عبدلعزيز جي مديني تي قبضي کان اڳ، مديني منوره صوبه حجاز ۾ شامل هو ۽ خلافت عثمانيھ ترڪي جي ماتحت شريف مڪي جي ڪنٽرول ۾ هوندو هو. انهي دور ۾ موجوده جديد ترقي ڪا نه ٿي هئي. رستا غير محفوظ، سفر جون سهولتون نه هئڻ بربار. سواري لاءِ اٺ ۽ گهوڙا. مڪي ۽ مديني جي وچ وارو سفر وهٽن تي 11 ڏينهن 7 راتيون لڳاتار هلي 11 12 منزلون ڪري مشڪل سان طئي ڪبو هو. پر هاڻي ڪارون ساڍن 4 ڪلاڪن ۾ ته، بسون ڇهن ڪلاڪن ۾ 497 ڪلوميٽر جو فاصلو مڪي کان مدينو طئي ڪري وٺن ٿيون.
دنيا جي مختلف ملڪن مان ۽ سعودي عرب جي مختلف شهرن مان مديني منوره تائين پهچڻ جو ذريعو ي ته هوائي رستو آهي يا ته، مختلف خشڪي رستا. جهڙوڪ: مديني کان جده 425 ڪلوميٽر ڊگهو ٻه طرفو روڊ.
مديني کان مڪھ 497 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ، مديني کان ينبوع (ڳاڙهي سمنڊ تي سعودي بندرگاهه) تائين 275 ڪلوميٽر ڊگهو روڊ. باقي مديني کي دمشق ۽ عمان اردن سان ملائڻ واري ريلوي لائن موجود هوندي به ناڪاره آهي. جنهن جو سبب تاريخ سان واسطو رکندڙ ڄاڻن ٿا ته، ترڪن پنهنجي خلافت عثمانيه جي دور ۾ حجاز ريلوي جي نالي سان مواصلات جو هڪ وڏو منصوبو شروع ڪيو. جنهن جو آغاز سن 1325هه ڌاري مديني ۾ ميدان عنبريھ نالي جاءِ تي هڪ ريلوي اسٽيسن ٺاهي ڪيو ويو. اها ريلوي اسٽيشن ۽ ريل جو انجڻ گاڏو اڃا تائين مديني ۾ موجود آهن.
ريلوي اسٽيشن ٺاهڻ کان پوءِ منصوبي مطابق ريلوي لائن وڇائڻ ۽ واٽ تي ريلوي اسٽيشنون ٺاهڻ جو ڪم لڳاتار هڪ سال تائين ڪري سن 1326هه تي 1303 ڪلوميٽر يعني دمشق شام تائين پهچايو ويو. پوءِ اها ريلوي باقاعده هلڻ شروع ٿي.
9 سالن تائين هلندي رهي جنهن ۾ خاص ڪري حاجي سڳورا دمشق، اردن عمان، فلسطين، عراق، ترڪي ۽ يورپ کان ايندا هئا. ان دور جي لحاظ کان حج ۽ زيارت لاءِ سفر ۾ زبردست آساني ۽ سهولت ٿي پئي. جنهن ڪري ٻاهريان زائرين ۽ حجاج ته وري هتان جا باشندا ٻين ملڪن ڏي آساني سان اچي وڃي سگهندا هئا. انهي ريلوي لائن هلڻ سان واپار جون سهولتون به وڌيون ته درآمدات ۽ برآمدات (ايڪسپورٽ ۽ امپورٽ) ۾ زبردست واڌارو آيو. پر سن 1335هه ڌاري عربن جي صفن ۾ گهسي ايندڙ برطانوي ايجنٽ ڪرنل لارنس پهرين عالمي لڙائي ۾ ترڪن جي اچ وڃ، ساز سامان آڻڻ ۽ نيڻ کي روڪڻ لاءِ عربن هٿان اها ريلوي لائن تباهه ڪرائي ڇڏي. ريل بند ٿيڻ سان، پٽڙي طوفانن ۽ گرد و غبار ۾ اڏامندڙ ريتي ۾ دٻجي وئي.
