مسجد قبا جي زيارت:
مطالعي لاءِ مقرر وقت تائين استفاده ڪندو رهيس. پوءِ اٿي جاءِ ڏي روانو ٿيس. جتي پهچڻ تي خبر پئي ته، ساٿي زيارت جو پروگرام ٺاهيو ويٺا آهن، رڳو منهنجو انتظار هو. سو ايندي ئي چيائون ته، جلدي تيار ٿي ته، پاڻ مسجد قبا ڏي هلون. وراڻيم ته فقيرن جي ڪهڙي تياري. پاڻ ته، تيار ئي تيار آهيون. جاءِ کان ٻاهر اچي شارع السح تي بيٺاسون. جتان ٽيڪسي ڪري چند منٽن ۾ مسجد قبا پهتاسون. ٽيڪسي وارو ڏهه ريال وٺي وري ٻيا پاسينگر واپسي کڻي رمندو رهيو.
مديني جي آبادي هاڻي مسجد قبا تائين پهچي وئي آهي، ۽ مسجد تائين پڪيون شاندار عمارتون ٺهي ويون آهن.
اسان مسجد قبا جي احاطي ۾ ساڍي ڏهين وڳي پهتاسون. وضو ڪري مسجد اندر داخل ٿيا سون ته ڏسڻ ۾ آيو ته، مسجد جي اڏاوت واقعي اسلامي فن تعمير جو اڻ لڀ مثال هئي. مسجد ڪافي ڪشادي ۽ ان جي عمارت بنهه بلند آهي. نفل ادا ڪرڻ بعد مسجد جو تفصيلي ديدار ڪيوسين.
مسجد جو فرش قيمتي پٿر ۽ سنگ مر مر جو ته، خوب صورت منبر به سنگ مر مر جو آهي. مسجد ۾ ايئر ڪنڊيشن، مسجد سان ملحق لائبريري، مسجد جي ملازمن لاءِ رهائشي ڪمرا، باغيچي وغيره جهڙيون سموريون سهولتون موجود آهن. مسجد مٿان مختلف ننڍا وڏا 56 گنبذ آهن، جن مان 6 وڏا گنبذ (قبا) آهن. مسجد جي ڪنڊن تي چار وڏا مينار آهن، جيڪي ڏسندڙن کي پري کان پاڻ ڏي پيا ڇڪين. هر هڪ مناري جي اوچائي 42 ميٽر (يعني سوا سو فوٽ کان به وڌيڪ) آهي. مسجد جي موجوده عمارت ترڪن جي ٺاهيل آهي البت سعودي حڪومت ان جي مرمت ۽ توسيع ڪئي آهي. سعودي توسيع کانپوءِ مسجد جي ايراضي پنجوڻ تي وڌي 6000 هزار چورس ميٽر ٿي وئي آهي. مسجد جو اندريون محراب تيونس حڪومت ٺهرايو آهي. مسجد جي اندر بيهي ڇهن وڏن قبن جي اندروني بناوت، ڊزائن وغيره ڏسي، مون کي ياد آيو ته، ميرپور خاص جي اسٽيشن واري جامع مسجد جي قبن جي اندروني بناوت به ساڳي هن مسجد قبا جي قبن جهڙي آهي. ٿي سگهي ٿو ته، رازو مسجد قبا ڏسي ويو هجي ۽ پوءِ انهي نقشي مطابق وڃي ميرپور خاص ۾ قبا ٺاهيا هجنس. و الله اعلم.
مسجد جي محراب تي هي آيت لکيل هئي ته،
لمسجد اسس علي التقويٰ.............(سورت توبه آيت نمبر 108)
ترجمو: “جيڪا مسجد پهرئين ڏينهن کان ئي تقويٰ تي قائم ڪئي وئي آهي، اها ئي هن ڳالهه جي وڌيڪ حقدار آهي ته تون انهي ۾ عبادت (نماز وغيره) لاءِ بيهين.” انهي آيت هيٺان هي حديث لکيل هئي ته، قال النبي ﷺ، من تطهر في بيته ثم اتي مسجد قبا فصليٰ فيه صلواةً ڪان له ڪاجر عمرة. ترجمو: نبي سڳوري فرمايو ته، جنهن ماڻهو پنهنجي گهر چڱي طرح پاڪائي ڪئي، پوءِ مسجد قبا ۾ اچي نماز پڙهيائين ته، انهي لاءِ عمره جيترو اجورو آهي.
مسجد جي ورانڊي ۾ ڏٺم ته، هڪ ٿلهو متارو همراهه وڏو ناسي جبو پايو ڪرسي تي ويٺو آهي شايد مسجد جو ملازم هو، ويجهو وڃي ڏسان ته، نابين هو. سلام ڪري هٿ ڏنو مانس ۽ خوش کينڪار ڪيم ته، خوش ٿي پاڻ به گرم جوشي سان مرحبا ڪيائين ۽ وڌيڪ پڇيائين ته، پاڪستاني آهين؟ هائوڪار ڪيم ته خاموش رهيو، ۽ اسان اڳتي وڌي اڱڻ تي آياسون. دوستن کان ٻڌو هئم ته، مسجد قبا جي اڱڻ تي اهو محراب اڃا تائين موجود آهي جيڪو مٿي ٻڌايل آيت جي نازل ٿيڻ جي پڪي نشاني آهي. انهي محراب جي سامهون ٿورو کٻي طرف اها جاءِ به نشان ڪيل آهي جتي پاڻ سڳورن جي ڏاچي قبا ۾ اچڻ وقت ويٺي هئي. مون کي اهڙي ڪابه نشاني نظر نه آئي. ٿي سگهي ٿو ته، اهي نشانيون انهي دور جون هجن، جڏهن فرش ڪچو هو. پر هاڻي ته، سنگ مر مر لڳڻ سبب اهي نشانيون ميٽجي ويون آهن. اهڙي طرح چون ٿا ته، مسجد جي اڀرندي ڪنڊ ۾ پهرين هڪ سوراخ هو، جيڪو هن ڳالهه جي نشاني هو ته، جنهن وقت پاڻ سڳورن ۽ صحابه ڪرام هٿان تحويل قبله کانپوءِ ٻيو ڀيرو تعمير ٿي رهي هئي ته، حضرت جبريل انهي پاسي کان اچي ڪعبو سامهون ڪيو هو ته جيئن قبله جو رخ صحيح ٿئي. ڇو ته پهرين تعمير ۾ قبلو مسجد اقصيٰ/ بيت المقدس ڏانهن هو ۽ خود پاڻ سڳورن انهي طرف قبلي جو رخ مقرر ڪيو هو.
اسلامي تاريخ ۾ مسجد قبا کي خصوصي اهميت حاصل آهي. ڇو ته، هن مسجد سان سيرت طيبه جو اهو سونهري باب وابسته آهي جنهن کان سواءِ اسلامي تاريخ يا سيرت جو تذڪرو اڌورو آهي. انهي ڪري اسان انهي شاندار ماضي ڏي رجوع ڪريون ٿا، جيڪا هن مسجد جي وجود لاءِ پيڙهه جو پٿر آهي. مڪي شريف جي غار ثور کان سومر ڏينهن 1_ ربيع الاول سن 13 نبوي مطابق 16 سيپٽمبر 622ع تي پاڻ ڪريمن جي هجرت واري سفر جي شروعات ٿي هئي. جنهن جو اطلاع مديني جي مسلمانن کي ڪن واٽهڙن هٿان ملي ويو هو، سو روزانو سندن استقبال خاطر قبا جي ڀر وارين پهاڙين تي چڙهي پسار پيا ڪندا هئا. جڏهن سج جي گرمي تيز ٿي ويندي هئي ته، موٽي گهرن ڏي هليا ويندا هئا. عظيم پيغمبر جهڙي انتهائي معزز مهمان لاءِ سندن اکيون واٽون واجهائيندي اوسيئڙي ۾هونديون هيون ته، ڪڏهن ٿو اهو رحمت للعالمين مديني جي ڌرتي تي قدم ڌري ۽ ديدار جو شرف بخشي! مديني ۽ قبا جا رهاڪو يهودي وغيره، مسلمانن جي اها بيتابي روز پيا ڏسندا هئا. ربيع الاول جي 8 تاريخ سومر ڏينهن قبا ڳوٺ جا ننڍا وڏا ٻار ٻڍا معمول مطابق سيد المرسلين جي آجيان لاءِ پهاڙين جي چوٽين تي بيهي بيهي راهون تڪي، گرمي جي وڌڻ تي موٽي گهرن ڏي هلياويا هئا ته، سيد المرسلين ﷺ جي سواري سندس سر ويچ ساٿي صديق اڪبر ۽ ٻين سميت “ثنيات الوداع” (مهمانن کان موڪلائڻ وارا لڪ) وٽان جلوه افروز ٿي ته، اتي موجود ڪنهن يهودي قبا وارن کي سڏڪندي چيو ته، “اي عربو! توهان جو ڏاڏو اچي ويو جنهن جو اوهان کي ايامن کان اوسيئڙو هو.” اهو سڏ ٻڌندي ئي مسلمان خوشي مان ڊوڙندا آيا. ڪيترا ته انهن ۾ اهڙا به هئا جن رسول الله ﷺ کي روبرو ڏٺو به نه هو بلڪه پرپٺ مٿس ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيا هئا، سي سڃاڻي نه پيا سگهن ته صديق اڪبر ڪهڙو ته، سيد المرسلينﷺ ڪهڙو؟ انهن جي مونجهاري لاهڻ خاطر حضرت صديق اڪبر پنهنجي چادر سان سيد المرسلين مٿان ڇانو ڪري بيٺو، بس پوءِ ته، بنا ڪنهن ويچار جي ٻنهي جهانن جي سردار سان هٿ ملائيندا مرحبا مرحبا چوندا ويا.
