حضرت عبد الله بن عمر ۽ حجاج بن يوسف:
اموي خليفه عبد الملڪ بن مروان جو ماتحت امير حجاج بن يوسف ثقفي ظلم و تشدد ۾ ناميارو هو. تنهن جو ڏاڍ ۽ ڏهڪاءُ اهڙو پکڙيل هو جو ان جي سامهون ڪير به ڳالهائڻ جي جرئت نه ڪندو هو. پر حضرت عبد الله اهڙي ظالم کي به حق جو ڪلمو منهن تي چئي ڇڏيندو هو. انهن ڏينهن حجاج مڪي جو نگران امير هو ته حضرت عبد الله زندگي جي آخري ڏينهن ۾ مڪي شريف ۾ رهائش پذير هو. هڪ ڀيري حجاج مسجد ۾ ايڏو ڊگهو خطبو ڏنو جو وچين نماز جو وقت بنهه تنگ ٿي و يو ته، حضرت عبد الله هڪل ڪئي ته، نماز جو وقت ٿو وڃي تقرير بند ڪر! پر حجاج نه ٻڌو. ٻيو دفعو ۽ پوءِ ٽيون دفعو ساڳي جملو دهرايائين پر حجاج اڻ ٻڌو ڪري ڇڏيو. تنهن تي ويٺل ماڻهن کي چيائين ته، جيڪڏهن آئون اٿي وڃان ته، اوهان مون سان گڏ اٿي هليا هلندو؟ ماڻهن چيو ته هائو! پوءِ پاڻ هي چئي ته، “معلوم ٿئي ٿو ته، توکي نماز جي ضرورت ڪانهي”، اٿي هليو ويو.
اٿندي وقت ماڻهن کي وڏي واڪي چيائين ته، هن جي تقرير ڪير به نه ٻڌي، هي الله جو دشمن آهي، هن ڪيترا خدا جا نيڪ ٻانها قتل ڪري ڇڏيا آهن. انهي کانپوءِ حجاج منبر تان هيٺ لٿو ۽ نماز پڙهيائين ۽ پوءِ حضرت عبد الله بن عمر کان پڇيائين ته، تو ائين ڇو ڪيو؟ وراڻيائين ته “ماڻهو مسجد ۾ نماز لاءِ اچن ٿا، انهيڪري جڏهن نماز جو وقت ٿئي ته، فورن نماز پڙهڻ کپي ۽ نماز کانپوءِ اوهان جي دل جيترو به گهري پيا بڪواس ڪريو.” حجاج کي حضرت عبد الله جي حق گوئي ڏاڍي ڏکي لڳي پر بر وقت ماڻهن جي هجوم آڏو ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهيو، ٻيو هن ڪري به ته خليفي عبد الملڪ، حجاج کي سرڪاري آرڊر ڪيو هو ته، حضرت عبد الله جي مخالفت نه ڪجان، ان جو ادب احترام رکجان. انهي ڪري حجاج کي ماڻهن کان وڌيڪ خليفي جو ڊپ هو. انهي ڪري اتي ته ماٺ ڪيائين پر پنهنجي ڪن فوجي ڇاڙتن کي اشارو ڪيائين ته جڏهن حج جو موقعو ٿئي ته پوءِ منيٰ يا عرفات ۾ رش دوران زهر جي پاڻي ڏنل نيزي سان حضرت عبد الله کي زخمي ڪيو وڃي ۽ ٿيو به ائين جوهڪ شامي سپاهي حضرت عبد الله جي پير جي پٺي تي زهر آلود نيزي جو زخم رسايو جنهن کانپوءِ ناسور ٿي پوڻ ڪري حضرت عبد الله آخر عمر تائين منڊڪائي هلندو هو. نيٺ انهي زهر واري زخم سبب جسم ۾ آهستي آهستي زهر جو اثر پکڙندو ويو، تان جو بستري تي پئجي رهيو. پڇاڙي ۾ حجاج کيس پڇڻ آيو ۽ چوڻ لڳو ته، سائين! توهان کي نيزو هڻندڙ آئون سڃاڻي وٺان ها ته، ان جي سسي لاهي ڇڏيان ها! حضرت عبد الله فرمايو ته، اهو نيزو به تنهنجو هو! ! تنهن تي حجاج ڪنڌ جهڪائي خاموش ٿي ويو. وصيت ڪئي هئائين ته، جيڪڏهن آئون هتي مڪي ۾ مري وڃان ته حرم جي حد کان ٻاهر “حل” ۾ دفن ڪجو. ڇو ته جنهن سر زمين کان هجرت ڪئي سون، وري ساڳي مٽي ۾ دفن ٿيڻ بهتر نه ٿو لڳي. سن 74 هه ۾ حضرت عبد الله بن زبير جي شهادت کان ٽي چار مهينا پوءِ 83_84 سالن جي ڄمار ۾ اجل کي لبيڪ چئي آخرت ڏي راهي ٿيو. وصيت مطابق ماڻهن حرم جي حد کان ٻاهر کيس دفن ڪرڻ گهريو مگر حجاج مداخلت ڪئي ۽ پاڻ اچي جنازه نماز پڙهايائين انهي ڪري مجبوراً کيس ذي طويٰ جي “فخ” واري جاءِ تي مهاجرن جي قبرستان ڀرسان دفن ڪيو ويو. هينئر اهو فخ وارو هنڌ “حي الشهداءَ” جي نالي سان سڏجي ٿو، جتي اسان اچي حاضر ٿيا هئاسون.