ابتدابنام خدا
بسم الله الرحمان الرحيم
انسان پنهنجي زندگيء ۾ ڪَئين سانوڻ ۽ سيارا ڏسي ٿو. ڪڏهن بهار جون هيرون ۽مينهوڳي جون ٿڌيون هوائون ٿيون لڳن، ته ڪڏهن باهه جا اُلا وسائيندڙ اونهاري جون لوساٽيندڙ لُڪون.
زندگيء ۾ جڏهن به ڪو سڻائو واءُ لڳندو آهي ته انسان جو بخت بالا ٿيو وڃي ۽ سندس قسمت ڪر کڻي اهڙو ڏيهه ڏيکاريندي اٿس جنهن جو اولڙو نه خواب ۾ ڏٺو هوندائين نه ڪي سندس خيالي اڏام جي ان تائين رسائي ٿي سگهي هوندي. اهي ته مقدر جا کيل آهن جن جي باري ۾ اڳواٽ اڳڪٿي ڪرڻ ڪنهن جي به وس ڪونهي. خبر ناهي ته، حياتيء ۾ اڃا به ڪهڙا مرحلا ۽ منزلون اچڻيون آهن، تنهن لاءِ ڪوبه تبصري جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي.
انسان جي زندگي مسلسل سفر جي حيثيت رکي ٿي. جنهن جو مثال ڏينهن ۽ رات جو چڪر ڦيرو آهي. انهيء ڦيري سبب زندگيء جو گاڏو اڻ ڄاتل منزل ڏانهن نان اسٽاپ سواري وانگر فل اسپيڊ هلندو رهي ٿو. ڪوبه ماڻهو پوري ڄمار ڇونه هڪ ئي ڳوٺ ۽ هڪ ئي گهر ۾ رهندڙ هجي پر پوءِ به سندس عمر لڳاتار سفر ۾ هوندي آهي. ڏسو ڪونه ٿا ته انهيء ئي ڦيري سبب پينگهي ۾ پيل ٻار جوان ٿيو وڃن، ته جوان پوڙها ٿيو وڃن، ۽ پوڙها وري قبرن حوالي ٿي ويندا آهن. جيتوڻيڪ موت ٻارن، توڙي جوانن يا پوڙهن سڀني تي اچي ٿو پر عام طرح عمر جي لحاظ کان انسان جي پڄاڻي پوڙهپڻ تي ٿيندي آهي.
منهنجو مطلب هو ته، زندگي هڪ لاڳيتو سفر آهي. پوءِ ڪي سفر خير ٿا ڳڻجن ته ڪي وري سفر شر. الله تعاليٰ اسان کي سفر شر (برائي جي نيت سان ڪيل سفر) کان پناهه ۾ رکي ۽ سفر خير جي توفيق بخشي. آمين.
منهنجي 38 ساله زندگي ۾ ڪيئي واءُ سڻاوا لڳا ته ڪيئي اَڻاوا. تازو هڪ اهڙو سڻائو واءُ لڳو جنهن مون کي اهڙي ماڳ پهچايو جتي پهچڻ منهنجي وس کان ٻاهر هو. يعني ته قدرت پنهنجي ڪرم سان مسڻ کان مڪي، مديني تائين پهچائي ڇڏيو. جيئن ته هن مادي دنيا ۾ اسباب کان سواءِ ڪابه شيء حاصل ڪرڻ يا ڪنهن جاءِ تي پهچڻ ممڪن ئي ڪونهي، انهيء ڪري مون پاڻ لاءِ اها ڳالهه محال پئي سمجهي. پر جيڪو رب ڪائنات جي مڙني اسبابن جو خالق ۽ مالڪ آهي تنهن جي قدرت ۽ وس کان ڪابه شئي ٻاهر ڪونهي. انهي ئي ٻاجهاري ازخود اسباب پيدا ڪري مون تي پڌرو ڪيو ته جيڪو ڪم ٻانهي لاءِ مشڪل ۽ محال آهي سو خالق ڪائنات جي ارادي سان ئي پل کن ۾ پورو ٿيو وڃي.
