جبل نور ۽ سوچ جي ڌارا:
جبل نور تي ساهي کڻندي انهي نقطي جي پس منظر ۾ سوچيو هئم ته، قرآن شريف جا اڪثر تفسير لکن ٿا ته، قرآن جي ٽيهن سيپارن جو خلاصو سورت فاتحه (الحمد شريف) آهي. سورت فاتحه جو خلاصو بسم الله آهي. بسم الله جو خلاصو “ب” آهي. “ب” جي سڃاڻپ نقطو آهي. انهي نقطي ۾ ڪيئي راز سمايل آهن. جن کي عابد زاهد، سالڪ صوفي، فيلسوف ۽ عالم پنهنجي پنهنجي صلاحيت، فهم و فراست پٽاندر پروڙين ۽ پرکين ٿا. اهو نقطو وحدت جي علامت آهي. جيڪڏهن انهي نقطي جي نسبت خالق ڪائنات ڏانهن ٿيندي ته، انهي جي وحدانيت/ هيڪڙائي ڏي اشارو ٿيندو. پر جي انهي نقطي جي نسبت مخلوقات الاهي خاص ڪري انساني مخلوق ڏانهن ڪئي وڃي ته، مخلوقات جي هڪ ٻئي سان مساوات/ برابري واري رشتي ۽ انساني وحدت ڏي اشارو ٿيندو. جنهن مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته، سڀني جو خالق اڪيلو هڪ الله آهي.
انهن سڀني جي ضروريات زندگي جو ڪفيل، رزق روزي جا اسباب مهيا ڪندڙ، سڀني جي موت ۽ حياتي جو مالڪ اڪيلي هستي وحده لاشريڪ آهي.
هڪ حديث ۾ آهي ته، “الخلق عيال الله” سموري مخلوقات خدا جي آڪهه مثل آهي. جيتوڻيڪ اللهتعاليٰ انساني رشتن، خانداني قرابتن، مخلوقات جي مڙني اوصافن ۽ گهرجن کان پاڪ آهي. ان جي ڪابه آڪهه ناهي. پر هڪ مثال ڏيئي سمجهايو ويو آهي ته، ڪفالت واري نسبت سان مخلوقات خدا جي آڪهه آهي. ڪائنات جي دائري ۾ رهندڙ هر هڪ مخلوق، انهي آڪهه جو ڀاتي آهي. انهي ڪري عقل سليم جي تقاضا هي آهي ته، مخلوق جو ڪوبه فرد، ٻئي فرد سان، مخلوق جي ڪابه جنس ٻي جنس سان ظلم نه ڪري. اسان جڏهن انهي نقطي تي غور ڪندي ان جي نسبت انساني مخلوق ڏانهن ڪنداسين ته، انهي سان انساني وحدت ۽ مساوات جو تصور سامهون ايندو. پر انهي فڪر کي جڏهن پنهنجي معاشري سان ڀيٽيون ٿا ته، انساني سماج ۾ هٿرادو پيدا ڪيل طبقاتي نظام جي از خود نفي ٿي وڃي ٿي، ۽ انهي جو غير فطري هئڻ ثابت ٿي وڃي ٿو. توهان خود سوچيو ته، جڏهن مخلوقات خدا جي آڪهه مثل آهي ۽ سڀني جي ڪفالت، ضروريات زندگي جي پوري ڪرڻ وارو، انهن جي معاشي، اقتصادي وسيلن ۽ اسبابن مهيا ڪرڻ وارو اڪيلو الله آهي ۽ رب تعالي جي پيدا ڪيل روزي جي سڀني وسيلن ۾ سموري مخلوق جا فرد برابري جي بنياد تي ڀاڱي ڀائيوار آهن ته، پوءِ انساني سماج ۾ اوچ نيچ ڇو آهي؟ روزي جي تقسيم ۾هٿرادو اڻ برابري ڇو آهي؟ هڪڙا دولت جي ڍير تي نانگ بڻيا ويٺا آهن ته ٻين لاءِ ويلي تي کائڻ لاءِ ڀور ڳڀو به ڪونهي، سو ڇو؟ ننڍ وڏائي ڇو آهي؟ انهي طبقاتي سسٽم جو ڪهڙو جواز آهي؟ ڇو ته انساني مساوات (جنهن کي خود اسلامي مساوات جي مڪمل تائيد حاصل آهي) جي تقاضا آهي ته، انسانيت جا چند فرد پنهنجي هٿرادو مڙهيل قانونن ذريعي جيڪو سموري انساني سماج جو استحصال ڪن ٿا سو سراسر غير فطري آهي. اهي استحصالي فرد پنهنجي خود ساخته قانون کي پوري سماج تي لاڳو ڪري ان جو ادب احترام، پاسداري ۽ پابندي ڪرائيندي ان کي ”مقدس صحيفي“ مثل مڃرائن ٿا. جيڪڏهن ڪو سڌارڪ سوچ وارو اهڙي غير فطري نظام ۽ قانون کي مڃڻ کان انڪار ڪري ٿو ته، ان کي باغيانه سرگرمين ۾ملوث غلط پروپيگنڊا ڪندڙ، منفي سوچ رکندڙ، قوم جو ويري، شر پسند عناصر، نفرت پکيڙيندڙ، تخريبڪار، امن ۾ وڳوڙ پيدا ڪندڙ، انساني ايڪي ۾ ڏڦيڙ وجهندڙ، ملڪي سالميت ۽ سماج جو دشمن، ديش دروهي، فتني فساد جو ٻج ڇٽيندڙ قرار ڏيئي کيس مجرم ثابت ڪري ڦاسي تائين پهچائي ان جي انجام کي ٻين لاءِ عبرت بنايو وڃي ٿو.
جيڪڏهن طبقاتي سسٽم کي هٿي ڏيندڙ ۽ انهي جون پاڙون پختيون ڪندڙ ڌرين جي فڪر و عمل جو لاڙو اهڙي سوچ ڏي ٿي پوي جنهن ۾ مساوات جو فارمولا ڪارفرما هجي ته، پوءِ سماج ۾هلندڙ طبقاتي سسٽم پاڻمرادو ختم ٿي وڃي.
سوچن جي انهي سلسلي کي هڪ نقطي ۾ سميٽي آئون وري مٿي جبل تي چڙهڻ لاءِ هڪ ڇپ کان ٻي ڇپ ڏانهن وڌڻ لڳس.