مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

زيارت مساجد خمسھ ۽ غزوه احزاب:

زيارت مساجد خمسھ ۽ غزوه احزاب:
اڄ 6 محرم 1418هه مطابق 12 مئي 1997ع سومر تي فجر نماز بعد ذڪر اذڪار ۽ زيارت روضه رسول ﷺجهڙن روزانه جي معمولات کان فارغ ٿي مسجد نبوي کان ٻاهر آيس ته، دوستن زيارت لاءِ ڪٿي هلڻ جو چيو ته زيارت تي وٺي ويندڙ گاڏي ۾ وڃي ويٺاسون. جنهن آڻي سلع پهاڙ وٽ لاٿو. انهي سلع پهاڙ جي دامن ۾ ٽڙپکڙ چند مسجدون آهن جن کي عرف عام ۾ مساجد خمسه يا خمس مساجد سڏين ٿا. يعني پنج مسجدون. حالانڪ اهي مسجدون پنجن کان وڌيڪ آهن. ٿي سگهي ٿو ته اصل مسجدون پنج هجن ۽ ٻيون پوءِ وڌايون ويون هجن. اهي مسجدون جنگ احزاب جي وقت پاڻ ڪريمن ﷺ ۽ اصحابن سڳورن جي خيمن ۽ جنگ وقت ويڙهه وارين جاين جي يادگار طور ٺاهيون ويون آهن. منهنجي معلومات مطابق ته، انهن ڀلارن جي مختلف جاين تي اچڻ، ويهڻ، ترسڻ ۽ نماز وارين جاين تي يادگار طور مسجدون تعمير ڪرڻ جو رواج حضرت عمر بن عبدالعزيز وٽان شروع ٿيو آهي. هي مسجدون به حضرت عمر بن عبدالعزيز يادگار طور تعمير ڪرايون هيون. پهرين مسجد فتح آهي جيڪا سلع پهاڙ جي اولهندي حصي تي آهي. مسجد فتح جي وڏي نشاني هي آهي جو انهي کي اڀرندي طرف ۽ اترئين پاسي چاڙهيون آهن. هن مسجد فتح (جنهن کي مسجد احزاب ۽ مسجد اعليٰ به چون ٿا) کي ويجهو قبلي جي طرف چار ٻيون به مسجدون آهن. اهي مسجدون هڪ ٻئي کان ٿوري ٿوري فاصلي تي آهن. انهن لاءِ چاڙهيون ٺهيل ناهن. اهي مسجدون هي آهن. مسجد سلمان فارسي، مسجد ابوبڪر، مسجد عمر، مسجد علي، غزوه خندق جي موقعي تي انهن ڀلارن جا تنبو انهن جاين تي هئا جنهن ڪري اهي مسجدون انهن ڀلارن جي نالي منسوب ڪيون ويون آهن. حضرت عمر بن عبدالعزيز نشاندهي ڪري انهن جاين تي مذڪوره مسجدون تعمير ڪرايون.
هنن مسجدن جي زيارت وقت يقيناً هر مسلمان جي دل ۾ جنگ خندق/ احزاب جو اهو منظر ضرور سامهون ايندو. ڇو ته هتي پهچڻ کانپوءِ ماڻهو جا احساسات، ازخود مدني زندگي جي پس منظر ۾ انهن واقعن ۽ ڪارنامن جا آثار ڳولڻ ۽ انهي بابت سوچڻ لڳن ٿا. سچ پچ ته، هنن مسجدن جي زيارت مون کي چوڏهن سو سال پوئتي هٽائي انهي مدني دور ۾ آڻي بيهاريو ته، تصوراتي اسڪرين تي غزوه خندق / احزاب جو نظارو تمثيلي انداز ۾ اچي اکين آڏو ڦرندو رهيو ۽ آئون اهو ئي منظر ورائي ورائي ڏسندو رهيس. تان جو ڪلاڪ کن کانپوءِ ساٿين هلڻ جو هوڪو ڏنو ته اهي سموريون يادگيريون سيني ۾ سميٽي ورڻ واري ڪئي سون.