رحمت للعالمين جي قبا ۾مهمان ٿي اچڻ تي، قبا ڳوٺ جي گهٽي گهٽي ۾ هي گيت گونجڻ لڳو، ٻار ٻڍو جهونگارڻ لڳو ته،
1. طلع البدر علينا من ثنيات الوداع
2. وجب الشڪر علينا مادعا لله داع
3. ايها المبعوث فينا جئت بالامر المطاع
4. جئت شرفت المدينه مرحبا يا خير داع
ترجمو:
1. پهاڙين جي لڪن تان (جتان مهمانن کي الوداع ڪيو وڃي ٿو) اسان تي چوڏهين جو چنڊ اڀري آيو آهي.
2. جيستائين دنيا ۾ الله جي راهه ڏي سڏڻ وارو هڪ به ماڻهو موجود هوندو، تيستائين اسان تي انهي هستي جو شڪريو بجا آڻڻ لازمي آهي.
3. اي اسان ڏانهن موڪليل پيغمبر! تون اهڙو حڪم کڻي پهتو آهين جيڪو تابعداري جي لائق آهي.
4. تنهنجي آئي مديني کي عزت ملي، ڀلي ڀلي آئين اي ڀلارا داعي (خدا ڏي سڏيندڙ)
گهرن ۾ عورتون خوشي مان هڪ ٻئي کي مٺي محمدﷺ جي اچڻ جون مبارڪون پيون ڏين.
قبا جو ڳوٺ جاءَ محمدﷺ (محمد اچي ويو) ۽ الله اڪبر (الله سڀ کان وڏو آهي) جي نعرن سان گونجي رهيو هو. جتان ڪٿان توحيد ۽ رسالت جا ترانا پئي ٻڌڻ ۾ آيا. قبا جا رهاڪو نبي لاءِ نيڻ وڇائي، جي ۾ جايون ڏيئي رهيا هئا.
سبحان الله! ڪهڙو نه روح پرور منظر هو. انهن اکين تان قربان، جن ايمان جي سچائي سان مٺي محمد کي مرڪندي پئي ڏٺو.
حضرت انس بن مالڪ انصاري جيڪو ڏهن سالن تائين پاڻ ڪريمنﷺ جو خادم ٿي رهيو آهي سو چوي ٿو ته، آئون ان وقت ننڍو هئس. مون پوري زندگي خوشي سان ڀرپور اهڙو ڏينهن ڪونه ڏٺو، جنهن ڏينهن رسول الله اسان وٽ مديني ۾ آيو هو. سبحان الله! .
مدينه منوره کان 3 ميل اولهه ڏکڻ طرف قبا ڳوٺ جو ٻيو نالو عاليه به هو. جتي انصار مسلمانن جا گهڻائي خاندان آباد هئا. جن ۾ عمرو بن عوف جو خاندان وڌيڪ معزز هو، انهي خاندان جو سردار حضرت ڪلثوم بن هدم هو. پاڻ سڳوراﷺ قبا پهچڻ تي انهي ئي ڀلاري سردار حضرت ڪلثوم جا مهمان بڻيا هئا. ميزباني جي شرف ملڻ تي سردار ڪلثوم ۽ سندس خاندان خوشي ۾ نه ٿي ماپيا. حضرت ڪلثوم کي ميزباني جو شرف ملڻ، تقدير جو اهڙو فيصلو هو جنهن تي زمين آسمان ۾ رهندڙ هر هڪ مخلوق کي ريس پئي ٿي. ڀلا جنهن گهر ۾ رحمت للعالمين مهمان ٿي اچي، تنهن گهر کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو ماڳ مڪان ڀلارو ۽ برڪت وارو ٿي سگهي ٿو. آئون ته چوندس جنهن ويل حضرت ڪلثوم جي گهر رحمت للعالمين ﷺ مهمان ٿي ترسيل هئا، ان وقت ته، حضرت ڪلثوم جي گهر جو ملهه ۽ مانُ ته، عرش ڪرسي کان به مٿي هو.
