ڪعبته الله جو دروازو ۽ غلاف وغيره:
پڙهندڙن جي معلومات ۾ اضافي خاطر ڪعبي سان قريبي تعلق رکندڙ ٻن شين جو مختصر ذڪر ڪريون ٿا جن جي تاريخ، ڪعبي سان وابسته رهي آهي، هڪ ڪعبت الله جو دروازو ۽ ٻيو غلاف ڪعبه.
حضرت ابراهيم ڪعبي جو چوڪن ۽ طاقن وارو دروازو نه ٺاهيو هو، صدين تائين ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فقط لنگهه هو، جيڪو رات ڏينهن کليو پيو هوندو هو.
قريشن جي تعمير کان ست سئو سال اڳ يمن جي حميري خاندان جي بادشاهه تُبع نالي هڪ طاق وارو دروازو چوڪن سميت ٺهرائي ڪعبي ۾لڳرايو هو جيئن ته اهو دروازو زمين سان برابر هو انهي ڪري ڪعبي ۾ داخل ٿيڻ لاءِ فقط دروازو کولي وڃڻو پوندو هو، ڪابه تڪليف نه ٿيندي هئي.
قريشن پنهنجي تعمير دوران عمدي ڪاٺ جو دروازو لڳايو، جيڪو 16 فوٽ 6 انچ اوچو هو ته زمين کان 6 فوٽ مٿي هو. پر جڏهن حضرت عبد الله بن زبير پنهنجي تعمير دوران دروازو ٺهرائي لڳرايو هو ته، هن دروازي جي اوچائي ساڳي 16 فوٽ 6 انچ رکي البت دروازو ايڏو وڏو ٺهرايائين جو ان جي هيٺين چانئٺ زمين سان لڳل هئي. پوءِ حجاج آيو ۽ حضرت عبد الله جي تعمير ڊاهي، ڪعبي کي قريشن واري تعمير مطابق اڏايائين ته، انهي دروازي جي اوچائي 9 فوٽ 9 انچ ڪئي ۽ قريشن وانگر دروازو زمين کان مٿي ڪري لڳرايائين.
بنو اميه توڙي بنو عباس يا ٻين مسلمان حڪمرانن ڪعبي جي دروازي جي زيب زينت ۽ سونهن سينگار لاءِ ڪيترائي ڀيرا سون ۽ چاندي سان دروازو پئي مڙهيو ۽ جڙيو آهي.
مثال طور: خليفي معتصم هڪ سونو ڪُلف/ تالو هزار مثقال جي وزن جو ڪعبي جي دروازي لاءِ موڪليو. اهڙي طرح يمن جي هڪ بادشاهه چاندي جو چٽيل ٺهيل دروازو ڏياري موڪليو، جنهن ۾ 30 سير چاندي جو وزن هو. پوءِ انهي چاندي واري دروازي تي ايندڙ ٻين بادشاهن وقت بوقت واڌارو پئي ڪيو. ڪڏهن نئون در چاندي ۽ سون جي پترن سان جڙيل پئي لڳايائون ته، ڪڏهن ساڳي دروازي تي سون جي پترن يا چانديء جي پترن جو اضافو پئي ڪيائون.
سعودي حڪمران شاهه عبد العزيز 1370هه ۾ سون ۽ چاندي سان مڙهيل نئون دروازو لڳرايو، جيڪو مڪي شريف ۾ تيار ڪيو ويو هو. شاهه خالد بن عبدالعزيز جي دور ۾ خالص سون جي ٻه سو اسي (280) ڪلو گرام جو هڪ نئون دروازو تيار ڪرائي لڳايو ويو. موجوده سعودي بادشاهه شاهه فهد اڳوڻي دروازي ۾ سون جو ڪجهه اضافو ڪري وري نئون دروازو لڳرايو آهي.