انهن يادگيرين مان قلم جيڪي محفوظ ڪري سگهيو سي پڙهندڙن اڳيان پيش آهن.
مسلمانن جي مديني ۾ اچي رهڻ تي به ڪافرن کين سک سان ويهڻ ڪو نه ڏنو. ويتر يهودين جي اسلام دشمني ته، اڃا به تڪليفن، ايذائن ۽ اهنجن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو. سن 5 هجري جي شوال مهني کان اڳ (يعني 627ع جي فيبروري کان اڳ) غزوه بني مصطلق ۾ مسلمانن، ڪافرن جا 6 سو ماڻهو قيد ڪيا هئا ته وري ڏهاڪو کن ماريا به هئا. مٿان وري ڪافرن جي ڀاڄ به ٿي ته، ٻه هزار اُٺ، پنج هزار ٻڪريون غنيمت (جنگ جي وقت ڀڄي ويندڙ ڪافرن جو ڇڏيل مال) به مسلمانن کي هٿ آيو ته، اهي سڀئي ڳالهيون ڀلا ڪافرن کي ڪيئن ٿيون ماٺ ڪري ويهڻ ڏين؟ سو انهن ته سوچيو پئي ته، پلاند ڪجي. هيڏانهن وري يهودين جو بغض ڀڙڪيو، تن مڪي جي ڪافرن ڏي پنجن ڇهن همراهن جو خاص وفد موڪلي کين مسلمانن سان مديني ۾ وڏي ويڙهه ڪري هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاءِ همٿايو. پيسي پنجڙ، هٿيار پنهوار جي مدد جو يقين ڏياريو ته انهي وفد ۽ يهودين جي اهڙي يقيني تعاون سان هنن قريشن جي همٿ اڃا به وڌي پئي. يهودين جو اهو وفد مڪي کان سواءِ آسپاس جي عرب قبائلن وٽ به ساڳيو پيغام کڻي پهتو. انهن قبيلن کي هي چئي مسلمانن خلاف لڙائي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آماده ڪيو ويو ته، اسان ۽ توهان جو گڏيل دشمن، محمد ﷺ، سندس ساٿي ۽ سندس دين آهي. سو جيستائين انهن جي پاڙ نه پٽبي تيستائين پاڻ سڀني جي جان نه ڇٽندي.
مسلمانن خلاف هلايل پروپيگنڊا دوران يهودين هي فتويٰ به جاري ڪئي ته “مڪي جي قريشن (مشرڪ ڪافرن) جو دين ۽ طريقو، محمد (ﷺ) جي دين ۽ طريقي کان وڌيڪ ڀلو آهي، دين جا حقدار به اهي ته، ڪعبي جا متولي به اهي ئي آهن.” الله تعاليٰ قرآن شريف جي سورت نساء ۾ يهودين جي اهڙي فتويٰ جو ذڪر ڪندي فرمايو آهي ته، “اي محمد! ڇا توکي انهن ماڻهن جي خبر ناهي؟ جن ڪافرن لاءِ هي چيو آهي ته، اهي ڪافر مومنن کان وڌيڪ سڌي راهه تي آهن.” بهرحال يهودين وڏي پروپيگنڊا کانپوءِ قريشن ۽ ٻين عرب قبيلن کي مسلمانن سان فيصله ڪن لڙائي لاءِ تيار ڪيو.
مسلمانن خلاف هن لڙائي ۾ حصو وٺندڙ قبيلن درميان هڪ فوجي معاهدو به ٿيو. جنهن ۾ شريڪ قبيلن جا سردار خاص ڪري قريش، يهودي ۽ غطفان جا سردار موجود هئا. معاهدي جي شرطن مان ڪي هي به هئا ته، قريش چار هزار ويڙهاڪ بهادر آڻيندا ته بنو غطفان ڇهه هزار تربيت يافته نوجوان لڙائي ۾ پيش ڪندا.