قدرت پنهنجي عجيب ڪارسازيء سان اهو عظيم احسان هن طرح ڪيو جو هڪ اهل خير شخص جي دل ۾ هيء ڳالهه وڌائين جو هو مون (محمد يامين) کي حج تي موڪلڻ لاءِ گهربل سفر خرچ ۽ ضروري بندو بست ڪري. ٿيو هينئن جو محترم مولانا محمد صادق سومري جنهاڻ واري (جنهن جي شفقت جو پاڇو مون تي هميشه سايه فگن رهيو آهي.) مون ڏي حافظ ڪريم ڏني مهيري کي موڪليو ته، “جيڪڏهن حرمين جي زيارت، حج ۽ عمري جو ارادو هجئي ته تيار ٿي اچ تولاءِ قدرت پاران هيء اڻ لڀ موقعو آهي” حضرت مولانا سومري جي انهي پيغام ٻڌڻ کانپوءِ مون سوچيو ته، انهيء کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي خوشخبري ٿي سگهي ٿي. سو نياپو ملندي ئي ٽوال ڪلهي تي رکي اٿي بيٺس ۽ انهي سڏ تي لبيڪ چئي، آيل همراهه جي ٻڌايل پروگرام مطابق محترم مولانا سومري وٽ وڃي حاضر ٿيس، جيڪو ان وقت سٽيزن ڪالوني حيدر آباد ۾ ترسيل هو. مولانا جن فرمايو ته، “هڪ ماڻهو مون کي هيء پيشڪش ڪئي آهي ته ڪو مناسب شخص چونڊيو ته جيئن ان کي في سبيل الله حج تي موڪلجي. مون توهان کي منتخب ڪيو آهي جيئن ته پيشڪش ڪندڙ همراهه جي رهائش ڪراچيء ۾ آهي انهيڪري حج فارم ڀرائڻ لاءِ توکي مون سان گڏ ڪراچيء هلڻو پوندو.”
مون وراڻيو ته سائين آئون بلڪل تيار آهيان. سٽيزن ڪالونيء ۾ رات رهي صبح سوير ڪراچيء روانا ٿياسون. واٽ تي مولانا سومري صاحب ٻڌايو ته، “اسان توهان کي ماما حاجي عبد الخالق سومري جي طرفان حج تي ويندڙ ماڻهن سان گڏ موڪلڻ گهرون ٿا ته جيئن توهان کي سفر ۾ سهولت ٿئي. ماما حاجي سندس مڪه جي هڪ دوست کي فون ذريعي آگاهه ڪري پارت به ڪري ڇڏي آهي. انهيء ڪري توهان کي خدا جي مهرباني سان ڪابه تڪليف نه ٿيندي.” ڪراچي پهچڻ تي ٽيڪسي ذريعي حاجي عبدالخالق سومري جي گذري واري بنگلي تي پهتاسون جتي هارون پٺاڻ هزاره وارو موجود هو ساڻس ملياسون. هارون پٺاڻ حاجي عبدالخالق سومري جو اڳوڻو ڊرائيور هو جنهن زندگي ڀر حاجي عبد الخالق جي نوڪري ڪئي، پوڙهي ٿي وڃڻ تي رٽائر ڪيائين هينئر حاجي صاحب، هارون کي ڳوٺان گهرايو هو ته جيئن کيس حج ڪرائي. سو هارون به حج جو فارم ڀرائڻ ۽ منهنجو سفرحج جو ساٿي بنجڻ لاءِ آيل هو. اڳين ۽ وچين نماز کانپوءِ حج جي ٻين ساٿين جي اچڻ جو انتظار ڪيوسون، جن کي انهي ئي بنگله تي اچڻو هو. نيٺ سانجهي نماز ڌاري رهيل ٻه ساٿي رحيم ڏنو سمون ۽ عبد الغني سومرو (جنهن کي سندس مائٽ رئيس عبد الغني ڪري سڏين ٿا) پهتا ته ساڻن ملي حالي حوالي ٿياسون. صبح جو پاسپورٽ سائز فوٽو ۽ سڃاڻپ ڪارڊ جون فوٽو ڪاپيون ڪڍرايون سون.
مولانا محمد صادق سومري صاحب مون کي ٻڌايو ته “توهان جي سفر حج جا جمله اخراجات حاجي محمد عيسيٰ ولد حاجي عبدالخالق سومري جي حوالي ڪيل آهن. هاڻي انهي جو سڀني کي انتظار آهي جيئن ئي پهتو ته توهان چئني جا حج فارم گڏ ڀربا. فارم گڏ ڀرائڻ سبب توهان هڪ ئي گروپ شمار ڪيا ويندؤ.”
اڃا اڳين نماز پڙهي واندا ٿيا هئا سون ته مولانا سومري صاحب مون کي مخاطب ٿي فرمايو ته،“شهر مان ڪا خريداري ڪرڻي هجئي ته هل.” مون عرض ڪيو ته، “سائين! خريداري جا شوق مون کي اصل کان ڪونهي. البت هڪ شوق اٿم ته جديد عربي ٻولي جا ڪي رسالا، اخبارون يا ڪتاب خريد ڪريان.” تنهن تي مولانا سومري صاحب فرمايو ته، “پوءِ ضرور هلبو”. بس اها ڳالهه ڪري اچي گذري واري اسٽاپ کان مني بس ۾ ويٺاسون، جنهن اچي صدر پهچايو. صدر واري علائقي ۾ شاهراهِ عراق ويجهو عربي رسالن جي هڪ مشهور ايجنسي آهي. عرب ملڪن مان نڪرندڙ عربي/ انگريزي رسالا ۽ روزانه اخبارون اتي پهچن ٿيون جتان خريدارن ڏي يا بڪ اسٽالن ڏي موڪليون وڃن ٿيون.
