مِنيٰ ۾ باهه جو درد ناڪ واقعو:
اوچتو ساٿين جي سجاڳ ڪرڻ تي خبر پئي ته منيٰ ۾ پهچي ويا آهيون. بس بيٺي ته اسان هيٺ لهي ڏٺو ته، تنبن جو ڪاٿوئي ڪونه هو. ڳڻپ کان ٻاهر تنبن ۽ ماڻهن جي رش وچان هلڻ خاص ڪري منهنجي لاءِ وڏو مسئلو هو. نيٺ جيئن تيئن ڪري وڃي پنهنجي مڪتب 17 جا تنبو هٿ ڪياسون. جتي ڪافي ڳولا کانپوءِ اسان جو تنبو نمبر 69_61 نظر آيو ۽ اسان لڳ ڀڳ پوڻين ٻارهين وڳي تنبو ۾ داخل ٿياسون. ماڻهن جي گهڻائي سبب ويهڻ جي جاءِ نظر نه پئي اچي. تنبو ۾ سنڌي ٻولي وارا گهڻا هئا. هڪ هنڌ ٿوري جاءِ ڏسي اوڏانهن وک وڌائي سون ته اتي ليٽيل هڪ پوڙهي کي وڏو سلام ڪري خوش کينڪار ڪئي سون ته جيئن ڀر ۾ ويهڻ ڏئي. سلام کانپوءِ پڇيوسون ته، چاچا توهان ڪٿي جا آهيو؟ پوڙهي پنهنجي اکين تي چڙهيل چشمي کي سڌو ڪري وراڻيو ته، مان لاڙڪاڻي جو هان. اسان اتي ويهڻ واري ڪئي ته، پوڙهي يڪدم گرم ٿي چيو ته، ڀائو! هتي جاءِ ناهي. اسان جا همراهه وضو ڪرڻ ويا آهن سي اجهو ٿا اچن. توهان وڃي پنهنجو تنبو تلاش ڪري اتي ويهو. توهان جو اسان ٺيڪو ته ڪونه کنيو آهي جو سر تي چڙهي اچي ويٺا آهيو! هتان اٿي وڃو!! پوڙهي جي تلخ ڪلامي ۽ کهري ڳالهائڻ تي آئون ته پلٿي هڻي ويهڻ بجاءِ اوڪڻو ٿي ويٺس ۽ سامان جي ٿيلهي ۾ به منهنجا هٿ پيل هئا جڏهن ته ٻيا ساٿي بيٺا ئي هئا. اسان جي گروپ ليڊر جاويد چيو ته، توهان هتي ئي بيهو ۽ آئون دفتر وارن کي وڃي ٿو شڪايت ڪريان ته، توهان اسان کي تنبو جو نمبر ته الاٽ ڪيو پر اتي ويهڻ جي جاءِ ته آهي ئي ڪونه. جاويد کي روانو ٿئي ڪي چند منٽ گذريا هوندا ته، اسان تنبو ۾ ويٺي ٻاهر ماڻهن جون رڙيون ۽ دانهون ٻڌيون ته، ڀڄوڙي ڀڄو! تنبن کي باهه لڳي وئي!! پوءِ ته ڪنهن به ڪنهن جو خيال نه ڪيو، هر ڪنهن جي ڀڄ ڀڄان شروع ٿي وئي. آئون ته اوڪڻو ويهي سامان جو ٿيلهو هٿ ۾ جهليو ويٺو هوس سو اٿي ڀڳس. تنبو مان ٻاهر نڪري ڏسان ته، ماڻهو ويچارا ساهه بچائي ٻاهر نڪرڻ لاءِ هڪ ٻئي کي لتاڙي، چيڀاٽي رهيا هئا. تنبن جي چوڌاري هر مڪتب وارن پنهنجي طرفان لوهي چادر جي الڳ ڪمپائونڊ وال ڏني هئي جنهن جي هر حلقه کي اولهه ۽ اوڀر طرف ٻه، ٻه ايمرجنسي گيٽ هئا. اهي ڳاڙهي رنگ وارا گيٽ ايترا ته سوڙها هئا جو ٻه ماڻهو گڏ لنگهي به نه ٿي سگهيا. ماڻهن جي اٿلي پيل سمونڊ اهي دروازا ته ٽوڙي ڇڏيا پر لوهي چادر جي کڙي ڪيل ديوار به ٽٽي وئي. آئون به ٿڙهي ڦٿڪي تنبن مان ٻاهر نڪتس ۽ تنبن جي ٺاهيل حلقن وچان گذرندڙ هڪ گِهٽي وٺي تکو تکو هلڻ لڳس.