بنو غطفان کي سندن تعاون عيوض، يهودي قبيلا خيبر ۾ سندن باغات جي پوري سال جو فصل (آمدني) ڏيندا. ڏهن هزارن جي هن لشڪر جي اڳواڻي ابو سفيان جي هٿ ۾ هوندي. هن لشڪر کي اهم هٿيار ۽ کاڌي خوراڪ جهڙين ضرورتن ۾ يهودي ڀرپور تعاون ڪندا.
ابوسفيان جي اڳواڻي ۾ ڏهه هزار فوج جي مديني تي حملي ڪرڻ جو اطلاع پيغمبر ڪريم ﷺکي مليو ته، پاڻ ڪريمن، اصحابن سڳورن کي سڏي مشورو ورتو. دفاعي تدبيرن تحت ڪيترائي مشورا ۽ رايا مليا پر حضرت سلمان فارسي هڪ نئين جنگي حڪمت عملي جي رٿاڏيندي عرض ڪيو ته، يا حضرت! مديني منوره کي ٽن طرفن کان قدرتي پناهه يعني ٻن طرفن کان پهاڙن جو سلسلو ۽ ٽئي طرف کان باغن ۽ ماڻهن جي گهاٽي رهائشي آبادي، باقي هڪ پاسو کليل آهي. انديشو آهي ته، انهي کليل پاسي کان دشمن مديني تي ڪاهه ڪري يا راتاهو هڻي. انهي ڪري انهي کليل پاسي وڏي ڊگهي کاهي کوٽي وڃي ته جيئن دشمن اسان جي شهر تي چڙهائي نه ڪري سگهي. ڇو ته کاهي جي صورت ۾ دشمن جي لشڪر جون سواريون نه کاهي ۾ هيٺ لهي سگهنديون، نه وري هيٺ لهڻ بعد مٿي نڪري سگهنديون. جيئن ته جنگي لحاظ کان اها هڪ نئين رٿا هئي جنهن کان عرب قطعي واقف نه هئا، تنهنڪري انهي جديد حڪمت عملي کي سڀني پسند ڪيو. ڪافرن سان وڙهڻ لاءِ تيار (ٽي) هزار مسلمانن کي مديني جي اتر اولهه طرف واقع کليل جابلو ميدان تي کاهي کوٽڻ جي ڪم تي لڳايو ويو.
اها کاهي مديني جي اوڀر اتر حره واقم (واقم آتش فشان پهاڙ) کان شروع ٿي ته، اتر اولهه حرة الويره (ويره آتش فشان پهاڙ) تي اچي ختم ٿي. کاهي کوٽڻ جو ڪم ٽن هزار مسلمانن ۾ هن طرح ورهايو ويو جو هر ڏهن مسلمانن جي حصي ۾ چاليهه گز آيا ٿي.
ٽي هزار مسلمانن رات ڏينهن سخت سردي جي باوجود بکون اڃون برداشت ڪري ويهن ڏينهن ۾ 14 فوٽ ويڪري 11 فوٽ هيٺ اونهي، ٽن ميلن تائين ڊگهي کاهي کوٽي راس ڪئي. جنگي تاريخ ۾ اهڙي جانفشاني جو مثال ڪٿي به نظر نه ٿو اچي. کاهي کي عربي ۾ خندق چئجي ٿو. جيڪو اصل ۾ فارسي لفظ ڪنده، ڪنديدن مصدر مان ورتل آهي، معنيٰ اٿس کوٽيل. اهو لفظ جڏهن عربي ٻولي جي گهاڙيٽي ۾ آيو ته، ڪنده مان خندق ٿي ويو. جيئن ته هن لڙائي وقت کاهي کوٽي وئي هئي انهي ڪري هن کي غزوه خندق (کاهي واري لڙائي) سڏيو وڃي ٿو. ٻيو ته، انهي لڙائي ۾ ڪافرن جا گهڻا قبيلا، پارٽيون، ٽولا، جٿا گڏ جي مسلمانن سان وڙهڻ آيا هئا تنهنڪري هن لڙائي کي غزوه احزاب (مختلف پارٽين ۽ جٿن جي ويڙهه) به سڏيو وڃي ٿو. اها لڙائي انهن ٻنهي نالن سان تاريخ ۾ مشهور آهي. غزوه احزاب جو احوال قرآن شريف جي سورت احزاب ۾ موجود آهي. انهي سورت تي اهو نالو ئي انهي لڙائي جي احوال سبب پيو.