ايجنسي جي هڪ وڏي هال ۾ عربي رسالن ۽ اخبارن جا دڙا لڳا پيا هئا. مون پنهنجي پسند جا ٽي، چار رسالا خريد ڪيا. ايجنسي جي مينيجر زور ڀريو ته، “توهان اسان جي عربي رسالن يا اخبارن جا مستقل خريدار بنجو”. مون وراڻيو ته، “اسان فقيرن وٽ ايترو پيسو ڪٿي آهي جو عربي رسالن ۽ اخبارن جا خريدار بنجي هڪ هڪ رسالي جا هزارين روپيا سال جو چندو ڏيون.”
پڙهندڙن مان جيڪڏهن ڪو صاحب انهي ايجنسيء سان رابطو ڪرڻ گهري ته ايڊريس هي آهي.
پيراڊائز بڪ اسٽال 148، شمڀو ناٿ روڊ صدر ڪراچي.پوسٽ ڪوڊ 74400 فون نمبر: 5683494.
اتان واپس ٿي گذري پهتاسون. وچين نماز کان پوءِ جناب حافظ محمد صديق ميمڻ (مالڪ علمي پرنٽرس ڪراچي) ۽ جناب ڊاڪٽر ابو سلمان سنڌي سان فون تي رابطو ٿيو. جڏهن ته مدرسه مظهر العلوم کڏو ڪراچي جو فون نمبر نه هئڻ ڪري اتي جي دوستن سان رابطو نه ڪري سگهيس. ٿوري دير کان پوءِ حاجي محمد عيسيٰ به پهچي ويو ته، اسان جي انتظار جون گهڙيون ختم ٿيون. رات جو دوستن جي رس رهاڻ ٿي ۽ صبح جو نيرن پاڻي کان واندا ٿياسون ته حاجي محمد عيسيٰ پنهنجي ڪار ۾ اسان چئني ساٿين کي پاڻ سان وٺي وڃي حبيب بينڪ پهچايو هر هڪ شخص جا چار چار فارم براءِ حج ڀريا ويا جن سان شناختي ڪارڊ جون چار ڪاپيون ۽ 20 عدد پاسپورٽ سائيز فوٽو به چنبڙايا ويا.
فارمن تي اسان کان صحيحون وٺي ڪلاڪ کن کانپوءِ اسان کي واندو ڪيو ويو. اهو ڏينهن سومر ۽ 4 نومبر 1996ع جي تاريخ هئي.
حج فارم جمع ڪرائڻ کان واندا ٿي اسان سڀ ڪار ۾ ويهي واپس سومرا هائوس گذري ڏي روانا ٿياسون.
واٽ تي حاجي عيسيٰ سومري ٻڌايو ته، توهان مان هڪ هڪ جا66600 (ڇاهٺ هزار 6 سؤ) روپيا جمع ڪرايا ويا. يعني اهو حج جي سفر جو ٽوٽل خرچ هو جيڪو اڳواٽ جمع ڪرايو ويو.
ياد رهي ته حڪومت پاڪستان جي مذهبي معاملن واري وزارت پاران حج پاليسي96ع جي اعلان مطابق، ڪراچي کان هوائي رستي ويندڙ هر حاجي کان ريگيولر اسڪيم تحت حج لاءِ جملي خرچ ۽ ڪرايه وغيره جا =/60897 (سٺ هزار اٺسؤ ستانوي) روپيا، ۽ اسپانسرشپ اسڪيم تحت =/ 62058 (ٻاهٺ هزار اٺونجاهه) روپيا ورتا ويندا. جڏهن ته حج درخواست فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ، ريگيولر اسڪيم وارن لاءِ 30 آڪٽوبر 1996ع ۽اسپانسر اسڪيم وارن لاءِ14 نومبر 1996ع هئي.
بهرحال مون مولانا محمد صادق سومري ۽ ٻين سڀني ساٿين کان موڪلايو ۽ بس ذريعي ڳوٺ مسڻ وڏي پهتس. گهر جي سڀني ڀاتين کي ٻڌايم ته، “آئون هڪ نيڪ مرد جي تعاون سان حج جو فارم ڀري آيو آهيان، جي رب سائين کي منظور هوندو ته، هن ئي سال حج جي عظيم سعادت ۽ روضي پاڪ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي زيارت جو شرف ماڻيندس پر جي نه ته، جڏهن مٿان منظوري ملي.