ٻڌو اٿئون ته، اها ساڳي ريلوي لائن وري بحال ڪرڻ لاءِ سعودي عرب، اردن ۽ شام وچ ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿي چڪيون آهن ۽ انهي لائن جي مرمت تعمير وغيره ڪري مستقبل قريب ۾ حجاز ريلوي کي ٻيهر شروع ڪيو ويندو. سعودي حڪومت شروع کان وٺي هن ڪوشش ۾ آهي ته، ٻنهي حرمن (مڪي ۽ مديني) کي وڌ کان وڌ خوبصورت ۽ ضروريات زندگي جي لحاظ کان سهولت وارو بنائجي. اهو ئي سبب آهي جو سعوديه جي بجٽ جو وڏو حصو انهن ئي ٻن پاڪ شهرن جي مرمت، سينگار سجاوٽ ۽ خوبصورتي تي خرچ ٿئي ٿو. حرمين جي ترقياتي منصوبن جي بادشاهه پاڻ نگراني ڪري ٿو ۽ بلديه بادشاهه جي پروگرم مطابق تعميراتي ڪمپنين کان ڪم وٺي جلد کان جلد اهي منصوبا مڪمل ڪرائي ٿي. شهر جي صفائي سٺائي، رهائشي علائقن جي جوڙجڪ بيهڪ ۽ بناوٽ، پاڻي جي سپلائي، گندي پاڻي جي نيڪال، تفريح گاهن، پارڪن، واپاري مرڪزن، بازارن، ڪار پارڪنگ اوور فلائي پلون ۽ وڻڪار وغيره اهڙي طرح نظم و ضبط ۽ ڊسيپلين ڏسي يقين سان چوان ٿو ته، سعوديه جا هي شهر مڪو ۽ مدينو يورپ جي هر شهر کان وڌيڪ خوبصورت ۽ امن وارا آهن، جتي پهچڻ واري کي ڪو به کٽڪو ۽ خطرو نه ٿو هجي بلڪه کيس هر طرح اطمينان هوندو آهي.
جيئن ته مدينو منوره، خلافت راشده جي وقت ۾ دارالخلافه رهيو ۽ صديقي خلافت ۽ پوءِ عثماني خلافت جي دور ۾ هتان کان قرآن شريف جي نسخي جا نقل تيار ڪرائي اسلامي خلافت جي دور دراز ملڪن ۽ شهرن ڏي روانا ڪيا ويندا هئا. تيئن قرآن شريف جي انهي ئي نشر و اشاعت کي وري نئين سر جاري ڪرڻ لاءِ سعودي بادشاهه فهد، مديني ۾ قرآن شريف ڇاپڻ لاءِ هڪ مستقل ڇاپ خانو “شاهه فهد قرآن ڪريم پرنٽنگ ڪمپليڪس” جي نالي سان 1983ع ۾ بنياد رکي قائم ڪيو. جڏهن اهو پراجيڪٽ ٻن سالن ۾ ٺهي مڪمل ٿيو ته، قرآن شريف جا نسخا ڇپائي، حج ۽ عمره تي آيل دنيا جي مختلف ملڪن جي مسلمانن ۾ هٿو هٿ مفت ورهايا ويا. علاوه ازين ساڍا ٽي ڪروڙ نسخا، مسلمان ملڪن ڏي موڪلي اتي جي رهاڪن ۾ ورهايا ويا.
مذڪوره ڪامپليڪس طرفان دنيا جي مختلف ٻولين جهڙوڪ چيني، ترڪي، اردو، سنڌي، انگريزي، فرانسيسي، هوسا ۽ ٿائي ۾ قرآن شريف جا ترجما ۽ تفسير ڇپائي تقسيم ڪيا وڃن ٿا.
اردو ۾ تفسير مولانا شبير احمد عثماني ديوبندي ۽ شيخ الهند محمود حسن ديوبندي جو تحت اللفظ ترجمو: سنڌي ۾ مولانا حاجي احمد ملاح بدين واري جو سنڌي بيتن ۾ ڪيل ترجمو به ساڳي ڪامپليڪس طرفان ڇپرايل آهي، جيڪو هر سال سنڌي حاجين کي ڏنو وڃي ٿو. الحمدلله مون وٽ اهي ٻئي نسخا موجود آهن.