پاڻ سڳورنﷺ جي قبا ۾ پهچڻ کان پهرين، مڪي مان هجرت ڪري آيل ڪيترائي اصحابي سڳورا به حضرت ڪلثوم وٽ مهمان طور ترسيل هئا.
قبا ۾ پاڻ سڳورا چار ڏينهن ترسيا. انهي دوران پاڻ هڪ مسجد جو بنياد وڌائون جيڪا هاڻي مسجد قبا جي نالي سان مشهور آهي. جنهن جي زيارت لاءِ اسان گنهگارن کي توفيق ملي هئي.
پاڻ سڳورن مسجد لاءِ جيڪو پلاٽ پسند ڪيو هو سو به حضرت ڪلثوم جي کجين جو کرو هو. بس انهي ئي جاءِ تي مسجد جو بنياد رکيائون.
اهي گهڙيون به ڪيڏيون نه مقدس هيون جو، انهي مسجد جي اڏاوت ۾ صحابه ڪرام سان گڏ پاڻ سڳورا به خود پٿر ڍوئي رهيا هئا. وڏا وڏا پٿر کڻندي جسم مبارڪ وزن سبب ڪٻڙو ٿي ويو ٿي. اهو ڏسندي هڪ صحابي في البديهه شعر چيو ته،
افلح من يعالج المساجدا
ويقر القرآن قائماً و قاعداً
(ڪامياب اهو آهي جيڪو مسجدون تعمير ڪري ٿو ۽ اٿي ويٺي قرآن شريف پڙهي ٿو.)
پاڻ سڳورا صحابي جي شعر جهونگارڻ سان گڏ پاڻ به جهونگاري رهيا هئا. عجيب منظر هو. عجيب جذبو ۽ ولولو هو.
شايد مسجد جي تعمير جو اهو منظر رب العالمين کي به وڻي ويو جو انهن ڪم ڪندڙ ڀلارن جي محنت صاب پئي ۽ سندن واکاڻ سان گڏ مسجد بابت سورت توبه جي آيت 108 نازل ٿي.
مسجد قبا ۾ اٺ هزار نمازين لاءِ گنجائش آهي. اسلامي تاريخ ۾ مسجد قبا سڀ کان پهرين مسجد آهي جنهن جو بناد پاڻ سڳورنﷺ جي هٿان رکيو ويو.
حديثن ۾ مسجد قبا جي فضيلت کي ڏسندي چئي سگهجي ٿو ته، ٽن مسجدن مسجد الحرام، مسجد النبي، مسجد الاقصيٰ کانپوءِ دنيا جي ٻين سڀني مسجدن کان فضيلت ۾ اها مسجد قبا وڌيڪ آهي. ڇو ته حديثن ۾ ٽن مسجدن کانپوءِ فقط مسجد قبا جي زيارت ڪرڻ بابت ترغيب ڏنل آهي. پاڻ سڳورا به پابندي سان هر ڇنڇر تي مسجد قبا ڏي ويندا هئا. اهڙي طرح رمضان شريف ۾ به ٻئي ڏهي جي آخر ۾ ضرور وينداهئا. انهي ڪري مسجد قبا جي زيارت سنت آهي. جيتوڻيڪ مدينه منوره ۾ مسجد نبوي کانسواءِ ٻيون به مسجدون آهن پر انهن جي اها حيثيت ناهي جيڪا مسجد قبا جي آهي. انهن ٻين مسجدن جي زيارت مسنون ناهي. وڻي ته وڃي وڻي ته نه وڃي. البت اهي مسجدون به ڏسڻ بهتر آهي. پر سنت ڪونهي جو هروڀرو ان جو اهتمام ڪجي. مون پنهنجي ساٿين کي مسجد قبا جي زيارت وقت اها ڳالهه واضح ڪري سمجهائي هئي.