مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

داخلا لاءِ گهربل سرٽيفڪيٽ:

داخلا لاءِ گهربل سرٽيفڪيٽ:
آخري ڊگري جو پاس سرٽيفڪيٽ (ڪم از ڪم انٽر يا ان جي برابر) پاس سرٽيفڪيٽ جي مارڪ شيٽ.
ڄمڻ جو سرٽيفڪيٽ
صحت جو سرٽيفڪيٽ (سرڪاري اسپتال جي سرڪاري ڊاڪٽر کان) 6 تازيون تصويرون ماپ 6x3
شاگردن جو تعارفي سرٽيفڪيٽ (جنهن درسگاهه ۾ پڙهيو ۽ رهيو آهي تنهن جو سربراهه لکي ڏئي)
شاگرد پاران هڪ اهڙو قسم نامو به جنهن ۾ هو لکي ڏئي ته آئون فرائض ۽ واجبات جي ادائگي سان گڏ يونيورسٽي جي قاعدنِ قانونن، ضابطن ۽ شرطن جو پابند رهندس ان جي خلاف ورزي نه ڪندس.
ڪنهن به شعبي ۾ داخلا جي لاءِ درخواست (گهربل سرٽيفڪيٽ، ڪاغذات وغيره) هر سال 23 آڪٽوبر کان 20 جنوري تائين يونيورسٽي جي هيٺئين اداره جي نالي موڪلي وڃي.
عمادة القبول والتسجيل، الجامعة الاسلامية بالمدينة المنورة.
(Deanship of Admission and Registration the Islamic University, Madinah Munawwarah)
يونيورسٽي طرفان هڪ مرڪزي لائبريري به آهي. جنهن ۾ مختلف موضوعن بابت ٽيهه هزار ڪتاب موجود آهن. اها لائبريري يونيورسٽي جي ٻين شعبن جي الڳ الڳ لائبريرين کان جدا آهي. يونيورسٽي طرفان ڊريس به ڏني وڃي ٿي. اهڙي طرح هاسٽل به آهي جنهن ۾ رهائش بسترا کاڌي خوراڪ جون سموريون سهولتون فراهم آهن. شاگردن لاءِ مستقل ڊسپينسري، ليبارٽري، ميڊيسن، ايڪسري مشين، آپريشن ٿيٽر، آپريشن جا جمله ڊاڪٽري اوزار وغيره هر شئي موجود آهي. يونيورسٽي جي گاڏين لاءِ ورڪشاپ به آهي، جتي گاڏين جي سروس ڪئي وڃي ٿي. اهي گاڏيون شاگردن کي مسجد نبوي ۾ نماز جي وقت کڻي اينديون ۽ کڻي وينديون آهن.