مدينه منوره ۾ به سعوديه جي ٻين وڏن شهرن وانگر تعليم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي ٿو. هتي جو باشندو تعليم يافته آهي ۽ تعليم جو تناسب نوي سيڪڙو آهي. هتي جي درسگاهن ۾ مشهور اسلامي يونيورسٽي ۽ دارالحديث کان علاوه بوائز پرائمري جا 59 اسڪول، بوائز مڊل ۽ سيڪنڊري جا 27 اسڪول، گرلس پرائمري جا 34 اسڪول، مڊل گرلس جا 11 اسڪول، سيڪنڊري گرلس جا 13 اسڪول آهن. اهي سمورا انگ اکر مديني سٽي جا آهن. آسپاس جي ادارن جو تعداد ان کان الڳ آهي. جيڪڏهن ڪي خانگي اسڪول به هوندا ته ان جي باري ۾ اسان کي ڪا پڪي معلومات ملي نه سگهي.
مديني ۾ پراڻيون ۽ تاريخي جايون 17 مسجدون آهن جن ۾ مسجد علي، ابوبڪر، عمر، غمامھ وغيره شامل آهن. 102 مسجدون پوءِ جون ٺهيل آهن جن جا سن تقريباً پهرين صدي هجري کان شروع ٿين ٿا.
مديني منوره جي عدالت عاليھ/ هاءِ ڪورٽ جيڪا المحڪمھ الشرعيھ جي نالي سان سڏجي ٿي سا ترڪن جي زماني کان وٺي مسجد نبوي جي ڀر ۾ هئي. پر ڏينهون ڏينهن وڌندڙ تعميرات سبب جاءِ جي تنگي جيڪري اتان کان منتقل ڪري “منطقھ جنان” نالي مديني جي هڪ علائقي ۾ رکي وئي آهي. البت انهي هاءِ ڪورٽ جو هڪ عدالتي شعبو تڪڙي ڪورٽ (المحڪمھ المستعجلھ) جي نالي سان مسجد نبوي جي باب السلام ويجهو ڏکڻ طرف روڊ جي ڀر ۾ واقع آهي. مديني جي هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مسجد نبوي جو موجوده امام ۽ اسسٽنٽ چيف جسٽس نائب امام آهي. باقي هن ڪورٽ جي فل بينچ جا ڪل 5 6 ميمبر آهن، جيڪي شهر جي عالمن ۽ شرعي قانون جي ماهرن مان کنيل آهن. اها ڪورٽ گهڻو ڪري هفتي ٻن اندر ڪيس اڪلائي جوابدار کي ڏوهاري ثابت ٿيڻ تي بر وقت سزا ڏئي ٿي. يا بي ڏوهي ثابت ٿيڻ تي آزاد ڪري ڇڏي ٿي. هن ڪورٽ جي ڪيس هلائڻ جو طريقو، شرعي دستور ۽ قانون مطابق هوندو آهي، جنهن ۾ ڪا به ڊيگهه نه هوندي آهي. ڇو ته ڊيگهه سان فريادي پنهنجي دعويٰ تان هٿ کڻڻ تي مجبور ٿي ويندو آهي، ته جوابدار ڏوهاري کي پنهنجي بچاء جا رستا ۽ سهارا ملي وڃن ٿا پر هتي مديني ۾ اهو پاڪستاني ۽ هندستاني ڪورٽن ۾ هلندڙ انگريزن وارو قانون ڪونهي جو هر ڪيس جي ڪارروائي سالن جا سال هلندي پئي رهي. سچ پچ ته، انهن طول طويل عدالتي ڪيسن ۾ جان مال عزت وقت سڀني جو زيان ٿئي ٿو پر پوءِ به انصاف پلئه نه ٿو پوي. هتي سعوديه ۾ عدالتون مڪمل آزاد آهن. عدالتن تي سرڪار جو ڪو به دٻاءُ ڪونهي ۽ نه ئي انهي جي چوڻ تي ڪنهن جي سزا تبديل يا ڏوهاري آزاد ڪيو وڃي ٿو. باقي اسان وٽ هميشه ملڪ ۽ قوم جي مفاد لاءِ “نظريه ضرورت” استعمال ڪري ڪڏهن آئين ڪالعدم ٿيو وڃي ۽ نوان نوان مجريھ نافذ ڪيا وڃن ٿا ته ڪڏهن وري آئين جو آپريشن ڪري ترميمن جي پيوند ڪاري ڪئي وڃي ٿي.
سعودي عرب ۾ هونئن ته بادشاهي نظام آهي پر ڏوهن ۽ جرائم جهڙن ڪرمنل ڪيسن ۾ حدود ۽ تعزيرات (سزائن) جا قانون شرعي آهن. باقي ٻين معاملن جو نبيرو شاهي قانون مطابق ڪيو وڃي ٿو.