جڏهن اصحاب سڳورا کاهي کوٽي رهيا هئا ته، پاڻ ڪريمﷺبه کوٽڻ ۾ ساڻن شامل هئا. ڪڏهن ڪو سخت پٿر يا ڪا وڏي ڇپ ڌڪ هڻي ڀورا ڀورا ٿي ڪيائون ته ڪڏهن پٿرن جا جهول ڀري يا ڏلها کڻي ٻاهر ٿي اڇليائون. سخت سردي، اسبابن جي اڻ هوند سبب بک ۽ اڃ ته اصحابن کي بيحال بنائي ڇڏيو هو، پر پوءِ به وڏي عزم، جوش جذبي ۽ همت حوصلي سان پيٽ تي پٿر ٻڌي به کوٽائي جو ڪم ڪندا رهيا.
هڪ اصحابي اچي پاڻ ڪريمن ﷺوٽ بک جي شڪايت ڪئي، ۽ پيٽ تي ٻڌل پٿر به ڏيکاريائين ته پاڻ ڪريمن ﷺجواب ۾ کيس فرمايو ته، مون به ته لڳاتار ڪيترن ڏينهن کان ڪجهه نه کاڌو آهي. تنهنجي پيٽ تي ته هڪ پٿر ٻڌل آهي پر منهنجي پيٽ تي ٻه پٿر ٻڌا پيا آهن ۽ پاڻ قميص جو پلاند کڻي اهي ٻڌل پٿر ڏيکاريائون. اهو ڏسي انهي اصحابي کي سندس بک ئي وسري وئي. هڪ ٻيو اصحابي حضرت جابر اها ماجرا ڏسي برداشت نه ڪري سگهيو، سو سڌو گهر وڃي پڇا ڪيائين ته کائڻ پيئڻ لاءِ ڪجهه آهي يا نه؟ گهر وارن ٻڌايو ته ٻڪري تازو ويائي آهي ۽ ڇيلو ڏنو اٿس. ٻيو جوَن جا ٽي چار سير پيل آهن اصحابي چيو ته، آئون ڇيلو ڪهي کل لاهي صاف ڪريان ٿو ته اوهان جوَن جو اَن پيهي اٽو ڪريو. ٻئي ڪم ٿي ويا ته، حضرت جابر پاڻ ڪريمن ﷺوٽ اچي کين دعوت ڏيندي عرض ڪيو ته، سائين! اسان وٽ ٽي چار سير جوَن جو اٽو، ۽ تازو ڄاول ڇيلو آهي جيڪو ڪهي توهان جي مهماني ڪئي اٿم سو مهرباني فرمائي توهان ۽ ڪي چند ساٿي هلي دعوت کائو. اهو اصحابي اڃا اتي ئي هو ته، پاڻ ڪريمن ﷺاعلان ڪري فرمايو ته، توهان جي دوست جابر توهان جي مهماني ڪئي آهي سو سڀئي ساٿي ڪم ڇڏيو ۽ هلي مهماني کائو. جن اصحابن کي ٽي ڏينهن ٽي راتيون کائڻ لاءِ ڪجهه نه مليو هو. سي هڪ هزار ڄڻا پاڻ ڪريمن سان گڏ حضرت جابر جي دعوت ملڻ تي روانا ٿيا. اهو ڏسي حضرت جابر تڪڙو تڪڙو وڃي گهواري سان اها ڳالهه ڪئي. سندس گهرواري چيس ته، پريشان نه ٿي. تو ته حضرت جن کي دعوت ڏني آهي پر جڏهن پاڻ ڪريمن هڪ هزار اصحابن کي دعوت ڏني آهي ته انهي کي هو پاڻ ئي منهن ڏيندو. جڏهن پاڻ سڳورا ﷺهڪ هزار اصحابن سان گڏ حضرت جابر جي گهر وٽ پهتا ته، حضرت جابر کي فرمايائون ته، جيستائين آئون نه اچان ٻوڙ جي ديڳڙي جو ڍڪ نه لاهجو ۽ مانيون لڳائڻ شروع نه ڪجو. پاڻ ڪريم گهر وڃي ٻوڙ جي ديڳڙي جو ڍڪ لاهي پنهنجي لُعاب (پِڪ) مبارڪ ان ۾ وڌي، ۽ ڳوهيل اٽي جو ڪپڙو لاهي ان ۾ به پنهنجي لعاب لڳائي، ماني تنور ۾ لڳائڻ جي اجازت ڏني. بس پوءِ مانيون تنور مان نڪرنديون ويون ۽ پاڻ ڪريمن ﷺپنهنجي هٿن سان ٻوڙ وڌڻ شروع ڪيو. ٽن ڏينهن جي بکايل هڪ هزار اصحابن کائي خوب ڍو ڪيو، مديني ۾ اوڙي پاڙي ۾ به ٻوڙ ماني ڏني وئي، حضرت جابر جي گهر ڀاتين، مٽن مائٽن به خوب کاڌو، پوءِ به اڳي کان وڌيڪ ٻوڙ به بچي پيو ته اٽو به. پاڻ ڪريمن ﷺجي لعاب مبارڪ سان طعام ۾ برڪت جو اهو معجزو مثال طور بيان ڪيو ويو آهي.
خدا جا شان! کاهي کوٽجي مڪمل ٿي هئي ته، ابوسفيان جي اڳواڻي ۾ ڪافرن جو ڏهه هزار ويڙهاڪن تي مشتمل وڏو لشڪر اچي مديني ويجهو منزل انداز ٿيو. قريشن پنهنجي چار هزار لشڪر جا خيما موجوده البرڪھ نالي جاءِ تي کوڙيا ته، غطفان وارن ڇهه هزار لشڪر جو پڙاء احد جبل جي اولهه طرف ڪيو. ٻئي لشڪر هڪ ٻئي کان ٿوري فاصلي تي هئا. مسلمانن وٽ ظاهري اسبابن جي بيحد کوٽ هئي پر روحاني قوت، ايماني غيرت، اتحاد ۽ اخلاص همت ۽ حوصلو ايترو ته بلند هو جو ويهي ويچارڻ بجاءِ نڪري نروار ٿي اچي ڪفر کي سامهان ٿي بيٺا. جيتوڻيڪ پاڻ ڪريمن صلي الله عليھ و آلھ وسلم لشڪر جي صف بندي کان اڳي ڪي ضروري احتياط اڳ ئي مڪمل ڪري ڇڏيا هئا. جهڙوڪ: مديني شهر ۾ رهندڙ يهودين جي اندروني حملي کان بچاء خاطر مسلمانن جون عورتون، ٻار، پوڙها ضعيف العمر ماڻهو محفوظ جاين تي وٺي رهايا ويا. خاص ڪري حضرت حسان بن ثابت جي ڪوٽ “حصن فارع” ۾ پاڻ ڪريمن ﷺجا حرم پاڪ ۽ بعض اصحابن جون عورتون آڻي رهايون ويون. جن تي مسلمان اصحابن کي پهري تي بيهاريو ويو. علاوه ازين مسلمانن جي گهرن جي حفاظت لاءِ حضرت سلمھ بن اسلم اوسي کي ٻه سو گهڙيسوار دستي جو امير بنائي مقرر ڪيو ويو. زيد بن حارث کي ٽي سو گهوڙيسوار ڏيئي مديني شهر جي اندر هر طرف چڪر هڻي حفاظت لاءِ بيهاريو ويو. ان کان سواءِ قريش ۽ يهودي بنو قريظھ ۾ ڦوٽ وجهڻ ۽ انهن جي سياسي اتحاد ٽوڙڻ لاءِ غطفان قبيلي جو نو مسلم نعيم بن مسعود مقرر ٿيو، جنهن پنهنجي ڏاهپ سان ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي کان بدظن ڪرڻ ۾ سٺو ڪردار ادا ڪيو ته وري حضرت حذيفه بن يمان کي دشمن جي سي آءِ ڊي ڪرڻ ۽ انهن جي هر قسم جي نقل و حرڪت بابت ترت رپورٽ پهچائڻ جي ذميداري ڏني وئي.
