غار حرا جي زيارت:
منهنجي ساٿي جاويد هزاروي تقاضا ڪئي ته، “غار حرا” تي گڏجي هلبو، توهان اڪيلا نه وڃجو. مون کيس وراڻيو ته، پوءِ سڀاڻي ئي زيارت لاءِ هلجي. اسان ٻنهي اربع جي رات انهي مشوري تي اتفاق ڪري، صبح سوير معمولات کان فارغ ٿي 16 ذوالحج 1417هه/23 اپريل 1997ع تي حرم شريف جي ڀر ۾ وين ذريعي روانا ٿياسين. گاڏي واري في ماڻهو 2 ريال ڀاڙو ورتو. وين ۾ ويهارو کن ماڻهو هوندا. نائين وڳي ڌاري اسان جبل نور وٽ پهچي وياسين، جتي “غار حرا” آهي. غار حرا جبل نور جي ٻه هزار فوٽ بلند چوٽي تي آهي. جبل نور مڪي شريف کان اوڀر طرف 3 ميل پري آهي. جنهن روڊ ذريعي اسان جي گاڏي آئي هئي سو “شارع عرفات” سڏجي ٿو، اهو جبل نور کان اڳتي منيٰ وٽان گذرندو عرفات جي ميدان تائين وڃي ٿو. جبل نور وٽ معمولي آبادي آهي جنهن ۾ ڪجهه رهائشي جايون ۽ کاڌي پيتي جي شين جا دڪان آهن. باقي جبل نور جي آسپاس ڪابه زرعي آبادي پوک، فصل ڪونهي. چوڌاري غير آباد جابلو علائقو جتي وڻ ٽڻ جو نالو ڪونهي. البت جبل جي ڍورن ۾ ننڍا ننڍا ٻٻرن جهڙا وڻ جيڪي نه ته ساوا نه ڪي سڪل نظر آيا. جبل تي يا ان جي هيٺاهين ۾ ڇڊو ڇڊو سڪل گاهه ڏسڻ ۾ آيو جيڪو اتي جي ٻڪرين ۽ رڍن پئي چنو. شايد اهو سڪل گاهه به مينهن جي موسم دوران ڦٽو هوندو. انهي کانسواءِ ٻي ڪابه ساوڪ يا وڻڪار نظر نه آئي.
منهنجو ساٿي جاويد هزاروي (پاڪستان) جي جابلو علائقي جو هو تنهن لاءِ جبل تي چڙهڻ ڪا مشڪل ڳالهه ڪونه هئي. سو جڏهن اسان انهي جبل نور تي غار حرا ڏانهن وڃڻ لاءِ تيار ٿي وک وڌائڻ لڳا هئاسون ته، جاويد مون کي کلندي چيو هو ته، “مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيو آهيان.” وراڻيم ته تون برابر ڳوٺ پيو وڃين، پر منهنجي لاءِ هي چڙهائي ته وڏي آزمائش آهي. هن ڪري ته، پهاڙن ۾ پرورش پائيندڙ ۽ ڌرتي جي نرم فرش تي پلجندڙ ماڻهو جي جسماني بناوٽ، مضبوطي، پختگي، طبعي لاڙن ۽ اخلاقي قدرن ۾ فرق هجڻ فطري ڳالهه آهي. جبل ۽ زمين تي پيدا ٿيندڙ ماڻهن ۾ پٿر ۽ مٽي واري طبعي خاصيت جو اثر هوندو آهي. جاويد جبل تي ائين چڙهڻ لڳو جيئن اسان مان ڪو هموار ميدان تي ڊوڙندو آهي. پر آئون احتياط سان وک وڌائيندي جبل جي آڏ تراڇن آهڙن جي وڏين وڏين ڇپن تي چڙهندو مٿي وڌڻ لڳس. ڪنهن اڀ ڪپري جبل جي چوٽي تي چڙهڻ جو هي پهريون تجربو هئم. هن کان اڳ آئون ٽڪرن تي ته چڙهيو آهيان جيئن حيدر آباد سنڌ وارو گنجو ٽڪر پر ڪنهن جبل ۽ ان جي به اڀ ڪپري چوٽي تي چڙهڻ جو پهريون تجربو هو. سنڌ وارا هڪ هزار فوٽ تائين اوچي پهاڙ کي “ٽڪر” سڏين ٿا پر جيڪو هڪ هزار فوٽ کان مٿي آهي ته، ان کي “جبل” سڏين ٿا. ٿي سگهي ٿو ته، اهو ڪنهن جاگرافيائي اصول مطابق هجي.
جبل تي چڙهڻ وقت هڪ ڇپ کان ٻي ڇپ تائين مون کي ساهي کڻڻي ٿي پئي ۽ انهي دوران پاڻ سان گڏ کنيل پاڻي جي بوتلن مان پاڻي جا ڍڪ ڀريندو پئي رهيس ڇو ته انهن ڏينهن ۾ مڪي شريف ۾ گرمي جي ڊگري 42 کي پهچي چڪي هئي. اسان وٽ لوئر سنڌ ۾ 42 ڊگري جي گرمي کي ڇيهه گرمي چيو ويندو آهي ۽ هر هنڌ ان گرمي جي شدت جي دانهن ٻڌڻ ۾ ايندي آهي. پر هتي مڪي شريف ۾ 42 ڊگري واري گرمي اڃا شروعاتي مرحلي ۾هئي. خبر ناهي ته، اتي مڪي ۾ چوٽ جي گرمي جو ڇا حال هوندو. (خدا پناهه ڪري) پڙهندڙ اندازو ڪن ته، جبل نور جي چوٽي ٻه هزار فوٽ بلند آهي جتي غار حرا آهي ۽ منهنجي حالت اها هئي جو چند وکون کڻي ساهي پئي کنيم ته اهڙي صورت ۾ چڙهڻ دوران ڪلاڪ کان به وڌيڪ وقت لڳو هوندو. مون کي ياد ٿو اچي ته، پاڻي جون وڏيون ٽي چار بوتلون پي ويو هئس پر پوءِ به نڙي سڪي ٿي وئي ۽ خشڪي جيڪري زبان تارو سان لڳي ٿي وئي. پر جيئن ته خدا جي سهاري هلي رهيو هئس ته همت ۽ حوصلو اڳتي وڌڻ لاءِ همٿائيندو رهيو. جيئن هڪ فارسي واري چيو آهي ته،
هر آن ڪاري ڪه همت بسته گردد
اگر خاري بود گلدسته گردد.