ڪعبت الله جي تعمير ۽ ٻي تاريخي معلومات جي آخر ۾ هي ڄاڻ به شامل ٿا ڪريون ته، موجوده وقت ڪعبت الله شريف جي ماپ هن طرح آهي. ڪعبت الله شريف جي موجوده اوچائي (عُمق) 50/40 (ساڍا چاليهه) فوٽ. چئن ئي طرفن جي ماپ:
1. حجر اسود کان رڪن عراقي تائين 50/30 (ساڍا ٽيهه) فوٽ.
2. رڪن عراقي کان رڪن شامي 50/37 (ساڍا ستٽيهه) فوٽ.
3. رڪن شامي کان رڪن يماني 31 (ايڪٽيهه) فوٽ.
4. رڪن يماني کان حجر اسود 36 (ڇٽيهه) فوٽ.
بيت الله شريف جون ڌار ڌار ٻه ڇتيون آهن يعني هڪ ڇت جي مٿان وري ٻي ڇت آهي. ڇتين جي ڊيگهه هڪ پاسي کان 50/30 (ساڍا ٽيهه)فوٽ، ۽ ٻئي پاسي کان 30 فوٽ، جڏهن ته، ويڪر هڪ پاسي کان 27 فوٽ، ۽ ٻئي پاسي کان 50/25 (ساڍا پنجويهه) فوٽ آهي.
ڪعبت الله شريف جو دروازو اڀرندي ديوار ۾ آهي جنهن جي ڊيگهه 50/9 (ساڍا نو) فوٽ، ۽ ويڪر 6 فوٽ آهي. جڏهن ته انهي ٻاهرئين دروازي سان لڳو لڳ اندر ٻيو دروازو به آهي جنهن کي “باب التوبه” سڏيو وڃي ٿو. انهي دروازي جي ڊيگهه 5 فوٽ ۽ ويڪر 3 فوٽ آهي. زمين کان دروازي جي هيٺين چانئٺ 6 فوٽ مٿي آهي. حجر اسود زمين کان 4 فوٽ مٿي آهي خود حجر اسود جي ڊيگهه ۽ ويڪر هڪ ٻاڙي چار آڱر (فوٽ کان ٿورو گهٽ). سعودي شهنشاهيت کان اڳي جڏهن ترڪي جي خلافت عثمانيه هوندي هئي ته انهن ڏينهن حرم شريف ۾ چار مصلا هوندا هئا. جيڪي فقه اسلامي جي مڃيل چئن امامن جي مسلڪ ڏانهن منسوب هئا. فقه اسلامي هڪ اهڙي قانون ۽ دستور کي چيو وڃي ٿو جيڪو قرآن ۽ حديث جي فرمان جي روشني ۾ تيار ڪيو ويو هجي. فقه اسلامي ۾حقوق الله ۽ حقوق العباد سان واسطو رکندڙ ذري پرزي کي اهڙو ته واضح ڪيو ويو آهي جو انهن فقيهه امامن کي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي. شال رب جون مٿن ڪروڙين رحمتون هجن، جو انهن امت کي قرآن ۽ حديث تي هلي زندگي گذارڻ لاءِ آساني پيدا ڪري ڏني. اهي برگزيده امام جن جي نالي سندن فقهه منسوب آهي سي چار آهن.
1). امام اعظم ابو حنيفه 2). امام مالڪ بن انس 3). امام احمد بن حنبل 4). امام محمد بن ادريس شافعي (رحمت الله عليهم) جيئن ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ انهن چئن امامن مان ڪنهن نه ڪنهن جي فقهه تي عمل ڪيو وڃي ٿو ۽ وري حج تي سڄي دنيا مان مسلمانن جي اچڻ ڪري، خلافت عثمانيه مسلمانن لاءِ هي آساني ڪئي جو هر ماڻهو پنهنجي فقهه واري طريقي تي هلندي عبادت جا فرائض پورا ڪري. انهي ڪري حرم شريف ۾ڪعبت الله جي چوڌاري چار مصلا، مصلا حنفي، مصلا حنبلي، مصلا مالڪي، مصلا شافعي مقرر ڪري هر هڪ مصلي جو امام/ نماز پڙهائيندڙ به مقرر ڪيو ويو. انهي آڳاٽي دور ۾ حرم جي اندر مقرر مصلن جون جايون هن طرح هيون.
