مذهب

مسڻ کان مديني تائين

ڪتاب ”مسڻ کان مديني تائين“ اوهان اڳيان پيش آهي. مڪي ۽ مديني جي تاريخ، تبرڪات ۽ زيارتن جي تفصيل سان حج جي هن سفرنامي جو ليکڪ مولوي محمد يامين شورو آهي.
Title Cover of book مسڻ کان مديني تائين

غزوه احد جي پس منظر ۾ اسلامي غزوات تي هڪ نظر:

غزوه احد جي پس منظر ۾ اسلامي غزوات تي هڪ نظر:
اڄ جيئن ته غزوه احد تي لکڻ لاءِ ڪجهه موقعو مليو آهي مناسب ٿيندو ته، اڳ ۾ اسان سيرت نبوي جي حوالي سان هن ڳالهه جو جائزو وٺون ته، آيا پيغمبرﷺ جي حڪم سان انسان جو جيترو رت وهيو آهي سو دنيا جي جنگي تاريخ جي لحاظ کان انسانيت لاءِ ڪيترو فائديمند ۽ ڪيترو نقصانڪار آهي. اسلامي تاريخ جو مطالعو ڪندڙ جديد تعليم يافته بنا غور فڪر جي هي اعتراض ڪن ٿا ته، اسلام تلوار جي زور سان پکڙيو آهي. جڏهن ته اسان کي تلوار جو زور گهٽ، ۽ اخلاق ۽ رواداري جو اثر وڌيڪ نظر اچي ٿو. مطلب ته اسلام جي پکڙڻ جو سبب اسلام جي اخلاقي تعليم آهي، نه ڪي تلوار جي ڌار.
اسلامي تاريخ ۾ پاڻ سڳورنﷺ جي حڪم سان ٿيندڙ دفاعي 27 غزوات (لڙاين) ۽ 60 کن سرايا (ڇاپه مار حملن، جهڙپن) ۾ ٿيندڙ جاني نقصان جو جائزو وٺنداسون ته، انهن سڀني ننڍين وڏين لڙاين ۾ ٻنهي ڌرين (مسلمانن ۽ ڪافرن) جي قتل ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد هڪ هزار ارڙهن (1018) ماڻهن کان مٿي ڪونهي. مدني زندگي جي ڏهن سالن دوران قتل ٿيندڙ ماڻهن جو اهو تعداد بنهه ٿورو آهي. جڏهن ته انهي ٿوري قتل، انسانيت کي خون سستي هجڻ، بي عزتي، بي آبروئي، ۽ حق تلفي کان هميشه لاءِ بچائي ورتو. جنهن جي نتيجي ۾ڏهن سالن جي ٿوري عرصي ۾اسلام جي اقتدار هيٺ آيل ڏهه لک چورس ميل ايراضي ۾ انسانيت پوري اطمينان، امن ۽ آرام سان سک جو ساهه کڻڻ لڳي.
دنيا جي جنگي تاريخ جي ترازو ۾ غزوات کي ڀيٽيندي ٻن عالمي لڙاين کي سامهون رکي ڏسبو ته، زمين آسمان جو فرق محسوس ٿيندو. ڇو ته، پهرين عالمي لڙائي (1914ع _1918ع) ۾ قتل ٿيل ماڻهن جو تعداد چوهٺ لک هو ته، ٻي عالمي لڙائي (1939ع _ 1945ع) ۾ قتل ٿيندڙ ماڻهن جو تعداد ساڍا ٽي ڪروڙ کان 6 ڪروڙ تائين هو. سڀئي پڙهيا لکيا ۽ جديد تعليم يافته ڄاڻن ٿا ته، انهن ٻنهي جنگين انسانيت کي ڪهڙو سک جو ساهه، امن آرام، ۽ اطمينان نصيب ڪيو. انهن لڙاين سواءِ خونريزي جي، انسانيت جي ٻي ڪهڙي خدمت ڪئي؟
انهن لڙاين کان علاوه وچ وارين صدين ۾ تحقيقاتي عدالتن ۽ ڪليسائن جي ظلم و ستم ۽ مذهبي جور و جبر جي نشانو بنيل ۽ قتل ٿيل انسانن جو تعداد به هڪ ڪروڙ ويهه لک تي پهچي ٿو. ايترو بي دريغ رت جون نديون وهائڻ کانپوءِ به دنيا ۾ امن قائم نه ٿي سگهيو ۽ انسانيت لڳاتار امن ۽ آرام، سک ۽ سلامتي لاءِ سڏڪندي واجهائيندي رهي.