شرعي سزائن جي دٻدٻي ۽ برڪت جيڪري ڏوهه بنهه گهٽ، نه هئڻ بربار ٿين ٿا. ڏوهاري کي پڪ آهي ته، سندس ڪو به بچاءُ نه ٿيندو، نه سفارش هلندي نه ڪي رشوت. انهي ڪري سعودي عدالتن ۾ ڪا به رش ڏسڻ ۾ نه ايندي نه وڪيل نه وڪيلن جا دفتر، نه عريضي نويس نوٽري پبلڪ، اسٽامپ ويندڙ ۽ نه ڪي فوٽو ڪاپي اٽيسٽ ڪرڻ وارا اوٿ ڪمشنر ۽ نه فريادي، شاهدن ۽ جوابدارن جون قطارون. اتي جي ڪورٽن ۾ سال کن ۾ به ايترا ڪيس داخل نه ٿيندا هوندا جيترا اسان وٽ هفتي ۾ داخل ٿين ٿا.
مدينه منوره ۾ سڀني اهم وزارتن جا ذيلي دفتر موجود آهن.
مديني منوره جي موجوده مقامي آبادي 5 لک ماڻهن تي مشتمل آهي. غيير ملڪي انهي کان الڳ آهن. هن وقت مديني ۾ 32 رهائشي پاڙا آهن.
انتظامي لحاظ کان مديني منوره کي سعودي اصطلاح ۾ منقطقھ (ڊويزن) جو درجو ڏنو ويو آهي. جنهن جون پنج سب ڊويزنون جهڙوڪ: 1. الحرم، 2. قبا، 3. الشرق، 4. الغرب، 5. الشمال. اهڙي طرح هتي قانون جي نفاذ لاءِ 6 پوليس اسٽيشنون آهن، ٽپال جا 6 دفتر ۽ ان جا ذيلي دفتر (سب پوسٽ آفيسز) 23 آهن.
ٽيليگراف ۽ ٽيليفون جو کاتو ۽ آفيسون به وڌ کان موجود آهن.
علاج معالجه لاءِ وڏيون اسپتالون 12 آهن. جن ۾ بلڪل فري علاج ڪيو وڃي ٿو. انهن اسپتالن ۾ 50 کان 500 مريضن لاءِ بسترن جي گنجائش آهي. ڪي مشهور اسپتالون جهڙوڪ: مستشفيٰ، الملڪ فهد (شاهه فهد اسپتال) جنهن ۾ 376 مريض لاءِ بسترا 78 ڊاڪٽر، ڪمپائونڊر ۽ هيلٿ ٽيڪنيشن 325، ٻيا ملازم 89 آهن. مستشفيٰ الولادة والاطفال(زچه بچه استپال)، مستشفيٰ الامراض النفسيھ (نفسياتي اسپتال)، مستشفيٰ العيون (اکين جي اسپتال)، وغيره جڏهن ته 97 هيلٿ سينٽر ۽ ڊسپينسريون، خاص بيمارين لاءِ اسپتالون جدا آهن. مختلف هنرن سيکارڻ جا 12 سرڪاري مرڪز آهن.
وڻج واپار ۽ خريد و فروخت لاءِ مختلف جاين تي بازارون آهن جتي هر قسم جي ضرورت جون شيون وڏي انداز ۾ موجود آهن. خاص وڪري لاءِ نمائشون به لڳن ٿيون. مثال طور: موٽرڪار ٽريڊنگ بزنس. هي نمائش هر وچين نماز کانپوءِ ايئرپورٽ روڊ لڳ ٿيندي آهي. جتي شوقينن جو وڏو انبوهه ڪارون خريد ڪرڻ اچي ٿو. باقي پراڻيون گاڏيون ۽ انهن جي نمائش، وڪرو ايئر پورٽ جي پويان تبوڪ واري پراڻي روڊ تي ٿئي ٿو. مشهور بازارن ۾ کجور بازار (سوق التمر)، فروٽ مارڪيٽ (سوق الفاکهھ) گوشت مارڪيٽ (سوق اللحم) ٻڪرا منڊي (سوق الغنم) شامل آهن.
مدينو ظاهري ۽ باطني نعمتن ۽ خزانن سان مالا مال آهي منجهس ڪنهن به شئي جي ڪمي ڪونهي. ڪمي ته اسان ڪميڻن ۾ آهي جو مديني ۾ هوندي به مديني جو حقيقي ادب نه ٿا ڪري سگهون.