يعني ڪوبه ڪم همت ڪري ڪيو ويندو ته جيتوڻيڪ اهو ڪم ڪنڊن جهڙو ڏکوئيندڙ هوندو ته به گلن جي گلدستي وانگر نرم ٿي پوندو.
جاويد هزاروي ته تيز رفتاري سان اک ڇنڀ ۾ نظرن کان غائب ٿي ويو پر آئون جڏهن چڙهائي جي وچ تي يعني هڪ هزار فوٽن تي پهتو هئس ته، تمام گهڻو ٿڪجي پيو هئس. تنهن ڪري ڊگهي ساهي کڻڻ لاءِ هڪ وڏي ڇپ تي ٽوال وڇائي ويهي رهيو هئس. جڏهن ڪجهه سامت ۾ آيو هئس ته، گهڙي پل هيٺاهين واري آبادي ڏي نظر ڦيرايم جتي ڪشادا گهر، هلندڙ ڦرندڙ ماڻهو، روڊ تي هلندڙ تيز رفتار سواريون، رانديڪن جيڏيون ننڍڙيون نظر آيون. انهي مشاهدي بعد منهنجي ذهن ۾ هي سوچ آئي ته، جيترو مٿي وڃبو ته، اوترو هيٺ نظر ايندڙ شئي ننڍڙي محسوس ٿيندي. مثال طور جيڪڏهن ڪائنات جي بلندي واري آخري سرحد کان اڳتي ٽپي ڏسبو ته، هي سموري دنيا هڪ نقطي کان وڌيڪ ويڪري ڪانه هوندي.
اها نه رڳو سکڻي سوچ آهي پر حقيقت به آهي ته، دنيا جا سمونڊ، پهاڙ، ست زمينون، ست آسمان، عرش ڪرسي، لوح قلم، مطلب ته ڪائنات جون سموريون ڪشادگيون رب العالمين جي قدرت، وسعت ۽ سندس عظمت آڏو نقطي جي حيثيت رکن ٿيون. يعني جيئن پاڻي جي هڪ ڦڙي کي جيڪڏهن دنيا جي سڀني سمونڊن جي پاڻي سان ڀيٽ ڏجي ته، انهي هڪ ڦڙي جي سمونڊن جي پاڻي آڏو ڪهڙي وسعت ۽ حيثيت آهي، تيئن هي دنيا ته ڇا پر آخرت سميت سڀئي جهان خداوند قدوس آڏو هڪ نقطي کان به گهٽ آهن. ڪائنات جي هر هڪ شئي وڻ ٽڻ، جيت جڙا، پکي پکڻ، ڍور ڍڳا، جهنگلي جانور، جن انسان، ملائڪ ۽ شيطان وغيره جي پيدائش جو منڍ فقط هڪ نقطو/ ٽٻڪو آهي. جيڪو پوءِ نشو و نما جا مختلف ارتقائي مرحلا طئي ڪري پنهنجي صورت جي ڪمال تائين پهچي ٿو. جيتوڻيڪ انهن ٽٻڪن جا مادا مختلف آهن.
جهڙوڪ: پاڻي جي بوند، باهه جي چڻنگ، روشني جو ڪرڻو، مٽي جو ذرو، ريت جو داڻو، چيچڪو يا ان جو داڻو وغيره. پر جڏهن انهن سڀني مادن جي ٽٻڪن کي سامهون رکي مشاهدو ڪبو ته اهي سڀ هڪ نقطي مثل نظر ايندا. عربي ۾ چوڻي آهي ته، “ڪل شئي ير جع اليٰ اصله.” (هر ڪا شئي پنهنجي اصل ڏي موٽندي آهي) انهي ڪري جڏهن به انهن شين تي زوال آيو ۽ فنا ٿي ويون ته، اهي سڀ وري وڃي نقطي جي جاءِ والارينديون. انهي نقطي تي غور ڪرڻ سان ڪيترائي مثبت فڪر پيدا ٿين ٿا. آئون پڙهندڙن جي فڪري رجحان کي اهڙي حقيقت پسندانه زاويه سان سوچڻ لاءِ قرآن شريف جي فرمان “افلايتدبرون” (اهي ڇو نه ٿا سوچين، غور و فڪر ڪن) مطابق ياد ڏياريندي عرض ڪندس ته، اهي پنهنجي ذهن ۾ غور و فڪر جي صلاحيت پيدا ڪن ته ڪيترائي ذهني مونجهارا حل ٿي پوندا. ڳالهه نقطي جي پئي ڪئي سين ته، انهي مناسبت سان مختصر عرض پيش خدمت آهي.