1. مصليٰ حنفي: ميزاب رحمت جي سامهون،
2. مصليٰ شافعي: مقام ابراهيم جي اڳيان،
3. مصليٰ مالڪي: رڪن يماني جي اڳيان،
4. مصليٰ حنبلي: حجر اسود ۽ رڪن يماني جي وچ ۾.
سعودي شهنشاهيت جي اچڻ کانپوءِ چارئي مصلا ختم ڪيا ويا ۽ فقط هڪ ئي مصلو ۽ هڪ ئي امام مقرر ڪيو ويو. هن وقت ڪعبت الله شريف جاسرڪار طرفان پنج امام مقرر ٿيل آهن جن جي وقت بوقت امامت لاءِ ڊيوٽي لڳندي رهي ٿي. انهن پنجن امامن جا نالا هي آهن. (1) شيخ محمد بن عبد الله السُبيل، (2) شيخ عمر بن محمد السُبيل، (3) شيخ عبدالرحمٰن السُدَيس، (4) شيخ سعود شِريم، (5) شيخ صالح بن حُميد. جن مان قرئت ۾ پهريون نمبر شيخ عبدالرحمان سُديس، ٻيو نمبر شيخ سعود شِريم، ۽ ٽيون نمبر شيخ صالح بن حُميد آهي. سڀئي حنبلي مسلڪ جا آهن. حرم جي انهن امامن جو عهدو ۽ سندن حيثيت سعودي وزير برابر آهي. جيتوڻيڪ عثماني خلافت جي دور جا چئن فقهن مطابق چار مصلا هينئر ته ناهن پر سعودي حڪومت چئني فقهن کي تسليم ڪندي هر هڪ فقهه مطابق ماڻهن کي دين جا حڪم احڪام ۽ شرعي مسئلا سمجهائڻ لاءِ مستقل طرح واعظي/ مبلغ مقرر ڪيا آهن، جيڪي گهڻو ڪري ڪعبت الله جي سامهون واري صحن جي چوطرف ويهي وچين ۽ سانجهي کانپوءِ ماڻهن کي مسئلا ٻڌائيندا آهن ۽ عام ديني وعظ ڪندا آهن. فقه حنفي جو مبلغ ميزاب واري کٻي پاسي ويهندو آهي. وچينء نماز کانپوءِ خادم ان جي ويهڻ واري ڪرسي انهي جاءِ تي آڻي رکندا آهن ۽ وعظ ٻڌڻ وارا ماڻهو مبلغ جي اچڻ کان اڳ ۾ ڪرسي جي ويجهو ٿي حلقو ٺاهي ويهي رهندا آهن. شايد هن ڪري ته پوءِ رش جي ڪري پري ويهڻ سبب مبلغ جو آواز ٻڌي نه سگهجي. حنفي مبلغ جي مجلس ۾ ويهڻ وارا هندستان، پاڪستان، بنگلاديش، افغانستان جا ماڻهو گهڻا هوندا آهن ڇو ته حنفي مبلغ اردو ۾ وعظ ڪندو آهي. فقهه حنفي جي موجوده مبلغ جو نالو مولانا محمد مڪي آهي.
