مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

سعوديه جو ڪسٽم عملو ۽ سامان جي چيڪنگ:

سعوديه جو ڪسٽم عملو ۽ سامان جي چيڪنگ:
بهرحال پاسپورٽ جي انٽري ڪرائڻ وقت اسان جو سامان به جهاز مان لاهي اتي پهچايو ويو هو جيڪو صحيح سلامت مليو ته وري ان سامان جي به ڪسٽم عمله وارن جانچ پڙتال شروع ڪئي. چيڪنگ واري عملي ۾ پڪي ڄمار جا گهٽ البته نوجوان ۽ ڇوڪرا گهڻا هئا، جن مان ڪي ته عارضي طرح حج واري سيزن لاءِ ڀرتي ڪيل معلوم ٿي رهيا هئا، انهي عمله ۾ ڪجهه ڏاڏا به هئا، جن جو مهانڊو ڏسي مون کي ميرن ۽ پيرن جي حاضري ۾ رهندڙ شيدي باشا ياد آيا. گهڻوڪري اسان سنڌي انهن شيدي باشائن کي ڏاڏا ڪري سڏيندا آهيون.
ڪسٽم عمله جي چيڪنگ تمام سخت هوندي آهي. سٿڻ ۽ قميص ته ڪونه ٿا لهرائين باقي ڪپڙن جي ڇنڊ ڇاڻ پوري طرح ڪن ٿا. هونئن به اسان ته احرام ۾ هئاسون انهي ڪري اسان واري گوڏ ۽ پٺن مٿان اوڍيل چادر ته ڇنڊڻ بنهه سوليون هيون. منهنجي سامان ۾ هڪ ته ڪپڙي جي ٺاهيل ڳوٿري هئي جنهن ۾ ڪپڙن جا ٻه جوڙا، هڪ رلي، هڪ فراسي، بستري جي چادر، هڪ وهنجڻ لاءِ ٽوال ۽ هڪ ننڍڙو وهاڻو جنهن جي ڊيگهه هم چورس هڪ فوٽ هئي. ان کانسواءِ هٿ واري ٿيلهي ۾ ڪپڙن ڌوئڻ ۽ وهنجڻ جا ٻه صابڻ، سنوارت جو مختصر سامان، توليه، چپل هڪ ٻه ڪتاب، ٻه ٽي عربي ۾ لکيل مضمون، سفيد پنن جو دستو ۽ ٻه ٽي بال پينون. بس اهو هو سمورو سامان جيڪو ويندي ۽ ايندي بنا ڪنهن گهٽ وڌائي جي ساڳيو رهيو.
چيڪنگ عمله پهرين ڪتاب کولي ڏٺا ۽ پوءِ ان سان گڏ منهنجا عربيء ۾ لکيل مضمون ڏسي پڇيو ته، هي عربي تحريرون تنهنجون آهن؟ مون وراڻيو ته، هائو! عرب شاعر متنبيء تي لکيل عربيء ۾ مضمون بابت چيائون ته، اهو اسان کي عنايت ڪر. مون چيو ته، اسان هتي ڏيڻ نه پر وٺڻ آيا آهيون. باقي ٻيو سامان ته سگهو چيڪ ڪري واپس ڪيائون پر انهن کي منهنجي رليء ۽ وهاڻي ڏاڍو پريشان ڪيو هو. چيڪنگ عمله وارا پنج _ ڇهه همراهه منهنجي وهاڻي ۽ رليء کي ائين گهيرو ڪري بيٺا، جيئن ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽر نازڪ حالت واري مريض کي گهيرو ڪري چيڪ اپ ڪرڻ ۽ ٽريٽمينٽ لاءِ سوچ ويچار ڪندا آهن. آئون چيڪنگ آفيسرن ويجهو خاموش بيٺو رهيس. جڏهن ته منهنجي ساٿين جو سامان مون کان پهرين چيڪ ٿي ويو هو ۽ اهي جانچ ڪندڙ ٽيم کان آجا ٿي ٻاهر منهنجي اچڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا. چيڪنگ وارا پهرين ته رليء جا چٽ گل، بيهڪ بناوٽ، محنت ۽ پورهئي جو جائزو وٺڻ لڳا. هن طرح جو ٻن آفيسرن اها رلي پلاندن کان وٺي کولي کڻي سامهون واري وڏي ميز تي پکيڙي ڇڏي. سنڌ جي رلي ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن لاءِ وڏي دلچسپي جو سبب بنبي آهي. هڪ آفيسر ته جانچ وٺڻ کان پهرين رليء جو يادگار فوٽو ڪڍڻ گهريو پر وٽس ڪئميرا ۾ رول موجود ڪونه هو جنهنڪري هو اها حسرت پوري ڪري نه سگهيو. پوءِ سڀني آفيسرن ميز تي پکڙيل رليء مٿان هٿن جي زور سان چيڪ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ پوءِ ڀر واري مشين تي رکي ڏٺائون، پر ڪنهن به انديشه ظاهر نه ٿيڻ ڪري کڻي واپس ميز تي ڇڏيائون. شايد هنن جو خيال هو ته، ٻن ٽن تهن واري سبيل رليء ۾ ٿي سگهي ٿو ته، ڪا نشي واري شيء يا ڪو خطرناڪ مادو ڀريل هجي. انهي ڪري پئي مشين ۽ هٿن ذريعي جانچ پڙتال ڪيائون. انهي کانپوءِ وهاڻي جي چيڪنگ جو وارو آيو. جيئن ته اسان وهاڻي جي اندر ڪپهه بدران ٻوهه ڀريو هو، ڇو ته ڪپهه چپجڻ ڪري ڳوڙها ڳوڙها ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ سيرانديء هيٺ رکڻ سان ڀترن وانگر ڏکيو لڳي ٿو.
آفيسرن وهاڻي کي نرم شيء سان ڀريل ڏسي پهرين ته هٿن سان زور ڏنو ۽ پوءِ شڪ پيو ته، هن نرم شيء ۾ ڪا نشي واري شيء ڀريل نه هجي. انهي ڪري هڪ آفيسر ڀرسان پيل ڪاتي کڻي وهاڻي جا ٽانڪا وڍيا ۽ پوءِ اندر هٿ وڌائين ته ٻوهه نرم هو انهي ڪري هٿ وجهڻ سان سڄو هٿ ٻوهه سان ڀرجي ويس، پوءِ ته گهٻرائجي فوراً هٿ ٻاهر ڪڍي زور سان ڇنڊڻ لڳو. ڀرسان بيٺل ٻئي آفيسر وهاڻي مان ٻوهه ڪڍي سونگهيو ته ٽئين ڄڻي وري ٻوهه ڪڍي زبان سان چکيو ته ٻوهه چکڻ سان ئي ٿو ٿو ڪرڻ لڳو. آفيسرن لاءِ ٻوهه ڳجهارت بنجي پيو ته مون کين عربيء ۾ هن طرح وضاحت ڪئي ته،
ھذھٖ زھر شجیرۃ یقال لھا بالطب العربی “بلوطی” تنبت فی الجبال و الصحاریٰ۔ نحن اھل السند نصنع من ازھارھا الوسائد لان الوسائد المصنوعۃ من زھر بلوطی و ثمر تھا تبریء الصداع والنزلۃ و الزکام و امراض الدماغ بجعلھا تحت الرأس حین النوم۔ و ان وسائدھا احسن للاتکاء والاستراحۃ لکون لینتھا و ایضاً ارغد للرقود۔
يعني ته، هيء انهي ٻوٽي جو ڦر/ گل آهي جنهن کي عربي طب ۾ “بلوطي” (ٻوهه) سڏيو ويو آهي. اهو نرم ۽ کليل رهي ٿو جنهنڪري اسان سنڌي ماڻهو انهي کي وهاڻن ۾ وجهون ٿا ته جيئن سمهڻ وقت ڪنڌ هيٺان رکڻ سان مزيدار ننڊ اچي. اهڙي طرح ٻوهه جي وهاڻي کي استعمال ڪرڻ سان طبي طور هيء فائدو ٿئي ٿو جو انهي سان مٿي جي سور، نزله، زڪام ۽ دماغ جي بيمارين ۾ به فائدو ٿئي ٿو.