پوئتي جو مڙي ڏٺم ته، مار! باهه جو دونهون آسمان سان پيو چوٽي گسائي، ۽ باهه واچوڙي وانگر اسان جي پويان ڪاهيندي پئي اچي. بس پوءِ ته اسان جي ڀڄڻ جي رفتار اهڙي هئي جيئن ڪا فُل اسپيڊ هلندڙ گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري وڃي. تنبن ۾ گيس سلينڊرن جي ڦاٽڻ سان طاقتور بمن جهڙا زور دار ڌماڪا ٿيڻ شروع ٿيا. سلينڊرن جي ڦاٽڻ سان تنبن جي چوٽي کي باهه لڳي وئي ٿي. جيئن ته گيس سپلائي ڪندڙ کاتي پاران تنبن جي پاسي کان گيس سلينڊر سيٽ ڪري انهن کي عارضي ڪنيڪشن ذريعي هڪ ٻئي سان ڳنڍيو ويو هو ته باهه لڳڻ وقت گيس سلينڊر ڦاٽي پيا ٿي ۽ ڌماڪي سان گيس جي باهه تنبن جون چوٽيون ساڙڻ شروع ٿي ڪيون. تنبو جي هڪ چوٽي کان ٻئي تنبو جي چوٽي تائين باهه ترڪندي ڀڳي پئي وئي. اهڙي صورت ۾ تنبو باهه جي وڪڙ ۾ اچي ٿي ويا ڇوته سلينڊر تنبن جي پاسن کان چوڌاري رکيل هئا.
انهي ڪري باهه جي گهيري ۾ ڦاسڻ جي ڊپ کان سڀڪو جان بچائي پوري اسپيڊ سان ڊوڙي ڊڪي رهيو هو. ڪنهن کي ڪا خبر نه هئي ته ڪيڏانهن پيو وڃي پر مڙيئي منهن ڪريو پئي ويو. جيئن به ڪو ڌماڪو ٻڌو سون ٿي ته، اسان جي ڀڄڻ جي رفتار اڃا به وڌي ٿي وئي. حالانڪه هن باهه جي حادثي کان اڳ بخارن جيڪري ڪمزوري سبب آئون هلي به ڪونه ٿي سگهيس، پر جڏهن سر جي لڳي ته، ڄڻ مون کي نه ڪو بخار هو نه ڪي ڪمزوري. پاڻ کي بنهه صحتمند ۽ طاقتور سمجهي ٻين سان گڏ ڊوڙندو پئي ويس. باهه کان ڀڄندڙ لکين ماڻهو ڪي مزدلفه واري روڊ ڏي، ته ڪي انهي پاسي جبلن ڏي ته ڪي وري مڪي شريف ڏي ويندڙ مين روڊ ڏي ڪاهيندا ويا. آئون به مڪي واري مين روڊ ڏي ڀڄندڙ ماڻهن ۾ شامل هئس.
گهڙي جو گهڙي ۾ سڪون ۽ اطمينان واري فضا شور ۽ گوڙ، هل هنگامن ۽ حادثن ۾ تبديل ٿي وئي. فائر برگيڊ، سعودي هلال احمر ويلفيئر ادارن جي گاڏين ۽ فلاحي شعبن جي ماڻهن جي هنڌين ماڳين وٺ وٺان شروع ٿي وئي. ٻرندڙ باهه مٿان ٽي هيليڪاپٽر به پاڻي وسائيندا نظر آيا. منيٰ، مڪي، عرفات ۽ جده مان آيل فائر برگيڊ زوردار پريشر سان پاڻي جو مينهن وسائي رهيا هئا. هيٺان ۽ مٿان پاڻي جي طوفاني وسڪاري باوجود باهه تي پاڻي نه ڄڻ گاسليٽ يا پيٽرول وسي رهيو هو. جيئن پوءِ تيئن باهه تيز ٿيندي وئي ۽ ملڪ ساڙيندي اڳتي وڌندي وئي. منيٰ جي تنبن وارو ميدان اڪثر ڪري باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويو هو، جتي پري کان رڳو ڪارو دونهون ئي دونهون پئي ڏٺو. خدا جي قدرت! باهه لڳڻ شرط زور دار تيز هوا شروع ٿي وئي، جنهن هيڪاري حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو.
حالانڪه باهه لڳڻ کان ٻه ٽي منٽ پهرين هوا جو نالو نشان به ڪونه هو، اهڙي ته سخت گرمي هئي جو ڄڻ سج مان شعلا پئي نڪتا جيڪي اسان جي جسم کي ساڙي رهيا هئا، پر هوا جي تيز رفتاري باهه وسائڻ جا سمورا حيلا وسيلا بيڪار بنائي سرڪاري توڙي خانگي ادارن کي بنهه بيوس ڪري ڇڏيو.