پاڻ اصل بهاولپور پنجاب پاڪستان جو آهي پر هاڻي مستقل طرح اهل عيال سميت مڪي شريف ۾ رهائش پذير آهي. حج جي ڏينهن ۾ حنفي مسلڪ وارا حاجي سڳورا مولانا مڪي کان حج ۽ عمره بابت مسئلا پڇندا آهن جيڪي هو کولي کولي بيان ڪندو آهي. ان کان سواءِ مولانا مڪي جي وعظ ۾ هن ڳالهه تي گهڻو زور هوندو آهي ته توحيد ڇا آهي؟ ۽ شرڪ ڇا آهي؟ سنت ڇا آهي؟ ۽ بدعت ڇا آهي؟ مولانا مڪي شرڪ ۽ بدعت جو خوب آپريشن ڪندو آهي ۽ توحيد و سنت کي دلنشين انداز ۾ بيان ڪندو آهي. سندس وعظ جو انداز پيشه ور واعظين کان مختلف آهي. ماڻهو کانئس تقرير دوران دلچسپ سوال ڪندا آهن پر پاڻ بنا ڪنهن جذبات ۾ اچڻ جي نهايت سنجيدگي سان تفصيلي جواب ڏيندو آهي.
الله تعاليٰ انهي پيرسن کي صحت ۽ عافيت بخشي جو هو پنهنجي توحيد واري پروگرام کي ماڻهن تائين پهچائي.(آمين)
آئون پنهنجي دوستن کي مشورو ڏيندس ته جڏهن به حج يا عمره لاءِ حرمين وڃن ته مولانا مڪي جي وعظ ۾ ضرور شريڪ ٿين. هاڻي وري غلاف ڪعبه جي باري ۾ ڪجهه سٽون پيش خدمت آهن.
ڪعبت الله شريف تي غلاف (جُهل/ پردو) چاڙهڻ جو مقصد هي آهي ته، جهڙي طرح ڪنهن انسان کي ڪا قيمتي ۽ نازڪ شي ملي وڃي ته، هو اها شي ستن پردن ۾ ويڙهي لڪائي رکي ٿو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو وڻندڙ، قيمتي ۽ برڪت ڀرين شين کي هوا ۽ دز لٽ کان محفوظ رکڻ لاءِ صندوق، مختلف قسمن جا ڪٻٽ، ڪپڙا ۽ پردا تيار ڪيا وڃن ٿا. بيت الله شريف جيڪا واجب الاحترام عبادتگاهه ۽ برڪتن جو چشمو آهي تنهن کي ٻاهرين شين جهڙوڪ: هوا، مٽي، مينهن پاڻي، گرمي وغيره کان محفوط رکڻ لاءِ ۽ ظاهري سونهن سينگار خاطر غلاف اوڍايو وڃي ٿو.
جيئن ڪعبت الله جي ٻاهران غلاف چاڙهيو وڃي ٿو، تيئن وري اندران به غلاف چاڙهيو وڃي ٿو. ٻاهرئين پاسي چاڙهيل غلافن جو رنگ گهڻو ڪري ڪارو يا اڇو رهيو آهي البت اندرئين پاسي غلاف جو رنگ شروع کان ئي ڳاڙهو رهيو آهي ۽ اڃا تائين قائم آهي.
ٻاهرئين غلاف جي ابتدا حضرت اسماعيل عليه السلام ڪئي هئي باقي اندرئين غلاف جي ابتدا اسلام اچڻ کان ٿورو اڳ ٿي آهي. حضرت اسماعيل کانپوءِ ڪجهه سال هلي غلاف چاڙهڻ جو سلسلو بند ٿي ويو. پوءِ وري عربن جي وڏي عدنان اهو سلسلو شروع ڪيو. پر وري به صدين تائين اهو عمل رڪجي ويو. نيٺ اسلام کان ست سو سال اڳ يمن جي بادشاهه تُبع غلاف چاڙهڻ جو رواج شروع ڪيو. جنهن کانپوءِ اڄ تائين بنا ڪنهن وقفي جي جاري آهي. اسلام جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين حضور سائين فتح مڪه سن 8 هجري تي يمن جو ٺاهيل ڪاري رنگ جو غلاف ڪعبت الله شريف تي چاڙهيو هو.
