قريشن هٿان بيت الله جي تعمير:
ابراهيمي تعمير جيڪا خود حضرت آدم جي تعمير ڪيل پيڙهن جي نشانن تي ٿيل هئي، سا ڪافي صديون گذرڻ ڪري ڊهي ڍير ٿي وئي هئي. تنهنڪري ڊهي ويل تعمير کي ٻيهر اڏاوت ڪرڻ لاءِ قصي بن ڪلاب ڪوشش ڪئي غالباً اهو 704ع جو زمانو هو. قصي، ساڳي بنيادن تي ڪعبي جي نئين سر اڏاوت ڪرائي جنهن ۾ ڊيگهه، ويڪر ۽ اوچائي جي ماپ ساڳي هئي.
قصي بن ڪلاب جي تعمير کي به اڍائي سو سال گذري ويا ته ڪيترين ئي ٻوڏن جي ڪري ڪعبي جون ديوارون هنڌان هنڌان ڏار هڻي ويون. مٿان وري هڪ واقعو ٿيو سو هي ته، قريشن مان هڪ عورت ڪعبي جي غلاف (پردي) کي خوشبو جو واس ڏيڻ آئي.
اتفاق سان واس ڏيندي ٽانڊن ڀريل سگري مان ڪا چڻنگ وڃي ڪعبي جي پردي کي لڳي ته باهه ڀڙڪي پئي، ۽ ڪعبي جي غلاف سڙڻ سان گڏ ڪعبي جي ڇت ۾ ڪم آندل عمدو ڪاٺ ۽ ڪعبي ۾ رکيل قيمتي سوکڙيون، تحفا، جواهرات وغيره سڀ سڙي ڦلهيار ٿي ويا. انهي ڪري قريشن پاڻ ۾ گڏجي مشورو ڪيو ته هاڻي ڪعبي جي نئين سر مضبوط بنيادن تي تعمير ڪرڻ کپي. طئي ٿيل مشوري مطابق نئين تعمير جي خرچ لاءِ هر قبيلي کان چندو وٺڻ شروع ڪيو ويو، پر سڀني گڏجي هي وچن ڪيو هو ته، ڪعبي جي تعمير لاءِ ناجائز قسم جو پئسو، حرام حلال گڏيل شڪ واري ڪمائي نه ورتي ويندي. اهڙي طرح وياج، رشوت، ڌاڙي، ڦرلٽ، يتيم جي ملڪيت ۽ عورتن جي ڪمائي به ڪعبي جي تعمير لاءِ حرام قرار ڏني وئي. جڏهن ڪافي رقم گڏ ٿي ته، ڪعبي جي پراڻي عمارت ڊاهڻ لاءِ سڀئي قريش قبيلا اچي گڏ ٿيا. انهي دوران اوچتو هڪ اصيل نانگ ڪعبي جي ديوار تي پهريدار وانگر ظاهر ٿي بيهي رهيو، جنهن جو مٿو ۽ منهن ٻڪري جهڙو ٻرندڙ اکيون ۽ سونا سڱ هيس. قريش انهي جي رعب ۽ هيبت سبب ڏڪي ويا ۽ ڪوبه ڪعبي جي ديوارن کي ڊاهڻ لاءِ اڳتي وڌڻ جي جرئت نه ڪري سگهيو. انهي ماجرا کانپوءِ قريشن گڏجي خدا کي ٻاڏائڻ شروع ڪيو ۽ تعمير ڪعبه جي نيڪ نيت جو خدا آڏو عهد۽ اظهار ڪيو. سڀني جي پر خلوص دعائن ۽ آه و زاري کانپوءِ الله تعاليٰ هڪ پکي موڪليو جيڪو انهي وڏي اصيل