پر مدني زندگي دوران ٿيندڙ سمورين اسلام ۽ ڪفر جي لڙاين ۾ سراسري ٻه اڍائي سو مسلمان شهيدن کي الڳ ڪري باقي اٺ سو کن فتنه پرور، فسادي، انسانيت لاءِ آزار بڻيل ناسوري ماڻهن جي مارڻ سان اهڙي ته، امن واري فضا قائم ٿي وئي جو هي مثال ان جو عملي ثبوت آهي ته، جيڪڏهن انهي دور ۾ شام يا عراق کان ڪا اڪيلي عورت زر زيور ۽ هيرا جواهر ساڻ کڻي اٺ تي چڙهي حج جي ارادي سان مڪي اچي ۽ پوءِ وري واپس وڃي ته کيس واٽ تي سوين ميلن جي اڙانگي سفر ۽ پنڌ جي باوجود ڪنهن به ماڻهو کان نقصان پهچڻ جو انديشو نه هو.
جيڪڏهن کيس ڪو ڊپ هو ته، فقط الله جو هو ۽ بس. ايترو امن ايترو سڪون انساني تاريخ ۾ ڪٿي به ڪونه ملندو. حالانڪه اسلام کان اڳ عربستان جي اها حالت هئي جو قبيلائي انتقامي ڪارروايون، گهرو لڙايون، معمولي ڳالهه تان لڙاين جا سلسلا صدين تائين پيا هلندا هئا. ڪنهن به ماڻهو جي نه جان محفوط نه مال محفوط. هنن جي انهي غير مهذب حالت کي ڏسي پاڙي جون وڏيون حڪومتون ته انهن تي حڪومت ڪرڻ لاءِ تيار نه هيون، ايتريقدر انهن ۾ وحشي پڻو موجود هو. پوءِ اهي ئي غير مهذب ٿوري عرصي ۾ دنيا جا مڃيل مهذب، عادل ۽ صالح انسان فقط اسلام جي اخلاقي تعليم سبب بڻيا.
غزوات ( پاڻ سڳورنﷺ جي اڳواڻي ۾ ٿيل لڙايون) جي حوالي سان هي ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته، پاڻ سڳورنﷺ توڙي صحابه ڪرام (خلافت راشده) جي دور ۾ جيڪي به لڙايون ٿيون سي قرآن شريف جي ٻن اصولن تحت ٿيون يعني هڪ ته، الفتنة اشد من القتل (فتنو قتل کان وڌيڪ نقصانڪار آهي) ٻيو ته، ولڪم في القصاص حياة يا اولي الالباب (اي عقلمندؤ! توهان لاءِ قصاص (خون جي بدلي) ۾ ئي زندگي/ جياپو آهي) فتنو ۽ قتل جيڪي سماجي براين جي پاڙ هئڻ سبب سماج لاءِ خطرناڪ وائرس جهڙو موذي مرض بڻيل آهن، اسلام تن سڀني مرضن جي جراثيمن جي پاڙ پٽي انسانيت کي آجپو ۽ جياپو ڏيڻ گهري ٿو.
ٿورن لفظن ۾ هينئن کڻي چئجي ته، اسلام جي تلوار، هڪ اهڙي معالج سرجن جي نشتر يا ڇري وانگر آهي جيڪو ڪنهن بيمار جي ناسوري عضوي کي وڍي ڌار ڪرڻ لاءِ آپريشن ڪري ٿو، ته جيئن باقي جسم انهي ناسور زده عضوي جي جراثيم لڳڻ کان بچي وڃي.
اسلامي غزوات جي قرآني اصولن کان هٽي ڪري، دنيا ۾ جتي به ۽ جيڪي به لڙايون ٿيون آهن يا ٿي رهيون آهن، تن ۾ انسانيت جي ڇوٽڪاري لاءِ نه ٿو وڙهيو وڃي بلڪه انهن ۾ ملڪ گيري جو هوس، اقتصادي ۽ معاشي وسيلن تي قابض ٿيڻ جو جنون، پوري دنيا کي دٻائي پنهنجي بالا دستي قائم ڪرڻ جهڙا خود غرض عناصر موجود آهن.
موجوده دور جي سپر طاقتن پاران وقت بوقت ٿيندڙ لڙاين کي انهي پس منظر ۾ ڏسي اصل حقيقت کي آساني سان پرکي ۽ پروڙي سگهجي ٿو. جنهن لاءِ ڪنهن به دليل ڏيڻ جي ضرورت ڪونهي. قلم روڪي لکيل سٽن جا ورق سميٽي، اٿي احد جبل ڏانهن راهي ٿيس.