حضرت ابوبڪر صديق رضه قباطي (اڇي سنهي مصري ڪپڙي) جو غلاف چاڙهڻ وقت، پراڻو غلاف لاهي حاجي سڳورن ۾ ٽڪر ٽڪر ڪري ورهائي ڇڏيندو هو. البته حضرت عثمان پراڻي غلاف مٿان نئون غلاف چاڙهي ڇڏيندو هو. حضرت علي رضه کي غلاف چاڙهڻ جو موقعو ئي نه مليو ڇو ته ان وقت ڪيترائي فتنا پيدا ٿي پيا هئا جن کي منهن ڏيڻ ۽ گهرو لڙائي جهڙي پيدا ٿيل صورتحال تي قابو پائڻ ۾ رڌل رهيو انهي ڪري اهڙي فرصت ملي ڪانه سگهي. باقي سڀني خليفن، والين ۽ امرائن پنهنجي پنهنجي دور ۾ اها سعادت پئي حاصل ڪئي آهي.
حضرت عمر فاروق جي دور ۾ غلاف ٺاهڻ جو ڪم هڪ مصري ڳوٺ ۾ ٿيڻ لڳو جنهن جي خرچ پکي لاءِ مصر جي هڪ وڏي آمدني واري ڳوٺ بيسوس کي وقف ڪيو ويو. تقريباً هر خليفي فاروقي دور جي انهي حڪم کي بدستور قائم رکيو. جڏهن هڪ ڳوٺ جي آمدني غلاف جي خرچ لاءِ ناڪافي ٿي پئي ته، وڌيڪ ٻه ڳوٺ سند بيس ۽ ابي الغيط به انهي ڪم لاءِ وقف ڪيا ويا.
آڳاٽي دور ۾ غلاف بلڪل سادو هوندو هو جنهن ۾ ڪي به چٽ گل نه ڪي سون ۽ چاندي جي تارن سان آيتون لکيل هونديون هيون. ٻي صدي هجري جي آخر ۾ غلاف ٺاهڻ ۾ نيون نيون تبديليون اينديون رهيون جنهن ڪري خرچ وڌندو ويو.
اهو ئي سبب هو جو غلاف جي خرچ لاءِ وقف ڪيل مصر جي ٽن علائقن (بيسوس، سندبيس، ابي الغيط) جي آمدني اڻاسي هزار درهم به ناڪافي ٿيڻ لڳي.
جڏهن ترڪي جي خلافت عثمانيه جو دور آيو ته، غلاف جي خرچ لاءِ ستن ڳوٺن جي آمدني وقف ڪئي وئي جنهن جو ٽوٽل ٻه لک ستهتر هزار ست سو ڇٽيهه درهم يعني اڻاسي هزار اٺ سو اٺهتر روپيا هو.
سعوديه جي پهرئين بادشاهه عبد العزيز اقتدار ۾ اچڻ کان پوءِ فيصلو ڪيو ته، ڪعبي جو غلاف مڪي ۾ ئي تيار ڪيو وڃي ته جيئن مصر يا ڪنهن ٻئي ملڪ جي ڪاڻ ڪڍڻي نه پوي. انهي ڪري مڪي شريف جي محله جياد ۾ غلاف تيار ڪرڻ لاءِ سن 1346هه ۾ هڪ ڪشادي محل جي تعمير شروع ڪئي وئي. محلات واري هنڌ جي پکيڙ پنڌرهن سو چورس ميٽر هئي. محلات مڪمل ٿيڻ تي بادشاهه هندستان مان ڪاريگر، غلاف لاءِ گهربل اوزار ۽ سامان گهرائڻ جي ذميداري پنهنجي انڊين سيڪريٽري مولانا محمد اسماعيل غزنوي جي حوالي ڪئي. مولانا محمد اسماعيل هندستان جي شهر بنارس جي ڪاريگرن وٽان نمونه خاطر غلاف جو هڪ حصو ٺهرائي بادشاهه عبدالعزيز کي ڏيکاريو، جنهن ڏسي ڏاڍو پسند ڪيو ۽ حڪم ڪيائين ته، اهي ڪاريگر ۽ گهربل سامان مڪي شريف پهچايو وڃي. مولانا غزنوي بنارس شهر جا ماهر ڪاريگر 60 مرد 20 عورتون ۽ 9 ٻار بادشاهي خرچ تي مڪي شريف پهچايا ۽ گڏو گڏ بمبئي مان ريشم، ڪپڙو ۽ گهربل اوزار به آڻي مڪي ۾ حاضر ڪيائين. اهڙي طرح مڪي شريف ۾ پهريون ڀيرو غلاف ٺاهڻ جو ڪم شروع ٿيو.