نانگ کي پنهنجي چهنب ۾ کڻي غائب ٿي ويو. انهي نظاري کانپوءِ قريشن کي يقين ٿي ويو ته الله تعاليٰ کي اسان جي تعمير وارو ارادو منظور آهي ۽ پوءِ سڀ گڏجي ڪعبي جي پراڻين ديوارن ۾ڪم آندل پٿرن کي هڪ هڪ ڪري اکوڙڻ لڳا. تان جو جڏهن ديوارون ڪڍي پٽ برابر ڪيائون ته هيٺ پيڙهه جا بنياد کوٽڻ شروع ڪيائون. ڪافي هيٺ کوٽڻ بعد هڪ سائي پٿر تي وڃي پهتا جيڪو پيڙهه ۾ چوڌاري ائين لڳل هو جيئن موجوده دور ۾ ڊي پي سي جو لينٽر ٻڌندا آهن. جڏهن انهي سائي پٿر کي ٽوڙڻ لاءِ ٽيڪم جو ڌڪ هنيو ويو ته پهرئين ئي ڌڪ سان وڄ وانگر اهڙو ته چمڪاٽ ٿيو جو ڏسڻ وارن جون نظرون کيريون ڪري ڇڏيائين. انهي چمڪاٽ ٿيڻ سان قريشن محسوس ڪيو ته، حضرت ابراهيم جي پيڙهه جو بنياد اهو ئي آهي ۽ چمڪاٽ جو نڪرڻ ٻڌائي ٿو ته، “هاڻي اڳتي نه کوٽيو، بلڪه اتان کان ئي ديوارن جي اوساري ڪرڻ شروع ڪريو”. انهي غيبي اشاري کانپوءِ ڪعبي جي ديوارن جو بنياد تعمير ٿيڻ لڳو.
قريشن جي انهي تعمير وقت حضور ﷺ جن جي عمر مبارڪ 35 سال هئي ۽ سن 605ع هيو ڪن تاريخن 610ع به لکيو آهي. پاڻ سڳورا انهي تعمير ۾ ٻين قريشن سان گڏ شريڪ ڪار ٿي پنهنجي ڪلهن مبارڪن تي پٿرکڻي ڍوئي رهيا هئا. ياد رهي ته ان وقت پاڻ سڳورن کي نبوت عطا نه ٿي هئي. جڏهن ديوارون چيلهه کان به ڪجهه مٿي تعمير ٿي آيون ته حجر اسود کي سندس جاءِ تي (جتي هينئر موجود آهي) لڳائڻ جو وقت آيو ته، هر قبيلي زور ڀريو ته، حجر اسود اسان کڻي لڳايون. اهو ضد ۽ زور ايترو ته وڌيو جو ڳالهه وڃي جهيڙي ۽ خونريزي تائين پهتي، ۽ هر هڪ قبيلي جا نوجوان تلوارون اگهاڙيون ڪري مرڻ مارڻ لاءِ تيار ٿي ويا. چئن پنجن ڏينهن تائين انهي موضوع تي قبيلن جا پاڻ ۾ بحث مباحثا هلندا رهيا. نيٺ قريش سردارن مان ابو اميه ۽ شريف مخزومي سڀني کي هي ڳالهه مڃرائي ته حجر اسود کڻي رکڻ جو فيصلو اهو ماڻهو ڪندو جيڪو صبح سوير سڀني کان پهرين حرم جي باب صفا کان اندر داخل ٿيندو. سڀئي ماڻهو انتظار ۾هئا ته، انهي باب صفا کان صبح سوير ڪير ٿو داخل ٿئي؟!