جيئن ته ان وقت ڏينهن جو لڙائي ٿيندي هئي ته، رات جو وقفو هوندو هو، سو شوال جي 14_15 تاريخ اڱاري يا اربع جي صبح جو ڪافرن جو لسڪر ڪاهي آيو ۽ لڙائي جو بگل وڄائي جيئن ئي کليل پاسي وٽان چڙهائي ڪيائين ته، هيڏي وڏي کاهي ڏسي حيرت ۾ پئجي ويا. مسلمانن جو لشڪر کاهي جي ٻئي ڪناري تي سامهون ٿي بيٺو. دشمن دنگ رهجي ويا ڇو ته ، 16 فوٽ ويڪري ۽ 11 فوٽ هيٺ اونهي کاهي نه گهوڙا پار ڪري سگهن نه ڪي اُٺ، قريشن ڏاڍا خار کاڌا، پر وس نه هلين، ته پوءِ مديني کي چوڌاري گهيرو ڪري بيهي رهيا ۽ قريشن جا ڪي پهلوان کاهي جي ڪنهن سوڙهي جاءِ وٽان ٽپي اچي مسلمانن جي دوبدو ٿيا ۽ لڙائي لاءِ مسلمانن کي للڪارڻ لڳا ته، عمرو بن عبدود جي للڪار جو جواب حضرت علي ڏيئي کيس سامهون ٿيو ۽ ٻنهي پهلوانن جي هڪ ٻئي تي تلوار بازي شروع ٿي. هڪ ٻئي تي وار ڪندي نيٺ حضرت علي انهي ڪافر عمرو بن عبدود کي تلوار سان اڌواڌ ڪري جهنم رسيد ڪيو. انهي ڪافر کي ڪسندو ڏسي ٻيا ڀڄڻ لڳا ته انهن مان نوفل کاهي ۾ ڪري پيو ته، حضرت زبير بن عوام کيس تلوار سان پورو ڪري ڇڏيو. انهي پهرين جهڙپ کانپوءِ لڙائي جي باقاعده شروعات ٿي وئي. کاهي سبب دوبدو لڙائي ممڪن نه هئي. انهي ڪري ٻنهي لشڪرن جي پري کان هڪ ٻئي تي تيراندازي هلندي ٿي رهي. ڪڏهن گهٽ ڪڏهن وڌ، پر تير هلندا ۽ وسندا ٿي رهيا.
مسلمان ٻه طرفي جنگي محاذ سبب سخت آزمائش ۾ اچي ويا. هڪ طرف مديني شهر ۾ رهندڙ يهودين جي اندروني حملي جو انديشو ته ٻئي طرف مديني شهر کان ٻاهر قريشن جي لشڪر جو زوردار تيرن جو وسڪارو. ان کانسواءِ چوڌاري گهيري ۽ ناڪابندي سبب مديني شهر اندر مسلمانن جي محصور ۽ نظر بند ٿي وڃڻ جي ڏکوئيندڙ صورتحال الڳ هئي.
انهي دوران هڪ ڏينهن حضرت حسان بن ثابت واري ڪوٽ ۾ جتي نبوي خاندان ۽ اصحابن جون عورتون رهيل هيون. هڪ يهودي پليت اندر پئي آيو ته، حضور سائين جن جي پڦي بي بي صفيه سڳوري لوهه جي سيخ کڻي انهي يهودي تي اهڙو ته وار ڪيو جو هڪ ئي ڌڪ سان کيس جهنم رسيد ڪري ڇڏيائين.
