مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

منيٰ ۾ پهچي پٿريون هڻڻ ۽ رات ترسڻ:

منيٰ ۾ پهچي پٿريون هڻڻ ۽ رات ترسڻ:
منيٰ جي حادثي ۾ پاڪستاني، هندستاني، بنگلاديشي، ايراني، آفريقي، مصري، سريلنڪائي خيما سڙيا هئا.
سمهڻي کان به دير سان اچي منيٰ ۾ پهتاسون. شيطانن کي پٿريون هڻڻ جو سعيو ڪرڻ وقت دل ۾هي خيال آيو ته، اڳئين ڀيري يعني 10 ذوالحج تي جڏهن وڏي شيطان کي پٿريون هنيون هيم ته ان وقت آئون ماڻهن جي وڏي انبوهه ۾ ڦاسي پيو هئس. هن طرح جو پٿريون هڻڻ لاءِ جڏهن وڏي شيطان کي ويجها ٿيا هئاسون ته اسان جي اڳيان ترڪن جو جٿو هو. جن جي اڳيان وري سوڊاني/ آفريقي هئا. جڏهن اهي آفريقي پٿريون هڻي فارغ ٿيا هئا ته، انهن يڪدم پوئتي مڙي ورڻ واري ڪئي ته ترڪ انهن جي پويان لڳو لڳ هئا جيئن ته ترڪي ماڻهو اسان کان سگهارا هئا انهي ڪري اهي ته، پنهنجو پاڻ بچائي ويا هئا، پر جڏهن اهي آفريقي ترڪن جي جٿي کي ڌڪي پار ڪري اسان تي اچي ڪڙڪيا ته سوچيم ته، هاڻي خير ناهي! پر پوءِ به ڦڙتائي سان پنهنجو پاڻ بچائي ورتم. نه ته سوڊاني سڳورن جي لتاڙڻ سان ڳاهجي وڃان ها. ان هوندي به ڪُلهي وٽان ٻانهن کي چڱي خاصي رهڙ اچي وئي، جنهن کي پوءِ مرهم پئي ڪيم. سو اڄ وري سوچيم ته، متان ساڳي اها ئي رش هجي، پر اڳتي وڌي ڏسڻ سان خبر پئي ته، رش گهٽ آهي. انهي ڪري سڌو وڃي ٽنهي شيطانن کي نمبر وار پٿريون هڻي، هندستاني ۽ پاڪستاني تنبن وچان گذرندڙ روڊ جي هڪ پاسي فوٽ پاٿ تي پنهنجا بسترا وڇاياسون، تنبن ۾ اندر نه وياسون. ڇو ته اسان تازو باهه جا ڊيڄاريل هئاسون. حالانڪه ماڻهو تنبن ۾ ويٺا هئا. توڙي جو اتي بجلي نه هئڻ ڪري اوندهه لڳي پئي هئي. اطمينان ۽ سڪون سان رات گذاري 12 ذوالحج (19 اپريل) جي فجر نماز منيٰ جي مشهور مسجد خيف جي ويجهو پڙهي سون. سج اڀري سنئون ٿيو ته، وهنجي وري آرام ڪيوسون. اڳين نماز بعد شيطانن کي پٿريون هڻڻ لاءِ هليا وياسون جتي وڃي ڏٺو سون ته، شيطانن جي نشان ڪيل ڊگهن ٿنڀن جي پاڙن ۽ ڀرپاسي ۾اڇليل پٿرين سان گڏ وڏا وڏا پٿر ۽ جوتا به پيا آهن. جن مان اندازو ٿيو ته، ماڻهن ٿنڀي کي شيطان سمجهي خار مان جوتا لاهي به هنيا هئا. حالانڪه ائين ڪرڻ جي شريعت ۾ منع ٿيل آهي. پٿرين هڻڻ وقت هي ڳالهه محسوس ڪئي سون ته، ماڻهن جي اندازي مطابق، اسان واري سال 97ع ۾ حاجين جو تعداد لڳ ڀڳ چاليهه لک هو ته انهي حساب سان هڪ ماڻهو جيڪڏهن ٽوٽل ستر پٿريون اڇلي ته جمله انگ اٺاويهه ڪروڙن تائين پهچي ٿو. جيڪو لازمي طرح وڏو ڍڳ ٿي پوندو. جڏهن ته حج جي ادائگي حضرت آدم کان وٺي ٿيندي رهي آهي پر جيئن ته حضرت آدم کان وٺي حضرت ابراهيم عليهما السلام تائين حج جو فرض هر سال پابندي سان لڳاتار ادا نه ڪيو ويو آهي بلڪه ان وچ ۾ وقفو به رهيو آهي پر حضرت ابرهيم ۽ حضرت اسماعيل عليهما السلام کان وٺي هيستائين حج جو فرض بنا وقفي ۽ ناغي جي ادا ٿيندو رهيو آهي. حضرت ابراهيم عليه السلام کي هيستائين ذري گهٽ پنج هزار سال گذري چڪا آهن. هر سال هزارين نه پر لکين حاجي پٿريون هڻن ٿا. آخر اهي اڇليل پٿريون ڪيڏانهن ٿيون وڃن؟ اها ڳالهه سوچيندي مون کي هڪ روايت ياد آئي ته، جنهن ماڻهو جو خدا وٽ حج قبول ٿي وڃي ٿو، تنهن جون اڇليل پٿريون ملائڪ کڻي ٿا وٺن، پر جن جو حج قبول ناهي تن جون اڇليل پٿريون اتي ئي پيون رهن ٿيون، جن کي حج جي ڏينهن کانپوءِ صفائي وارو عملو ميڙي هڪ پاسي اڇليو ڇڏي. والله اعلم.
اسان پٿريون چٽي دعائون گهري واندا ٿياسون ته مڪي ڏانهن رواني ٿيڻ جو سعيو ڪيوسون. پهرين دل ۾ خيال آيو ته، پيدل هلجي، ڇو ته ڪن دوستن ٻڌايو هو ته منيٰ کان مڪي تائين زير زمين هڪ سرنگ کوٽيل آهي جيڪا پيدل هلڻ وارن ماڻهن لاءِ نهايت محفوظ ۽ شارٽ ڪٽ (ٿوري پنڌ وارو) رستو آهي. ٻيو ته اها سرنگ مڪمل ايئر ڪنڊيشن ۽ بجلي جي تيز روشني وارن بلبن سان روشن به آهي. پر اسان پاڻ ۾ پنڌ ڪرڻ جي سگهه نه ساري بس جي ذريعي مڪي شريف روانا ٿياسون.