جڏهن حضور ﷺ صبح سوير باب صفا کان اندر داخل ٿيا ته سڀئي ماڻهو خوش ٿي چوڻ لڳا ته “امين اچي ويو، جيئن فيصلو ڪندو اسان کي منظور آهي.” پوءِ سڀني کين حجر اسود جي کڻي رکڻ بابت اڳ ۾ ٿيل ڳالهين جو ذڪر ڪيو ته، پاڻ فرمايائون ته، هڪ وڏي چادر کڻي اچو. جڏهن چادر آندي وئي ته، پاڻ ڪريمن پنهنجي هٿن مبارڪن سان حجر اسود کڻي چادر جي وچ ۾رکيو، ۽ سڀني کي مخاطب ٿي فرمايو ته، هر قبيلي جو سردار چادر جي ڪناري کان جهلي، پوءِ سڀئي گڏجي مٿي کڻو ۽ ڪعبي جي اڀرندي ڪنڊ تائين کڻي هلو. اتي پهچي پاڻ فرمايائون ته هاڻي توهان سڀئي سردار مونکي پنهنجو نمائندو تسليم ڪريو ته اهو پٿر (حجر اسود) کڻي ديوار ڪعبه جي ڪنڊ تي لڳايان. سڀني چيو ته، اسان توهان کي پنهنجو نمائندو تسليم ڪيو.پوءِ پاڻ سڳورنﷺ پنهنجن هٿن سان اهو پٿر (حجر اسود)چادر مان کڻي ديوار جي ڪنڊ تي لڳايو.
حجر اسود جي لڳڻ کانپوءِ ديوارن جي رهيل تعمير شروع ڪئي وئي. جڏهن ديوارون ڪلهي برابر کڄي ويون ته جمع ڪيل رقم ختم ٿي وئي ته، رڪن غربي(عراقي) واري پاسي کان کنيل ديوار جو ڪجهه حصو لڳ ڀڳ 9 فوٽ ڇڏي، ڪعبي جي اندرئين پاسي کان هڪ نئين ديوار ڏيئي چارئي ديوارون تعمير ڪيون. اهو ڇڏيل حصو حطيم جي نالي سڏيو ويو. ڇو ته، “حطيم” جي معنيٰ ئي آهي ٽٽل/ الڳ ڪيل حصو، جيڪو اڄ تائين ڪماني شڪل جي ديوار جي صورت ۾ موجود آهي.
قريشن ديوارن جي اوچائي حضرت ابراهيم جي تعمير ڪيل ديوارن جي اوچائي کان ٻيڻ تي وڌائي رکي. يعني ته، حضرت ابراهيم جي تعمير ڪعبه جي اوچائي (عمق) ساڍا تيرهن فوٽ هئي ته، قريشن ستاويهه فوٽ ڪئي. ٻيو ته، حضرت ابراهيم ڪعبي جو دروازو پٽ برابر لڳايو هو جيئن عام گهرن جو هوندو آهي، پر قريشن ڪعبي جو دروازو ماڻهو جي قد کان به مٿي ڪري ڇڏيو.
يعني اهڙي نمونه جو دروازي جي هيٺين چانئٺ تي بيٺل ماڻهو جون مٿي ڊگهيون ڪيل ٻانهون به مس پهچن. هينئر به دروازو انهي نموني لڳل آهي.
قريشن دروازو هن ڪري مٿي ڪيو هو ته، جيئن سندن مرضي ۽ اجازت کانسواءِ ڪوبه ڪعبي ۾ داخل نه ٿي سگهي. جنهن کي هو چاهين تنهن کي چاڙهي ذريعي انهي دروازي مان ڪعبي اندر داخل ڪن، نه ته عام ماڻهو اندر داخل نه ٿي سگهي.
قريشن ڪعبي جي اندر ٻن قطارن ۾ 6 ٿنڀا ڪاٺ جا لڳايا، جيڪي حجر اسود کان رڪن يماني تائين يعني اوڀر کان اولهه ٽي ٽي ٿنڀا هئا. هن طرح جو هڪ قطار ۾ ٽي ٿنڀا ته ٻي قطار ۾ ٽي ٿنڀا هئا. ٻيو ته رڪن شامي جي اندرئين پاسي ڪاٺ جي چاڙهي تعمير ڪيائون جيئن انهي چاڙهي ذريعي مٿي ڪعبي جي ڇت تي چڙهي سگهجي.
حضرت ابراهيم واري تعمير ۾ ڪعبي جي ڇت اڏيل نه هئي پر قريشن ڪعبي جي ڇت وڌي. البته حطيم وارو حصو بنا اڏڻ جي ڇڏي ڏنائون جنهن جو حوالو اسان پهرين ڏيئي آيا آهيون.