باهه کان ڀڄي ٻاهر نڪتل ماڻهن مان ڪي ته پنهنجا وڇڙي ويل عزيز ۽ دوست ياد ڪري روئي رهيا هئا ته ڪي پاڻ کي رب جي حضور ۾ قصور وار سمجهي پنهنجي ڪوتاهين جي معافي گهري رهيا هئا ته ڪي وري جهولي جهلي ٻاجهاري ڌڻي کي رحم جي اپيل ڪري رهيا هئا.
باهه جي شروعات اسان جي مڪتب 17 جي ڀر واري مڪتب 16 وٽان ٿي هئي جتي هندستاني حاجين جا تنبو هئا. بر وقت باهه لڳڻ جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو. ماڻهن جون دانهون، رڙيون ۽ هيڏانهن هوڏانهن پناهه لاءِ ڀڄ ڊڪ وارو ڀيانڪ منظر هو بهو قيامت جو ڏيک هو. اسان ته منيٰ ۾ ڄڻ قيامت ٿيندي ڏسي رهيا هئاسون. انهي افراتفري ۾ ڪابه خبر پئي نه سگهي ته ڪير مئو؟ يا ڪير بچيو؟
اسان ٻپهرن جي ٽانڊا وسائيندڙ اُس ۾ هوش حواس وڃائي خلق جي وڏي انبوهه سان گڏ غير ارادي طور مڪي وارو روڊ وٺيو ڀڄندا پئي وياسون. منهنجا ٻه ساٿي جاويد هزاروي ۽ رئيس عبد الغني سومرو باهه جي خوف کان خبر ناهي ڪيڏانهن منهن ڪري ڀڄي ويا هئا البت هڪ ساٿي رحيم ڏنو سمون جيڪو مون جهڙو اڀرو ۽ جهونو هو سو تنبن مان ڀڄي نڪرڻ کانپوءِ ڪنهن گهٽي ۾ گڏجي ويو هو، اهو مون سان گڏ هو. جڏهن اسان ميل سوا کان به وڌيڪ پنڌ ڪيو ته، مون رحيم ڏني کي چيو ته، هل ته ڪنهن ويجهي مسجد ۾ دم پٽيون. مسجد کانسواءِ ٻئي هنڌ پاڻ کي ڪو ويهڻ به نه ڏيندو اها صلاح ڪري ٿورو اڳتي هلياسون ته، مڪي واري مين روڊ لڳ هڪ ڪشادي عالي شان مسجد عمر فاروق نظر آئي. بس اتي وڃي سامان رکيوسون ۽ وضو ڪري اڳين نماز پڙهي سون. نماز ۽ دعا کان فارغ ٿيڻ تي حواس ڪم ڪرڻ لڳا ۽ ڀانتم ته هوش ۾ اچي ويو آهيان. هيستائين مون کي ڪابه سڌ نه هئي ته آئون بيمار آهيان يا تندرست. شايد منهنجو حساس ذهن باهه واري حادثي کان شديد متاثر ٿيو هو. مون محسوس ڪيو ته، بخار جو ٽمپريچر بي انتها وڌيل آهي. بدن ٽانڊا ٿي ويو آهي. مٿي ۾ سخت سور سبب دماغ جي رڳ ڦاٽڻ جو انديشو ٿي پيم. انهي ڪري ٿيلهي مان گوريون ڪڍي وزن کان به ٻيڻيون کائي ويس. گهڙي کن ليٽي پوڻ سان بخار جي ٻرندڙ باهه کي ڪجهه ڇنڊو لڳو ته مٿي جو سور به هلڪو ٿيو.
جڏهن ڪجهه سامت م آيس ته، ذهن ۾ هي سوچ آئي ته، مسجد جا ملازم عرب سڳورا هتي رهڻ ڪونه ڏيندا، هونئن به عرب ڌارئي ملڪ جي ماڻهن کي گهٽ سهندا آهن. ٻيو وري جي چونداسون ته پاڪستاني آهيون ته پوءِ ڪهل ڪرڻ بجاءِ ٿڏا هڻي ڊوڙائي ڪڍندا، تنهنڪري انهن جي تڙڻ کان اڳ ۾ ئي نڪرڻ جي ڪجي، اهو سوچي اسان ٻئي مسجد مان ٻاهر نڪري اچي روڊ تي بيٺاسون. اهو ٽائم لڳ ڀڳ 3 وڳي جو هو.