منهنجي انهي وضاحت کانپوءِ آفيسرن پڇيو ته، هن ۾ ڪا نشي واري شيء ته ڪانهي. مون چيو ته بلڪل نه. تحقيقات مڪمل ٿي چڪي هئي پر هو مون کان تعارفي طور ڪجهه پڇڻ لڳا. هڪ آفيسر چيو ته تون پاڪستان جو ٿي ڪري عربي ٻولي چڱي پيو ڳالهائين. ٻئي آفيسر پڇيو ته، تعليم ڪيتري اٿئي؟ مون وراڻيو ته، عربيء ۾ ماسٽر ڊگري (M.A) يعني پوسٽ گريجوئيٽ آهيان. وري پڇيائين ته ڪٿي پڙهيو آهين؟ مون وراڻيو ته، مسڻ وڏيء ۾پڙهيو آهيان. تنهن تي حيرت مان پڇيائين ته اهو وري ڪو نئون ملڪ آهي ڇا؟ مون چيو ته نه، بلڪه اهو سنڌ جو هڪ مشهور تاريخي ڳوٺ آهي. هڪ ٻئي آفيسر پڇيو ته، ڪهڙو ڪم ڪندو آهين؟ مون چيو ته، آئون سيڪنڊري اسڪول ۾ استاد، هڪ ديني عربي مدرسه جو ناظم ۽ ڳوٺ جي جامع مسجد جو خطيب آهيان.
هڪ جانچ آفيسر کي طنز آميز لهجه ۾ عرض ڪيم ته، توهان جي ڪارروائي ته قبر جي منڪر نڪيرن کان به وڌيڪ سخت آهي! تنهن تي وضاحت ڪرڻ لڳو ته، جيڪڏهن توهان وٽ ڪجهه به نه هجي ها تڏهن به چيڪنگ ٿئي ها. ڇو ته هتي (سعوديه ۾) ايندڙ ماڻهن جي سمگلنگ جهڙين ناجائز حرڪتن ۽ منشيات جهڙي انسانيت سوز ۽ مسلم معاشري کي تباهه ڪندڙ ڪاروبار اسان کي اهڙي سخت چيڪنگ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي. بهرحال انهي چيڪنگ واري عمله جي هڪ آفيسر مون کي ٽڙ پکڙ سامان سيٽ ڪرايو ۽ تڪليف جي معذرت ڪئي. مون چيو ته، توهان جي اها ڊيوٽي ۽ ذميداري آهي انهي ڪري اوهان تي اسان جي ڪابه ميار يا ڪاوڙ ڪانهي. نيٺ چيڪنگ کان آجو ٿي اميگريشن وارو دروازو لنگهي ٻاهر آيس ته منهنجا ساٿي منهنجي انتظار ۾ پريشان بيٺل نظر آيا، ۽ چيائون ته، خبر ناهي ته ڪهڙو سامان آندو هئي جو ايڏي دير لڳي! مون چيو ته، جيڪو مون وٽ سامان آهي سو توهان مان ڪنهن وٽ به ڪونهي. انهي ڪري لازمي طرح توهان جي سامان ۽ منهنجي سامان جي چيڪنگ ۾ وقت لڳڻ جو ضرور فرق ٿيندو.
سانجهيء نماز جو وقت ٿي چڪو هو، ڀرسان لڳل واٽر پمپ تان وضو ڪري گڏجي نماز پڙهي سون. دوستن جي چوڻ تي فرض نماز جي امامت ڪيم ته هڪ ٻه عرب به اسان جي جماعت ۾ شامل ٿي ويا. نماز کان واندا ٿي گهڙيء پل لاءِ ساهي پٽي سون.
سرچ لائٽن ۽ مرڪيوري بلبن جي تيز روشني سبب جده ايئرپورٽ تي جمع ڏينهن واري سج لهڻ بعد رات جي اونداهي پنهنجي تاريڪ پردي کي پوئتي هٽائي ڏينهن جو ڏيک ڏيئي رهي هئي.