1963ع ۾ غلاف تيار ڪرڻ جي سعادت پاڪستان جي حصي ۾ به آئي هئي مگر اها خدمت جن ماڻهن جي حوالي ٿي سي ان جي عظمت جو تحفظ ڪري نه سگهيا. يعني ته، غلاف تيار ڪرائڻ جا جمله انتظامات مودودي جماعت جي حوالي ڪيا ويا. جڏهن غلاف ٺهي مڪمل ٿيو ته، نمائش خاطر ان کي ڪراچي کان پشاور تائين ريل گاڏي جي ذريعي کڻي وڃڻ جو پروگرام بنايو ويو. گاڏي هر وڏي توڙي ننڍي اسٽيشن تي بيهاري ٿي وئي پوءِ زيارت ڪندڙن جو هجوم غلاف تي ٽٽي ٿي پيو. عقيدت مند جهالت جي نشي ۾ ٻڏل شريعت جون حدون لتاڙي ڪي غلاف جي طواف ۾ شروع ٿي ويا ٿي، ته ڪي گاڏي جي دٻن کي چمي رهيا هئا ته ڪي وري انهي غلاف مٿان پڙ وجهي رهيا هئا ۽ مشڪلاتون حل ٿيڻ لاءِ غلاف کي پنهنجي درخواست پيش ڪري رهيا هئا. ايتريقدر جو عورتون پنهنجي عزت ۽ پردي جو خيال ڇڏي پنهنجون مرادون پوريون ٿيڻ لاءِ مٿي ٻڌايل شرڪ جهڙن ڪمن ڪرڻ لاءِ مردن سان به اٽڪي ٿي پيون ۽ زوري غلاف جي پوڄا ٿي ڪيائون. انهن مسلمانن اهڙو منظر پيش ڪيو جيئن هندو پنهنجي مندرن ۾ بتن جي پوڄا پاٺ ڪندا آهن.
ملڪ جي حقاني عالمن اهڙين غير شرعي حرڪتن تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ انهن پوڄاري مسلمانن خلاف سخت احتجاج ڪيو. هوڏانهن سعودي حڪومت به جماعت اسلامي ۽ عوام جي اهڙين ايمان وڃائيندڙ حرڪتن تي بيحد ناراض ٿي جنهن ڪري سعودي حڪومت اهو غلاف ڪعبت الله شريف تي چاڙهڻ ئي پسند نه ڪيو. اهڙي طرح پاڪستان هميشه لاءِ غلاف ٺاهڻ واري عظيم سعادت کان بي نصيب ٿي ويو.
هن وقت مڪي شريف ۾ غلاف تيار ڪرڻ لاءِ جديد سائنسي اوزارن ۽ مشين وارو هڪ نئون ڪارخانو لڳل آهي. جنهن جو افتتاح 1975ع ۾ شاهه فهد ڪيو هو جيڪو ان وقت شاهه خالد جو ولي عهد ۽ نائب هو. مذڪوره ڪارخاني ۾ توڙي جو جديد مشين لڳل آهي جنهن جي مدد سان غلاف تيار ٿئي ٿو، پر غلاف تي سون ۽ چاندي جي تارن سان قرآني آيتن ۽ سورتن جي ڪڙهائي هٿ سان ڪئي وڃي ٿي ته جيئن انساني ڪمال ۽ فني ورثو بدستور قائم رهي.