لڙائي هلندي ڪافرن لڳاتار تيرن جو وسڪارو لائي ڏنو ته، حضرت طلحھ بن زبير پان ڪريمن ﷺجي حفاظت خاطر سندن آڏو سينو سپر ڪري بيهي رهيو ته ٻيا اصحاب معمول مطابق جوابي تيراندازي ڪندا رهيا. مديني کي ڪافرن جو گهيرو لڳ ڀڳ مهيني تائين جاري رهيو. پڇاڙي وارن ڏينهن ۾ ڪافرن حملو بنهه تيز ڪري ڇڏيو. ايتريقدر جو هڪ ڏينهن پاڻ ڪريمن ۽ اصحابن سڳورن جي عصر نماز به قضا ٿي وئي.
نيٺ حضور سائين جن لڳاتار ٽي ڏينهن سومر، اڱارو، اربع يعني ذوالقعد جي 5 6 7 تاريخ تي مسجد فتح واري جاءِ تي ويهي رب العالمين کي مسلمانن جي فتح ۽ ڪافرن جي ذلت آميز شڪست لاءِ ٻاڏائيندا رهيا. تان جو خميس تي سندن دعا قبول ٿي. فتح جي بشارت ملي ته، پاڻ مرڪندا اصحابن ڏي موٽيا ۽ اچي فتح جي خوشخبري ٻڌايائون.
مسجد فتح واري جاءِ تي پاڻ ڪريمن ﷺجي ڪافرن لاءِ ڪيل بد دعا جو اثر هي ٿيو جو سخت سردي ۾ تيز طوفان ۽ وڻ جهور جهڪ لڳي. جنهن ڪافرن جا تنبو پٽي اکيڙي، ٿانوَ ٿپا، ٽپڙ ٽاڙي اڏائي ڇڏيا. جانور طوفان جي تيزي سبب ڪلا پٽائي ڀڄي ويا. ماڻهو ڇڙ وڇڙ ٿي ويا. ڪو به ڪنهن ڀيڙو نه رهيو. ڪافرن لاءِ ڄڻ قيامت هئي. اهو منظر ڏسي ابوسفيان پنهنجي لشڪر کي مخاطب ٿيو ته، هاڻي هتي ترسڻ بيڪار آهي نه ويهي ٿو سگهجي نه ڪي بيهڻ جي ڀوا. سواءِ ڀڄڻ جي ٻيو ڪو به بلو ناهي. سو آئون ته هلان ٿو. اوهان کي به هلڻ جو حڪم ڪريان ٿو. ابوسفيان اُٺ تي چڙهي اڙي هڻي روانو ٿيو ته لشڪر به سپهه سالار پويان ڀڄڻ ۾ عافيت سمجهي. هن لڙائي ۾ ڪافرن کي ذلت واري شڪست ٿي ۽ مديني وارا محفوظ رهيا. جيتوڻيڪ مسلمانن جا 6 سپاهي شهيد ٿيا ته ڪافرن جا 3 ڄڻا جهنم رسيد ٿيا.
جيئن ته، موجوده مسجد فتح واري جاءِ تي پان ڪريمن ﷺجي دعا قبول ٿي هئي. انهي ڪري انهي جاءِ تي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان مسلمان اچي پنهنجي جائز مقصدن لاءِ دعا گهرندا آهن ۽ قبوليت جي اميد سان واپس ٿي پنهنجون مرادون ماڻين ٿا. اسان به انهي ئي اميد سان دست بدعا ٿي واپس ورياسون.
اڄ 7 محرم 1418هه 13 مئي 1997ع اڱاري تي معمول مطابق مسجد نبوي ۾ حاضري ۽ روضھ پاڪ جي زيارت بعد صبح جي ٿڌي ويل مسجد نبوي جي اڱڻ ۽ ڀرپاسي چهل قدمي پئي ڪيم. چوڌاري نظر ڦيرائي مديني جي جديد تعميرات، بلند بالا عمارتن، ڪشادن روڊن، اتي جي موجوده رهاڪو عربن جي بود باش، رهڻي ڪهڻي، سياسي سماجي لاڙن ۽ مذهبي روين تي سوچيم.