غلاف جي موجوده ڪارخاني ۾ ڪم ڪندڙ اڍائي سو کن ماڻهن مان ڪوبه غير ملڪي ناهي سڀ جا سڀ سعودي باشندا آهن. ڪعبي جي چئني ديوارن تي چڙهيل غلاف ٽوٽل 62 ننڍن ٽڪرن کي ڳنڍي بنايو وڃي ٿو. اهي ننڍا ٽڪرا ملائي اٺ وڏا حصا ڪيا وڃن ٿا جن مان ٻه ٻه حصا هر ديوار تي هوندا آهن. غلاف جي چوڌاري ڳنڍيل ٽڪرن مٿان هڪ پٽي ڦيرائي وڃي ٿي جنهن تي سون جي تارن سان آيتون لکيل هونديون آهن انهي پٽي کي “حزام” ڪوٺيو وڃي ٿو. اهڙي طرح غلاف ۾ گول دائرن ۾ به سورتون، ڪلما وغيره هوندا آهن جن کي “رنوڪات” چئجي ٿو، ان کانسواءِ دروازي تي چاڙهيل پردي کي “ستاره الباب” يا “برقع” سڏجي ٿو.
شاهه خالد جي دور ۾ ٺاهيل غلاف تي 60 لک سعودي ريال (تقريباً ٻه ڪروڙ چاليهه لک روپيا) خرچ آيو هو جنهن ۾ 80 ڪلو ريشم، 300 ڪلو سون ۽ چاندي، اَستر کانسواءِ 658 ميٽر ڪپڙو استعمال ٿيل هو. اهو غلاف 14 ميٽر (42 فوٽ) ڊگهو هو جنهن تي سون ۽ چانديء جي تارن سان عربي جي “خط ثلث” ۾ آيتون ۽ سورتون وغيره لکيل هيون. جڏهن ته دروازي جو پردو “برقع” 4 ميٽر ويڪرو ۽ 50/7 (ساڍا ست) ميٽر ڊگهو هو جيڪو پوري جو پورو سون ۽ چاندي سان ڪڙهائي ٿيل آيتن سان سينگاريل هو. انهي برقع ۾ 120 ڪلو گرام سون ۽ چاندي استعمال ٿيل هو.
موجوده حڪمران شاهه فهد جي دور ۾ ٺاهيل غلاف تي 17 ملين (هڪ ڪروڙ ستر لک) سعودي ريال خرچ آيو آهي جنهن تي اڳي ٺاهيل غلافن کان به وڌيڪ عمدو ۽ سهڻو ڪم ٿيل آهي.
مسلمان بادشاهه وقت بوقت ڪعبت الله شريف جي سونهن ۽ سينگار لاءِ ڪعبي جي اندر ٿنڀن، چئن ڪنڊن (رڪن حجر اسود، رڪن عراقي، رڪن شامي، رڪن يماني) اندرئين حصي جي ديوارن، دروازه ۽ ان جي چانئٺ تي سون ۽ چاندي جي پترن کان علاوه هيرا جواهر به مڙهيندا رهيا ته ڪعبي شريف جي خدمت ۾ تحفا ۽ نذرانا به موڪليندا رهيا.
جيئن حضرت عمر فاروق رضه جڏهن مدائن ڪسريٰ فتح ڪيو ته، وٽس ٻه سونا چنڊ پهچايا ويا جيڪي پاڻ تحفو ڪري ڪعبت الله ۾ ٽنگايائين. سن 659هه ۾ سنڌ جي هڪ راجا مسلمان ٿيڻ تي هيرن جواهرن سان جڙيل سونو هار ۽ هڪ وڏو سائو ياقوت تحفو ڪري موڪليا ته وقت جي خليفي معتمد عباسي اهي ٻئي ڪعبي ۾ ٽنگائي ڇڏيا.
ڪعبت الله جي خدمت ۾ تحفا ۽ سوکڙيون موڪلڻ جو رواج اڃا تائين هلندو اچي ٿو.
هيستائين ڪعبت الله شريف بابت تاريخي ۽ معلوماتي مواد پيش ڪيو ويو آهي.